پورهيتن جو عالمي ڏينهن ۽ جدوجهد جي تاريخ

0
310
پورهيتن جو عالمي ڏينهن ۽ جدوجهد جي تاريخ

 اڄ پهرين مئي، دنيا جي مظلوم مزدورن جي فتح  جو عالمي ڏينهن آهي. دنيا جي پهرين مهاڀاري جنگ جي خاتمي کانپوءِ، پورهيتن جو خون ولوڙي صنعتون پروان چڙهيون، جن جو اهڙو پورهيت دشمن رويو گھڻو وقت جٽاءُ ڪري نه سگھيو. مظلوم مزدور جڏهن مِڙي مُٺ ٿيا ته دنيا جو رنگ ئي تبديل ٿي ويو. مزدورن جي جدوجهد دنيا جي مظلومن، پورهيتن کي اُتساهه ڏنو. اهو اُتساهه، هر سال مئي مهيني جي پهرين تاريخ تي، مزدور جدوجهد جو احساس ڏياري ٿو. پهرين مئي هڪ پيغام آهي دنيا جي هر مظلوم ۽ محڪوم لاءِ؛ جيڪو ڏس ڏئي ٿو، حقن جي حاصلات جو، جنهن لاءِ لازم ناهي ته انقلاب جي ابتدا محلاتن مان ٿئي. اگر پورهيت جو پگھر ڪنهن مل جي چمني ٻاري سگھي ٿو ته، سرمائيداراڻي سوچ کي ساڙي به سگھي ٿو. پورهيت جي پگھر جو ڦڙو، انقلاب لاءِ راهه هموار ڪرڻ جي سگھه رکي ٿو. جيڪڏهن سرمائيداراڻي سوچ خلاف اٿي پوندڙ پورهيت، پنهنجي پورهئي جو وقت مقرر ڪرڻ لاءِ آواز بلند نه ڪن ها ته، اڄ دنيا جو هر پورهيت ڏهه کان سورنهن ڪلاڪ گھٽ اجرت تي ڪم ڪرڻ تي مجبور هجي ها.

پهرين مئي جي ڪارڻ ۽ ڪاميابيءَ بابت مزدور جدوجهد جي تاريخ ڏسي ٿي ته: دنيا جي پهرين باقاعده ٽريڊ يونين 1827ع ۾ فلاڊلفيا ۾ پندرنهن يونين کي ملائي ٺاهي وئي، جنهن کي يونين آف ٽريڊ ايسوسيئيشن جي نالي سان منظم ڪيو ويو. مزدورن جو سڀ کان پهريون مطالبو هو ته ڪم جو اڻ ڄاڻايل مدو ختم ڪيو وڃي ۽ اهو مدو ڏينهن ۾ ڏهه ڪلاڪ مقرر ڪيو وڃي. ان وقت مزدورن کي 24 ڪلاڪن ۾ ارڙهن ڪلاڪن کان ويهه ڪلاڪ مزدوري ڪرڻي پوندي هئي. هر سرمائيدار جو پنهنجو پنهنجو ذاتي جيل هو، جتي مزدورن سان جانورن کان بدتر سلوڪ ڪيو ويندو هو.

مزدورن لاءِ کاڌ خوراڪ جو ڪو به مناسب بندوبست نه هو. سرمائيدارن جي ظلم ۽ ستم کان تنگ اچي مزدور پنهنجن جائز حقن کي حاصل ڪرڻ لاءِ اٿي کڙا ٿيا، انهن جو سڀ کان اهم مطالبو ڪم ڪرڻ واري وقت کي گهٽائڻ هو. ڪم ڪرڻ جي وقت کي گهٽائڻ جو اِهو مطالبو آهستي آهستي آمريڪا کانپوءِ دنيا ۾ زور وٺندو ويو. ان مطالبي کي مڃرائڻ لاءِ 1861ع ۾ آمريڪا ۾ کاڻين ۾ ڪم ڪندڙ مزدور ۽ بوائلر جا مزدور پاڻ ۾ متحد ٿي ويا.

مزدورن جي ان اتحاد ٻين مزدورن ۾ همت پيدا ڪئي، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو جو 1863ع ۾ آمريڪا ۾ ويهه مزدور انجمنون وجود ۾ اچي ويون ۽ ان جي ٻئي سال ٽيونجاهه وڌيڪ انجمنون قائم ٿي ويون. 1864ع ۾ سگريٽ ٺاهيندڙ ۽ سامونڊي جهازن جا مزدور ۽ 1865ع ۾ سِرون ٺاهيندڙ مزدور، 1866ع ۾ کڏن تي ڪم ڪندڙ (سلڪ لومز) مزدور ۽ ٽوپيون ٺاهيندڙ مزدور به متحد ٿي چڪا هئا. 20 آگسٽ 1866ع تي بالٽيمور جي جاءِ تي آمريڪا جي سڀني مزدور يونين جا نمائندا گڏ ٿيا.

