وقت سان گڏ سنڌين جو سنڌ تان ايمان ختم ٿيندو پيو وڃي!

 

سنڌ ۾ وقت سان گڏ سنڌين جو سنڌ تان ايمان ختم ٿيندو وڃي ٿو، ڇو ته هن سنڌ ۾ سنڌين جي ڪو به ٻڏي نه ٿو، ايتري تائين جو وڏا وڏا احتجاج رڪارڊ ڪرايا ويا آهن پر هنن نظام ۾ ڪو به فرق نه آيو آهي ۽ هوبهو اهي سنڌ دشمن منصوبا ۽ چالاڪيون ڪندي ڪندي هي وقت اچي ويو آهي جو هاڻي سنڌي پنهنجي ڌرتي جا مالڪ به نه رهڻ طرف وڃن پيا، نتيجتن سنڌي ڪنهن به پنهنجي فيصلي جو مالڪ نه آهن جيڪڏهن ڪو به يا ڪا تنظيم اڳڀرائي ڪري به ٿي ته انهن جو وات پئسن سان ڀري بند ڪيو ٿو وڃي، پوءِ هو ڪلابازيون پيا کائيندا وتندا آهن، سنڌيو مڙي مٺ ٿيو، هڪ ٿيو، ڇڏيو نفرتون ۽ ننڍا ننڍا اختلاف، توهان جا پير ڪڍيا پيا وڃن، توهان جي سنڌ توهان کان کسجندي پئي وڃي، ڪجهه هوش ڪريو، ڪجهه بيدار ٿيو. ڌاري آبادي انگريزن ڪتن جي وقت کان سنڌ ڏانهن هلندي رهي ٿي، ڪڏهن جاگيرون ڏئي پنجابي نسل کي گهرايو وڃي ٿو ته ڪڏهنن پٺاڻن کي گهرائي افغانين ۾ سنڌ جي زمين هوڪا ڏئي پئي هلائي وڃي کپائي پئي وڃي.

 

انجنيئر وسيم چنا/سيوهڻ

 

رليف جي اميد ناهي بس رستا ٺهرائي ڏيو ته زندگيون بچن!

 

گذريل برساتن ۾ جيڪو نقصان ٿيڻو ھيو سو ٿيو، ڪيترا ئي غريب اٻوجھ بي گھر ٿيا! ڪيترن ئي ماڻهن جو اناج لڙھي ويو مال مري ويا! ان کان پوءِ وري ھٿرادو جھٽن فش فارمن جو پاڻي ويتر رھيل سڀ تباھ ڪري ڇڏيو! ھڪ مھيني کان ھلندڙ پاڻي جنهن ۾ اڃا تائين ڪا لاٿ ڪا گھٽائي نظر ڪو نه پئي اچي، پير وسڻ جا ڪيترائي ڳوٺ پاڻي جي گھيري ۾ اچي چڪا آھن، روڊن رستن تي چار کان پنج فوٽ پاڻي بيٺو آهي! جنهن سبب ڳوٺاڻا  ڪيترين ئي پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن! ھاڻي پريشاني ان ڳالهه جي آهي ته برساتن کان پوءِ سموري سنڌ ۾ ڪيترين ئي بيمارين منهن ڪڍيو آهي، جھڙوڪ مليريا، گئسٽرو، بخار وغيره ھر گھر ۾ ٽي کان چار مريض مليريا جا ملندا توهان کي، ماڻهن کي سرڪار طرفان ته ڪو رليف ڪو نه مليو آهي ۽ ملندو به ڪو نه شايد، غريب ويچارا پنهنجي ٻچڙن جي علاج لا  پنج (5) فوٽ پاڻي جھاڳي دربدر ٿي شھرن ڏانهن وڃن ٿا! ۽ شھرن ۾ وري دوائن جي کوٽ ۽ وڌندڙ ھٿرادو قيمتن سبب وري به غريب کي پريشان ٿيڻو پوي ٿو. سرڪار مان رليف جي اميد ته ڪا ڪانهي بس اسان جا رستا بحال ڪرائي ڏين، جيئن ڳوٺاڻا پريشانيءَ کان بچي سگھن پنهنجي گلڙن جھڙن ٻچن جي زندگي بچائي سگهن.

