پوليس ڏانهن وڌندڙ هٿ ڀڃي ڇڏينداسين، حڪومتي رِٽ قائم ڪرڻ لاءِ پوليس کي فري هينڊ ڏئي ڇڏيو: محسن نقوي

0
161
پوليس ڏانهن وڌندڙ هٿ ڀڃي ڇڏينداسين، حڪومتي رِٽ قائم ڪرڻ لاءِ پوليس کي فري هينڊ ڏئي ڇڏيو: محسن نقوي
پوليس ڏانهن وڌندڙ هٿ ڀڃي ڇڏينداسين، حڪومتي رِٽ قائم ڪرڻ لاءِ پوليس کي فري هينڊ ڏئي ڇڏيو: محسن نقوي

پنجاب جي نگران وڏي وزير طرفان گذريل هفتي پيش آيل واقعن تي جي آءِ ٽي جوڙڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، پوليس ڏانهن وڌندڙ هٿ ڀڃڻ جو اعلان، حڪومتي رٽ قائم ڪرڻ لاءِ پوليس کي فري هينڊ ڏنو ويو

پنجاب جي نگران وڏي وزير محسن نقوي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته پوليس ڏانهن وڌندڙ هٿ ڀڃي ڇڏينداسين، حڪومتي رِٽ قائم ڪرڻ لاءِ پوليس کي فري هينڊ ڏئي ڇڏيو آهي، ڪنهن کي قانون هٿ ۾ کڻڻ نه ڏينداسين

نگران وڏي وزير محسن نقوي چيو ته پوليس تي الزام ۽ ڌمڪيون ڏيڻ جو ڪنهن کي به حق ناهي، ڪنهن کي آءِ جي ۽ ڊي پي او تي اعتماد ناهي ته پوليس جي سيڪيورٽي واپس ڪري، سياسي سرگرمين جي اجازت آهي، پر ائين نه ٿيندو ته پوليس کي گاريون ڏيون ۽ سيڪيورٽي به وٺو

هن جو چوڻ هو ته  زمان پارڪ ۾ دهشتگردن جي موجودگي جا ثبوت آهن، حڪومتي رٽ هر صورت ۾ قائم رکي ويندي، اسان رتوڇاڻ نٿا چاهيون، ڪوشش آهي ته ڪا اهڙي ڳالهه نه ٿئي جو ڪنهن کي نقصان ٿئي

هي به پڙهندا

زمان پارڪ ۾ آپريشن: پوليس گيٽ ٽوڙي عمران خان جي گهر ۾ داخل، هٿيار هٿ