انهن سڀني نيشنل يونين آف ليبر جي نالي سان هڪ گڏيل تنظيم قائم ڪئي. 1880ع ۾ يورپ، ڏکڻ ۽ لاطيني آمريڪا، جاپان ۽ آسٽريليا ۾ به مزدور پنهنجن حقن لاءِ جدوجهد ڪرڻ لڳا. 1882ع ۾ جاپان ۾ ٽرام وَي جي ورڪرن هڪ زبردست هڙتال ڪئي. 1884ع ۾ مزدورن جي فيڊريشن گڏيل جدوجهد لاءِ شڪاگو ۾ هڪ وڏو ڪنوينشن سڏايو. ان موقعي تي ڪيل هڙتال دنيا جي پهرين هڙتال ثابت ٿي، جنهن ۾ مطالبو ڪيو ويو ته پهرين مئي 1886ع کان مزدورن جي ڪم ڪرڻ جو وقت ڏينهن ۾ اٺ ڪلاڪ مقرر ڪيو وڃي. ان ڪنوينشن جي نتيجي ۾ 1884ع کان 1886ع تائين آمريڪا جي مختلف رياستن جي هڪ لک کان وڌيڪ مزدورن 22 هزار مختلف جاين تي ٽن هزارن کان مٿي هڙتالون ڪيون.

صرف آمريڪا ۾ پنج هزار هڙتالون هلي رهيون هيون، جنهن ۾ تقريبن 3 لک 50 هزار مزدور حصو وٺي رهيا هئا. 1885ع ۾ روس جي شهر ماسڪو ۾ ۽ 1886ع ۾ فرانس ۾ ٿيل هڙتالون به ان سلسلي جون ڪڙيون هيون. حڪومت سرمائيدارن جو ساٿ ڏنو ۽ مزدورن جي مطالبن کي ڪا به اهميت نه ڏني. ان وقت شڪاگو هڪ وڏي صنعتي شهر سان گڏوگڏ مزدور تحريڪ جو مرڪز به هو. پهرين مئي 1886ع تي اسڪارپ هارويسٽر ڪمپنيءَ شڪاگو ۾هڙتال شروع ڪئي، جنهن ۾ پنجاهه هزار مزدورن حصو ورتو. سرمائيدارن ان هڙتال کي ناڪام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر ان ۾ ڪامياب ٿي نه سگهيا. ان جو نتيجو اهو نڪتو جو فلاڊلفيا، مل والڪي- سينٽ لوئيس- ڪنٽيڪي، بالٽي مور، واشنگٽن، نيويارڪ ۽ هوسٽن جهڙن وڏن شهرن ۾ لکين مزدور روڊن ۽ رستن تي نڪري آيا.

هنن پنهنجن حقن لاءِ مظاهرا ڪيا ۽ جلوس ڪڍيا. انهن احتجاجي مظاهرن تي سرمائيدارن ۽ حڪومت جي اشارن تي پوليس فائرنگ ڪئي، جنهن ۾ ڪئين مزدور مارجي ويا. سرمائيدار ۽ حڪومت مزدورن کي انهن جا حق ڏيڻ لاءِ تيار نه هئا ۽ مزدور پنهنجن جائز حقن کي ڇڏڻ لاءِ تيار نه هئا. ٽئين ڏينهن يعني 3 مئي تي شڪاگو ۾ لکين مزدور احتجاجي مظاهري ۾ شريڪ ٿيا. انهن تي پوليس فائرنگ ڪري ڏني، جنهن ۾ چار مزدور مارجي ويا ۽ ڪيترا زخمي ٿيا. ان واقعي جي خلاف 4 مئي تي احتجاج جو ڏينهن ملهايو ويو. پوليس هڪ پرامن ريلي تي فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ شڪاگو جي زمين مزدورن جي رت سان رڱجي وئي. شڪاگو جو جيل بيگناهه مزدورن سان ڀرجي ويو. قيد دوران مزدورن تي بي پناهه ۽ انسانيت سوز تشدد ڪيو ويو، جنهن ۾ ڪئين مزدور مري ويا. نيٺ مزدور پنهنجا حق حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. سرمائيدار ۽ انهن جو ظلم هارائي ويا ۽ سوڀ مزدورن جا قدم چميا.

اهو پورهيت جيڪو دنيا کي حَسين بڻائڻ لاءِ پنهنجو پگھر وهائي ۽ خون ولوڙي ٿو، اهو اڄ نامناسب ملندڙ اجرت سبب پنهنجي زندگي گھارڻ کان مجبور بڻيل آهي. وٽس وسائل جي کوٽ اڄ به هڪ سوال بڻيل آهي. هو اڄ به پنهنجن بنيادي حقن صحت، تعليم ۽ صاف پاڻيءَ جهڙي نعمت ۽ اٽي، لٽي ۽ اجھي جهڙي سهوليت کان محروم آهي. ضرورت آهي ان تي سوچڻ جي؛ مزدور جي خسته حالت جي ذميوار وقت جي سرڪار آهي، جنهن کي انهن جي مسئلن تي سوچڻ بعد ان کي فوري طور تي حل ڪرڻ گھرجي. سرڪار جيستائين پورهيت جي زندگيءَ ۾ ڪا معاشي تبديلي نه ٿي آڻي سگھي، تيستائين ملڪ ۽ عوام لاءِ ڪا بهتر پاليسي نه جڙي سگھندي. ڇو ته، پورهيت جي وهايل پگھر سان ئي وطن جي گلن ۾ سرهاڻ مهڪندي آهي. اڄوڪو ڏهاڙو اسان کي احساس ڏياري ٿو، ملڪ جي ترقيءَ ۽ تبديليءَ جو، اهڙي ترقي ۽ تبديلي مزدور جي تبديل معاشي حالتن کانسواءِ ممڪن ناهي.