 

زاھد گل مجيداڻو/پيروسڻ

 

ھڪڙي ڄٺي ريلوي کاتي جي اختيارين جي نانءُ!

 

راڻيپور ننگريجا ريلوي ڦاٽڪ وڏين گاڏين گذرڻ سبب زبون حاليءَ جو شڪار آهي جڏھن ته روڊ مڪمل تباھ ٿي ويو آهي، وڏين گاڏين تي پابنديءَ جي باوجود ڪارين وردين وارا ٽرڪن، ٽرالر ۽ ڪوچ وارن کان ڀتو وصول ڪري گاڏيون اسٽيشن روڊ سان نوابشاھ باءِ پاس طرف موڪلين ٿا، جنهن ڪري روڊ ۾ وڏا کڏا پئجي ويا آھن راڻي پور ننگريجا ڦاٽڪ تان وڏيون گاڏين جي گذرڻ ڪري روڊ کي تمام گھڻو نقصان پھتو آھي، جڏھن ڦاٽڪ ننڍين گاڏين جي گذرڻ لاءِ آھي، وڏين جي گذرڻ سبب ڦاٽڪ ويھجي ويو آھي، جنھن جي ڪري ڪنھن به وقت ڪو وڏو حادثو ٿي سگھي ٿو. راڻيپور ننگريجا روڊ تي ڪيتريون ئي ٽرڪون وغيره ڦاسي پون ٿيون، جنهن جي ڪري ايندڙ ويندڙ راھگير سخت پريشانيءَ کي منھن ڏئي رھيا آھن. گاڏين وارن کان ڏوڪڙ وصول ڪندڙ جي چرپر تي نظر رکي وڏين گاڏين کي راڻيپور ننگريجا روڊ  تان گذرڻ بند ڪرايو وڃي. جڏھن ته نوابشاھ باءِ پاس تي وڏين گاڏين تي بندش آھي، پوليس اھلڪار رشوت عيوض وڏين ۽ هيوي گاڏين کي راڻيپور ننگريجا روڊ سان وڃن جي اجازت ڏين ٿا، وڏيون گاڏيون ننگريجا ريلوي  ڦاٽڪ ڪراس ڪري بروھي موڙ وٽان نوابشاھ طرف روانيون ٿين ٿيون، جنھن ڪري ريلوي ڦاٽڪ کي پڻ نقصان پهچي رهيو آھي، ۽ ڦاٽڪ ھيٺ ويھجي ويو آھي، ڪنھن به وقت وڏو جاني نقصان ٿي سگھي ٿو. ريلوي کاتي جي اعليٰ اختيارين سميت ٽريفڪ جي قانون تي عمل ڪرائيندڙ ادارن کي اپيل آھي ته ننگريجا روڊ سان وڏين گاڏين جي گذرڻ تي پابندي لڳائي وڃي، ڪنهن قومي شاهراهه واري رستي سان روانون ڪرايو وڃي.

 

وحيد علي ڄامڙو/راڻيپور

سنڌ مان پرڏيھين جي نيڪالي سان ڌرتي ڌڻين لاءِ روزگار جا موقعا وڌندا!‎‎

 

مختلف ميڊيا رپورٽن جي موجب سنڌ ۾ لکين پرڏيھي آباد آھن، جن جو گھڻو تعداد ڪراچي ۾ رھائش پذير آھي، جيڪي سنڌ توڙي ملڪي وسيلن تي اضافي بار بڻيل آھن، ڇو ته اسان جي ملڪ جي پنھنجي آبادي ئي ملڪي وسيلن کان گھڻو وڌيڪ آھي، ٻيو وري وڏو مسئلو سڪيورٽي جو آھي ڇو ته اھي پرڏيھي ملڪ جي سالميت ۽ امن امان جي لاءِ به ڏينھون ڏينھن خطرو بڻجي رھيا آھن، ان کان سواءِ اھي پرڏيھي سنڌ جي غريب ماڻھن جي روزگار تي پڻ قابض آھن، سندن نيڪالي سان سنڌ واسين لاءِ ڪراچي جھڙي ڪاروباري شھر ۾ ھوٽل، ٽرانسپورٽ، انڊسٽريز توڙي ٻين شعبن ۾ ڪاروباري سيڙپ ڪرڻ سان گڏ غريب ديس واسين لاءِ ھزارين روزگار جا موقعا به پيدا ٿيندا. جيئن ته سنڌ ۾ گذريل برساتن جي ڪري تمام وڏي پئماني تي تباھي ٿي آھي، لکين ماڻھو پنھنجو الھ تلھ وڃائي ويٺا آهن ۽ ھن وقت به ڪيترن ئي علائقن ۾ سيلابي صورتحال آهي، تنھن ڪري ضرورت ان عمل جي آھي ته پرڏيھين کي جلد کان جلد ملڪ نيڪالي ڏني وڃي ته جيئن سنڌ واسين لاءِ ڪراچي سميت پوري سنڌ ۾ ڪاروبار ۽ روزگار جا موقعا پيدا ٿي سگھن.

