سرخ تحريڪ جو سفر

0
157
سرخ تحريڪ جو سفر

 دنيا تمام گهڻي تبديل ٿي چڪي آهي. ويسر جي والار وڌي وئي آهي. هاڻي تمام ٿورڙن ماڻهن کي معلوم هوندو ته “پهرين مئي” جو پس منظر ڪهڙو آهي؟ سرڪاري ۽ نجي ملازمن جي لاءِ ته “يوم مئي” صرف موڪل جو ڏينهن آهي. اهو ڏينهن جيڪو آمريڪا کان سواءِ پوري دنيا ۾ سرڪاري سطح تي ملهايو وڃي ٿو، ان ڏينهن جي پويان هڪ وڏي تاريخي جدوجهد آهي.شڪاگو جي هڪ مارڪيٽ ۾ ٿيل مظاهرو، عالمي تحريڪ جو اهم ترين موڙ ڪيئن بڻيو؟ ان سوال تي سوچڻ جي لاءِ ڪنهن وٽ ڪهڙو وقت آهي؟ ڪڏهن ته مزدورن جي تحريڪ عوامي سياست جي مٿي جو موڙ هوندي هئي، پر اڄ پاڪستان ۾ ڪيترا سياستدان آهن؟ جن کي اهو معلوم هوندو ته مزدورن جي عالمي ڏينهن جو اصل پس منظر ڪهڙو آهي؟ جڏهن هيءَ دنيا ٻن ڪئمپن ۾ ورهايل هئي، جڏهن سوشلسٽ ڪئمپ سرخ جهنڊن سان پوري دنيا کي لال ڪرڻ جي جوش سان سرشار هئي، اهو وقت هاڻي ڌرتيءَ تي ايئن موجود ناهي، جيئن زندگيءَ جا اهي روپ، جيڪي ڪڏهن هئا ۽ هاڻي ناهن.

                 تاريخ جو اهو دور ڪنهن خواب جهڙو هو. جڏهن پهرين مئي تي پوري دنيا ۾ سرخ پرچم جُهولايا ويندا هئا، جڏهن سرخ نعرا لڳايا ۽ سرخ نغما ڳايا ويندا هئا، جڏهن ڪيترن ملڪن ۾ سرڪاري سطح تي مزدورن جي مان ۽ شان ۾ مارچون ٿينديون هيون. چين، لائوس، ڪيوبا، اتر ڪوريا، ويٽنام ۽ سوويت يونين ۾ ته اهو ڏينهن عيد جي ڏينهن جهڙو محسوس ٿيندو هو. جڏهن ڌوتل پوتل ۽ ڪلف ڪيل وردين ۽ مهٽي مهٽي چمڪايل لانگ بوٽن وارا سرخ سپاهي پنهنجي پنهنجي ٻوليءَ ۾ مزدورن جي عالمي فتح لاءِ پيش قدمين واريون مارچون ڪندا هئا ۽ وڏن نغارن تي “انترنيسنال” جون ڌُنون هلنديون هيون.

دنيا جا اهي ملڪ جن ۾ سوشلزم هو، اهي ته سراپا سرخ هوندا هئا پر دنيا جا اهي ملڪ، جن ۾ سرمائيداري هئي، اتي به انقلابي پارٽيون مزدورن سان يڪجهتيءَ لاءِ ڀرپور مظاهرا ڪنديون هيون. هاڻي ته ان دور جا نشان به ميسارجي ويا آهن. هاڻي ڪنهن کي ياد آهي ته ڪڏهن دنيا جا عظيم شاعر ۽ مقرر پنهنجي دل جي گهرائيءَ سان پورهيتن کي خراج تحسين ۽ خراج عقيدت پيش ڪندا هئا. پاڪستان جو سڀ کان وڏو شاعر فيض احمد فيض ڪيتري نه انقلابي ڪيفيت ۾ ٻڏي اهي ٻول لکيا هئا:

