پنهنجي ڪهاڻي گهَرُ ۽ وَرُ..

0
170

                         “اڄ وري سوڍيءَ سان شَمون وڙھيو آ. مٿي ۾ کَٽ جو پائو ھنيو ٿَئِينسِ. رت ڳاڙيندي پھتي. ھاڻي ھاڻي اسپتال مان ملم پٽي ڪرائي آئي آھيانس..” زال سيل فون تي ٻڌايو، ته ڪوچ ۾ ويٺي ڌرڙي نڪري وئي.

                         “ھن دفعي نه ڇڏيندوسانس. سدائين مذاقون ڦٻي ٿيون وڃنسِ. پھچان ته فرياد ڪري خون جي ڪيسَ ۾ ٿو اڳڀرو ڪرايانس..”

“ھا، ائين ئي ڪَرِ. ويچاريءَ سُکُ ئي ڪھڙو ورتو آ مُئي ڪاسائيءَ جي گهر ۾. ٻه وَسَنِ جھڙيون شھزاديون ڌيئر ڄڻي ڏنيون ٿَئِينسِ. پُٽُ ھن جي وَسَ ۾ ته ڪونهي نه، جو ڄڻي ڏئيسِ. ڊاڪٽرن به چيو ٿَسِ ته، اِھا ڪمزوري تو ۾ آ. تڏهن به مَتِ نه ٿي اچيسِ. ڦِري ڦِري ڏوھَ سوڍيءَ تي ئي ٿو ڏئي ۽ ھاڻي به اھو اَئوٽو ڏئي ٻهِ ھَٿياڙيو پائو ھڻي مَرڻ جيئڻ جي نه ڪئي ٿَئين..”

                         “مان ٻن ڪلاڪن ۾ پھچان ٿو. اڳيون پويون سڀ ڪسرون ڪڍانس ٿو. سوڍيءَ جي طبيعت ڪيئن آ؟..”

                         “مٿي جي ھڏي کي ٿوري چَٻَ آئي ٿَسِ. سورَ جون دانهون ڪري ٿي. پر ڊاڪٽرن خطري جھڙي ڳالهه نه ڪئي. نه ته مان ته داخل ڪرڻ وئي ھُئيمانس..”

“ٺيڪ آ. خيال رکجانس ۽ ڌيئر به سنڀالجانسِ. ھاڻي اھي سوڍيءَ سميت پاڻ وٽ رھنديون. انهن جي کارائڻ ۾ مالڪ نه کُٽائيندو..”

“ائين ئي ڪر. ڇڏاءِ ويچاريءَ جي سورن مان جِندُ. مان ھن جھڙي سٻاجهڙيءَ جو ٻيلپو ڪندي ڪڏهن َارھي نه ٿينديس. ڇو ته ھيءَ منهنجي نِڙانَ نه سنگتياڻي به آهي. گهر ۾ ھونئن ئي تنهنجي امڙ جي لاڏاڻي کان پوءِ اڪيلو پئي گذاريم. ھن ھوندي ھاڻي نه رڳو منهنجي دل جي، پر گهر جي رونق به وڌندي. چڱو، تون خيرَ سان پَھُچُ.. “

زال فون بند ڪئي، ته مان خيالن جي جھانَ ۾ شمونءَ کي ھٿڪڙين ۾ جيل ڀيڙو ڪندي پنهنجي ھنيانوَ جي باھِ ماريندو رھيس..

ڪوچ منزل تي رسايو ته پنڌ وڃڻ بجاءِ رڪشا ۾ چڙهي گهر پھتس.

ٻاھريون در ٽپي اندر پيرَ ڌريندي زال کي چيم،”سَڏُ ڪر سوڍيءَ کي ته وڃئون ٿاڻي تي..”

“ھوءَ ته اِجهو ھاڻي وئي..” زال وراڻيو،”تنهنجو شمونءَ تي فرياد ڪرڻ جو ٻڌايومانس، ته بنا دير برقعو مٿي ۾ وجهي ڌيئن کي اڳ ۾ ڪري ويندي چوندي وئي، اُھي چريون مايون ھونديون آهن، جيڪي ايڏين معمولي ڳالهين تي گهَرُ ۽ وَرُ ڇڏينديون ھَنِ. مان نه ڇڏينديسِ..!”