 

محمد رضا خاصخيلي/ ڳوٺ حسين آباد، خيرپور

 

محترم چيف جسٽس آف پاڪستان ڏانهن!

 

جناب اعليٰ عرض گذارش آهي ته سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جو حڪم آهي ته رٽائرڊ ملازمن کي انهن جي زندگي ۾ ئي گروپ انشورنس ڏني وڃي، ان کان پوءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ به انهيءَ تي فيصلو ڏئي چڪي آهي پر 4 سال گذرڻ جي باوجود سنڌ حڪومت ان حڪم تي عمل ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، هن وقت حالت اها آهي ته سڄي سنڌ ٻوڏ جي هيٺ آهي ماڻهو انتهائي تڪليف کي منهن ڏئي رهيا آهن، اسان رٽائرڊ ملازم به ان ڏکين حالتن کي منهن ڏئي رهيا آهيون، اسان جا پنهنجا پئسا جيڪي گروپ انشورنس جا سنڌ حڪومت وٽ پيل آهن اهي به اسان کي نٿا ڏنا وڃن، اسان کي پنهنجي رڪيل رقم گروپ انشورنس جي اسان کي ڏني وڃي ته جيئن اسان پنهنجا ڪريل اجھا ٻيهر اڏي سگھون، وزيراعليٰ سنڌ مراد علي شاهه جڏهن چوندو آهي ته اسان ڪورٽ جي عزت ڪندا آهيون ۽ هر فيصلي تي عمل ڪرائيندا آهيون ته پوءِ هن فيصلي تي عملدرآمد ڇو نه ٿو ڪرايو وڃي، سنڌ حڪومت خلاف توهين عدالت جو ڪيس داخل ڪري اسان کي پنهنجو حق ڏياريو وڃي.

 

گلزار سهتو /ڳوٺ بدڪ، نوشهروفيروز

 

تڪ جي ايم پي اي کان پڇاڻو!

 

ضلعي آفيسرن جي ٻڙي ڪارڪردگيءَ جو نوٽيس ڇو نه پيا وٺو؟ آفيسرن جي ٻڙي ڪارڪردگي سبب ڇو نه توهان کي ذميوار سمجهي ووٽ نه ڏنا وڃن؟ اسيمبليءَ ۾ عوامي مفاد لاءِ ڪهڙيون تجويزون پيش ڪيون آهن؟ اسيمبليءَ جو مدو گھٽائي 3 سال ڪرڻ جي تجويز پيش ڪيو، چونڊيل نمائندا 5 سالن جي لائق نه رهيا آهن. بالغ ووٽر تي به عمر ۽ تعليم جي شرط لاڳو ڪرڻ جو مطالبو ڪيو پي ڊي ايم اي طرفان موڪليل امدادي سامان جي شفاف ورهاست جي مصدق تفصيلي لسٽ پڌري ڇو نه ٿا ڪيو؟ مهانگائي، بدانتظامي، رشوت، خلاف توهان جي ڪارڪردگي ٻڙي تي اچي بيٺي آهي. غير ضروري ۽ اضافي ٽيڪس، بجليءَ، گئس جي لوڊشيڊنگ جو نوٽيس ڇو نه پيا وٺو؟ جيستائين اهي مطالبا تسليم نه ٿا ڪيو ايندڙ اليڪشن جو بائيڪاٽ ڪنداسين.