“هم محنت ڪش جگ والون سي

جب اپنا حصه مانگين گي

اڪ کيت نهين، اڪ ديس نهين

هم پوري دنيا مانگين گي”

اها هڪ ديس هي گُهر نه هئي، اها پوري دنيا تي دعويٰ هئي. هن دنيا کي مڪمل طور تي ڦرلٽ ۽ ناانصافيءَ کان بچائڻ جي سلسلي ۾ پنهنجو سِر تريءَ تي رکي جدوجهد ڪرڻ وارو ڪلچر ڪيڏانهن ويو؟ هاڻي اهي صدائون ڪٿي آهن؟ جيڪي هٿوڙن وانگر انقلاب دشمن مٿن مٿان وسنديون هيون!

علامه اقبال ڪيتري نه خوبصورتيءَ سان غم جي تصويرڪشي ڪندي لکيو آهي ته:

“آگ بجهي هوئي ادهر

ٽوٽي هوئي طناب ادهر

ڪيا خبر اس مقام سي

گذري هين ڪتني ڪاروان؟”

هن دنيا ۾ اهڙو سياسي ميوزيم به موجود ناهي، جنهن ۾ سرخ دور جون يادگيريون سجائي رکيون وڃن. جڏهن ته اهو ايترو سرڪش فڪر ۽ ايترو سياسي تحرڪ وارو دور هو، جو ان علامه اقبال جهڙي اسلامي فڪر واري دانشور شاعر کي به ان حد تائين متاثر ڪيو هو، جو هن پنهنجي فڪري مخالف ۽ ڪميونسٽ نظرئي جي باني جرمن فلسفي ڪارل مارڪس لاءِ اهي لفظ لکيا هئا ته:

“وه ڪليمِ بي تجلي، وه مسيحِ بي صليب،

نيست پيغمبر و ليڪن، در بغل دارد ڪتاب”

اهو مختصر ڪتاب جيڪو ڪارل مارڪس پنهنجي ساٿي فريڊرڪ اينگلس سان گڏجي 1848ع ۾ لکيو هو. جنهن جي ٽائٽل تي لکيل هو: “ڪميونسٽ ميني فيسٽو”، ان لاءِ چيو وڃي ٿو ته پوري دنيا ۾ بائبل کان پوءِ سڀ کان گهڻو شايع ٿيندڙ ڪتاب اهوئي آهي، جڏهن ته هن مهل اهو ڪتاب ڪيترن سياستدانن جي گهرن ۾ هوندو؟ اوهان کي جواب معلوم آهي. اهو ڪتاب جنهن جي پهرئين پني تي اها تحرير آهي ته، “دنيا جا پورهيتو! متحد ٿيو. اوهان وٽ وڃائڻ جي لاءِ صرف زنجيرون آهن”.هي اهو ڪتاب هو، جنهن جو ذڪر زيڊ اي ڀٽو وڏي فخر سان ڪندو هو. اهو ڪتاب صرف تحرير هو پر اهو ڪتاب تحريڪ هو. هڪ اهڙي تحريڪ، جيڪا هڪ پل ته علامه اقبال کي به جوش سان جهومائي وئي ۽ هن پنهنجي ڪتاب “بانگِ درا” ۾ دل جي ڀرپور امنگ سان پنهنجو نظم “لينن خدا ڪي حضور مين” لکيو آهي. جنهن ۾ اقبال لکي ٿو ته پهرين لينن خدا جي آڏو اها تقرير ٿو ڪري ته:

“آج آنکهه سي ديکها تو وه عام هوا ثابت

مين جس ڪو سمجهتا ٿا ڪليسا ڪي خرافات

جب تڪ مين رها خيمهء افلاڪ ڪي نيچي

ڪانٽي ڪي طرح دل ۾ کٽڪتي رهي يه بات

تو ڪيسا خداوند هي ڪه تيري جهان مين

هين تلخ بهت بنده مزدور ڪي اوقات

ڪب ڊوبي گا سرمايه پرستي ڪا سفينا؟

دنيا هي تيري منتظر اي روز مقافات”