 

شبير کوکر /قاسم آباد، حيدرآباد

 

مستحق عورتن جي رقم مان ڪٽوتي ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي

 

ٽنڊوالهيار ضلعي جي تعلقي جهنڊو مري جي شھر مسڻ وڏي ۾ احساس ڪفالت سينٽر تي مستحق عورتن جي رقم مان ڪٽوتي هلندڙ آهي، رورل هيلٿ سينٽر مسڻ وڏي تي قائم بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت ملندڙ مستحق عورتن جي رقم 25 هزار رپين مان ٻه ھزار کان ٽي هزار رپيا ڪٽوتي ڪئي پئي وڃي، سينٽر ٻاهران بيٺل ايجنٽ سينٽر تي ايندڙ مستحق عورتن سان ملي 500 رپيا ڏيڻ جي شرط پئسا جلد ڪڍائي ڏيڻ ۽ سينٽر تي اندر ڊيوائيسز هلائيندڙ وري مستحق عورتن کي اهو چئي رقم ڪڍي ٿا ڏين ته ٻه کان ٽي هزار رپيا اسان کي ڏيندي ته رقم ڪڍي ڏينداسين ۽ ڪٽوتي جي ڪنهن سان به ڳالھ نه ڪندي مفت جا پئسا ملڻ جي ڪري غريب ۽ مجبور مستحق عورتون رقم ڪٽوتي ٿيڻ باوجود ڪنهن سان ڳالھ ان ڪري نٿيون ڪن جو رقم ڏيڻ وقت انهن کي 25 هزار رپيا هٿ ۾ ڏئي مووي ڀري بعد ۾ اهي پئسا واپس وٺي باقي پئسا ايجنٽ حوالي ڪن ٿا ۽ ايجنٽ 5 سئو رپيا ڪٽوتي ڪري باقي رقم عورت کي ڏئي ڇڏي ٿو، ان راز پٺيان هتان جي لوڪل سياسي ماڻهن جو وڏو هٿ آهي. انتظاميا پڻ ڀاڱي ڀائيوار بڻيل آهي ۽ آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ڪجھ قلمڪار به هن ۾ شامل آهن. اهي سياسي ماڻهو وري غريب مستحق عورتن سان همدردي خاطر بينظير انڪم سپورٽ جي سينٽر تي پهچي سندن ئي آشيرواد هيٺ ڪم ڪندڙ ڊوائيس هولڊر کي ڪٽوتي ڪرڻ کان منع ڪندا آهن ٻن کان چار پنج عورتن کي جيڪي عورتون انهن جون پنهنجون هونديون آهن انهن کي مڪمل رقم ڏياري روانا ٿي ويندا آهن، انهن جي وڃڻ کان پوءِ ڪٽوتي مافيا وري ڪٽوتي وڌيڪ تيز ڪريو ڇڏي، جڏهن ته ڪافي عورتن جي 25 هزار رپين کان مٿي به رقم آيل هوندي آهي پر ڊيوائيس هولڊر پاران رسيد جاري نه ڪرڻ جي ڪري مستحق عورتن کي ڪٽوتي کان پوءِ 22 هزار کان 23 هزار رپيا ملن ٿا. ڳالھ ڪرڻ جو مقصد اهو آهي ته هن ايڏي ناانصافي تي ڪارروائي ڪير ڪندو؟ ڪنهن کان مطالبو ڪبو؟ ڇو ٽنڊوالهيار ضلعي جو سڄو نظام خراب آهي.

 

محمد قاسم ملاح/ مسڻ وڏي

 

مينهَن ۽ ٻوڏ دوران سماجي ڪارڪنن جو ڪردار!

 