لينن جو اهو خطاب ٻڌڻ کان پوءِ علامه اقبال لکي ٿو ته خدا فرشتن کي اهو حڪم ٿو ڏئي:

“اٺو ميري دنيا ڪي غريبون ڪو جگادو

ڪاخ امراءَ کي در و ديوار هلادو

جس کيت سي ميسر نهين دهقان ڪو روزي

اس کيت ڪي هر خوشهء گندم ڪو جلادو”

اهو پورو نظم طويل آهي پر تمام خوبصورت ۽ ڀرپور روانيءَ وارو آهي. اهو نظم علامه اقبال جي اعليٰ نظمن مان هڪ آهي. مزدورن جي حمايت ۽ انهن سان يڪجهتيءَ جو اظهار پوري دنيا ۾ ڦهليل هو پر اهو فانوس هاڻي ان ستاري جهڙو آهي، جيڪو وسامي ڪرپشن جي بليڪ هول ۾ هليو وڃي. هاڻي يوم مئي صبح جو دير تائين سمهندڙ شاعر ۽ اديب ان پيڙا کي ڪٿي تخليقي طور تي بيان ٿا ڪن، جيڪا پيڙا اڄ به پنهنجي پوري شدت سان موجود آهي.

ڇا دنيا جي سمورن مزدورن کي انهن جا انساني حق حاصل ٿي ويا آهن؟ ان سوال جو جواب هڪ ڀيرو نه پر هر ڀيري نهڪر ۾ آهي. اڄ به پوري دنيا جا پورهيت زندگيءَ کي زهر جي قطري قطري وانگر پنهنجي نڙيءَ ۾ لاهي رهيا آهن. اها الڳ ڳالهه آهي ته دنيا ۾ هر ملڪ جا مزدور الڳ الڳ قسم جي محڪوميءَ جو شڪار آهن. آمريڪا ۽ يورپ جا جيل تمام گهڻا جديد آهن، پر آهن ته جيل! جيڪڏهن ائين نه هجي ها ته اياز ڇو لکي ها؟

“پورهيت لاءِ پرديس به ساڳيو

ديس به ساڳيو…..!!”

اهو سوڊان جتي اڄ ٻه جنرل پنهنجي پنهنجي لشڪرن سان پوري ملڪ کي تاراج ڪرڻ جي مهم ۾ مشغول آهن، ان سوڊان ۾ پاڪستان جا مزدور موت جي پاڇي ۾ به پنهنجو ڪم ڇڏڻ لاءِ تيار ناهن. عرب ملڪن ۾ جهڙي طرح عياش عرب پاڪستان جي ملازمن سان ذلت آميز سلوڪ رکندا آهن پر پوءِ به هڪ ننڍي ڪمري ۾ فارمي ڪُڪڙين وانگر سٿيل انسان صرف ان لاءِ سمهندا آهن ته جاڳي ان پورهئي ۾ جنبي وڃن، جنهن مان انهن جو ۽ انهن جي خاندانن جو پيٽ ڀرجي سگهي.

مزدورن جي عالمي تحريڪ مري چڪي آهي. اها تحريڪ، جنهن يورپ ۾ سرمائيداريءَ سان گڏ جنم ورتو هو. 19هين صديءَ جو جوش ۽ جنون ئي الڳ هو. انگريزيءَ ۾ لکيل اهي پراڻا ناول عجيب قسم جا منظر پيش ڪن ٿا، جڏهن معصوم ٻار ٽوپيون پائي ڪارخانن جو چمنيون صاف ڪندا هئا. انهن تي انگريز شاعرن جا نظم دل ۾ درد جي ڪيفيت پيدا ڪن ٿا. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته سرمائيداري نظام پنهنجي پوري سگهه جو مظاهرو انگلينڊ ۾ ڪيو پر فرانس انقلابي فڪر سان سرشار ملڪ هو. اهو فرانس ئي هو، جنهن جي مک شهر پيرس ۾ 1889ع ڌاري مارڪسسٽ انٽرنيشل ڪانگريس جو اجلاس ٿيو هو ۽ ان ۾ فيصلو ڪيو ويو ته “پورهئي جو وقت 8 ڪلاڪ” ڪرڻ جي سلسلي ۾ عالمي تحريڪ هلائڻ جي ضرورت آهي ۽ ان حوالي سان “پهرين مئي” جو ڏينهن عالمي سطح تي مزدورن جي حقن لاءِ طئه ڪيو ويو، ڇو ته شڪاگو ۾ 1886ع ڌاري 8 ڪلاڪن وارو حق وٺڻ جي سلسلي ۾ پهرين مئي تي مظاهرو ٿيو هو. ان مظاهري ۾ ڪنهن نامعلوم شخص پوليس جي مٿان بم اڇلايو هو ۽ ان جي موٽ ۾ پوليس گولين جو مينهن وسايو هو. ان فائرنگ ۾ هڪ معصوم ٻار به مري ويو هو. ان کان پوءِ سوين مزدور ۽ مزدور اڳواڻ گرفتار ٿيا. انهن مان ڪيترائي جيلن ۾ اماڻيا ويا ۽ ڪيترن کي ڦاسين تي لڙڪايو ويو.

شڪاگو ۾ مزدورن جي وهيل خون مان روشن ٿيل شمع کي پوري دنيا ۾ جلائي سرخ سوجهرو ڪرڻ واري تحريڪ جا پرنور ڪرڻا سنڌ ۾ به ٽڙيا پکڙيا. حيدربخش جتوئيءَ کان وٺي رسول بخش پليجي تائين تمام ذهين، هوشيار ۽ لکيل پڙهيل انسان اقتدار لاءِ ايلازن واري سياست ڪرڻ بدران اصولن واري جدوجهد جو گس وٺي آخري ساهه تائين هلندا رهيا.

اڄ سنڌ جي سياست اداس آهي، ڇو ته ان سياست ۾ اهو اتساهه نه آهي، جيڪو اڳ ۾ هو. جهڙي طرح سان لطيف چيو آهي ته:

“ڪالهوڪو ڪيڏانهن ويو، سندو جوڳين جوش؟”

اڄ اهو ڪجهه ناهي، جيڪو ڪالهه هو. جڏهن ته سنڌ ۾ اڄ به مزدور ۽ پورهيت ماني ڳڀي لاءِ حيران ۽ پريشان آهن، پر انهن جا حق وٺڻ ۽ انهن جي حمايت ڪرڻ واري سياست جو پري پري تائين ڪو اتو پتو ناهي. مزدور اڄ به بک مري ٿو. مزدور اڄ به ڏک ڏسي ٿو. مزدور اڄ به پنهنجي جيون جو بار يوناني ديومالا جي ڪردار سسيفس وانگر گهلي رهيو آهي پر هن جي حامي سياست اقتداري اوٽ ۾ ڇپي وئي آهي.

اها ڪيتري نه تلخ حقيقت آهي ته 18هين صديءَ جي اٺين ڏهاڪي ۾ يورپ ۽ آمريڪا ۾ جيڪا مزدورن جي تحريڪ پنهنجي پوري جوش سان جاڳي اٿي هئي، ان تحريڪ جو صرف هڪ نعرو هو. اهو نعرو ته: مزدور جي مزدوريءَ جو وقت 8 ڪلاڪ مقرر ڪيو وڃي. ان حق لاءِ انهن لٺيون به سٺيون ۽ گوليون به کاڌيون، پر هن مهل عام طور تي ملڪ ۽ خاص طور تي سنڌ ۾ بيروزگاريءَ جو راڪاس ايترا راڙا ڪري رهيو آهي، جو اسان جا پورهيت 8 ڪلاڪ واري حق تان دستبردار ٿيڻ لاءِ به تيار آهن. هو صرف مزدوريءَ جو حق گهرن ٿا. ڀلي ان جو وقت وڌايو به وڃي.