گذريل آگسٽ 2022ع ۾ پيل تيز مينهَن ۽ مٿان ٻوڏ جي ڪارڻ ماڻهن جو تمام گھڻو جاني ۽ مالي نقصان ٿيو آهي، گهر کان بي گهر ٿيڻ، پنهنجن جون جانيون وڃائڻ، اڏيل جهوپڙا ڪري پوڻ ۽ فصل تباهه ٿيڻ اهو اکين ڏٺو صدقو آهي، جيڪو جيءُ جهوري ڇڏيندڙ واقعو آهي، جنهن جي ڀرپائي ڪرڻ ۽ ٿيڻ ۾ تمام گھڻو وقت لڳندو آهي. اسان جي معاشري ۾ اصل هيروز جو قردار ادا ڪرڻ وارا انسان دوست ۽ سماجي خدمتگار هميشه اڳڀرا رهن ٿا ۽ ان جون خدمتون هميشه نراليون رهن ٿيون. ويجهڙائيءَ ۾ ٻوڏ ۽ مينهن جيڪا تباهي آندي آهي اهڙن ڏهاڙن ۾ به رضاڪار دوستن پنهنجي وس آهر ڪيترن ئي متاثر خاندانن جي مدد لاءِ پاڻ پتوڙيو آهي ۽ اڳ کان اڳڀرا رهيا آهن. اسين جيڪڏهن ڏسون ته اهڙي ڏينهن ۾ هر هڪ کي پنهنجي گهر ۽ ڪٽنب جي لڳل هوندي آهي پر سماجي خدمت جو جذبو ايڏو ته اُتم ٿئي ٿو جو گهر ٻار سان گڏوگڏ رضاڪار دوست ٻين ماروئڙن جو به سوچن ٿا ۽ ان لاءِ پاڻ پتوڙيندا رهن ٿا ۽ ان متاثر ۽ بي سهارا خاندانن جو سهارو بڻجن ٿا. پوري پاڪستان ۾ اداران کان هٺي ڪري اڪيلو فرد ادارو بڻجي هر سماجي ڪارڪن متاثر علائقن ۾ پنهنجون رضاڪاراڻيون خدمتون انجام ڏئي رهيا آهن جيڪي تاريخ ۾ ياد ڪيون وينديون.

 

راحيل بُڙدي/خيرپورميرس

 

اسان ۽ اسان جي سوچ!

 

200 جي بدران ٻوڏن مھل 400 رپيا وٺندڙ گڏھ گاڏو ھڪليندڙ مزدور رڙ ڪندي چيو اٽو_ايترو_مھانگو! کائڻ جي شين ۾دڪاندار ملاوٽ ڪندي چوي ٿو توبهه خدا توبهه ماڻھو دوائن ۾ به ملاوٽ ٿا ڪن. ڪڻڪ جا ٻورا ذخيره ڪندي سيٺ پنھنجي ھڪ دوست سان ڏوراپو ونڊيو ته يار ظلم ڏس پيناڊول گوري ۽ مليريا جون دوائون به ذخيرو ڪن ٿا، رب کي ڪھڙو منھن ڏيکاريندا؟ ڪنھن ڳوٺ ۾ ڦاٿل ماڻھن لاءِ ويندڙ راشن جي ٽرڪ کي رستي تي لٽڻ وارن ھڪ ٻئي کان ڦريل سامان تي جھيڙو ڪندي چيو آخر اوھان ڪڏھن سڌرندو؟ حق تي ٻوڏ ٿي اچي. ھڪڙي مولوي صاحب طالبن کان پنھنجي لاءِ سڻڀو ۽ لذيذ گوشت واري اميرن جي گھر مان مليل ٽڪي واري ماني رکرائيندي کين سبزي، دال ڏيندي جمعي جي خطبي ۾ شيطان جي چنبي کان بچڻ جا طريقا ٻڌائڻ ۾ مصروف ٿي وڃي ٿو. ريتي بجري، سيمينٽ، پلاسٽڪ جي ٿيلٿي ۽ گھر ٺھڻ جو ٻيو سامان مھانگو ڪري گراھڪن کي حڪومت جي ڪرپشن جا انگ اکر ڏيندي مڏي وارو سيٺ پنھنجي ڪياڙي تان پگھر اگھي ڪلڪيوليٽر ۾ بل سڌو ڪرڻ لڳي ٿو. ايم پي اي، ايم اين اي پنھنجي واٺن ۾ ٻوڏ جو سامان ورھائيندي صحافين کي بريفنگ ڏيندي ٻڌائي ٿو ته مال جي مٿان کان ئي ورھاست غلط ٿي رھي آھي، جي ڪجھ ڪڇنداسين ته ھي به بند ڪيو ويندو. شھر جي ڏھن پاڙن جي ٽرانسفارمر جي سڙڻ جي شڪايت جڏھن ماڻھو صحافي سان ڪن ٿا ته ھو سندن ڳالھ ٻڌي اڻ ٻڌي ڪري ٿو ڇو ته لائين مين سندس دوست آھي پر پاڻ کان جڏھن موبائل ڦرجي ويس ته ٺونٺ جيڏو بيان لکيائين ته شھر ۾ بدامني وڌي وئي آھي. ڪنھن ڪنھن سان منھن ڏجي..؟!

 

فقير پيارعلي جلالاڻي/ سڪرنڊ

بيوفا اولاد جو ديس!

 

 

قوم جي ماءُ محترمه فاطمه جناح جي ڀاءُ قائداعظم محمد علي جناح جو ديس منهنجو ديس آهي، ستيتاليهن ۾ انگريزن جي غلامي مان نجات ماڻي هيءَ پاڪ سرزمين سبز جهنڊي ۾ چند تاري سان دُنيا جي نقشي تي وجود ۾ آئي. مني صدي جي سفر ۾ هن ديس جي عوام سڀ ڪجهه ڏٺو آهي ڀوڳيو ۽ برداشت ڪيو آهي، پنجهتر سالن ۾ منهنجي ديس جي حاڪم طبقي پاران پاڻ جاوا ڪري ملڪ مقروض، گروي، بک ۽ بدحالي جي حوالي ڪري ڇڏيو ويو آهي. منهنجو ڪنڌ شرم وچان تڏهن جهڪيو وڃي جڏهن اڄوڪو بادشاهه سلامت چوي ٿو: “دوست ملڪ پري کان ڏسي چون ٿا توهان پنڻ ته ڪون آيا آهيو.” جڏهن وطن عزيز جي خزاني وارو وزير مفتاع اسماعيل صاحب چوي ٿو ته: ھاڻي دنيا توهان کي قرض نٿي ڏي ۽ ڏيڻ به نٿي چاهي، واپاري خسارو گهڻو آهي، اوڌر وٺڻ لاءِ آءِ ايم ايف وٽ وڃڻو پيو. وڌيڪ فرمائن ٿا ته اسان خيالي دنيا ۾ نٿا رهي سگهون.” هڪ پل آئون به خيالي دنيا مان ٻاهر نڪري سوچيان ٿو ته: ديس جي مٽيءَ ۾ سڀ ڪجھ وڏي مقدار ۾ ھو ۽ ڪجھ اڃا به باقي آهي. تيل، گئس، ڪوئلو، سرسبز کيت، سمنڊ، درياهه ۽ معدنيات منهنجي ديس جي حصي ۾ وافر مقدار ۾ آئي. سوچيان ٿو: ھي گوتم جي ڀڪشوءِ جو ديس ناهي نه وري عدم تشدد واري ٻاپوءَ جي اولاد جو ديس آهي. منهنجو ديس ايمان جي حرارت سان سلامتي بخشيندڙ مٽي وارن مومنن جو ديس آهي. هتي جيڪر ڪو ڪتو به بک سان مري ٿو ته حاڪم آخرت ۾ پاڻ کي پڇاڻي لاءِ ذميوار سمجهندو هوندو. اهو سوچي ايئن لڳيم ٿو ته آئون خيالي دنيا ۾ رهان ٿو. ڇو ته منهنجو ديس رومال ۾ ويڙهي پيش ٿيندڙ “ماسي اسٽيبلشمينٽ” جي بيوفا اولاد جو ديس آهي. هي ديس شاهاڻا ٺٺ رکندڙ حاڪمن جي بيحياءَ اولاد جو ديس آهي.

 

وڪيو راڄواڻي/بدين

حيدرآباد هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ پاران نوٽيس جاري!

 

2021ع تعليم کاتي ۾ ميگا ڪرپشن جو سال ثابت ٿيو، سرڪاري اسڪولن ۾ بنيادي سهولتون ناهن، گذريل ڏهاڪي ۾ ڪيترائي اسڪول بند، اسڪولي عمارتن جو نه هجڻ، فرنيچر جي کوٽ استادن جي گهٽتائي جا مسئلا برقرار رهندا آيا آهن. تنهن سان گڏوگڏ ڪرپشن جيڪا گهٽجڻ بجاءِ وڌندي رهي ٿي، تنهن لاءِ نيب، اينٽي ڪرپشن ۽ ايف آءِ اي جهڙا ادارا ڪرپشن جهڙي بيماريءَ کي گهٽ ۽ ختم ڪرڻ لاءِ پنهنجا عملي قدم کڻندا رهن ٿا. جيڪا ڳالهه انهن جي ساراهه جوڳي آهي. تنهن باوجود به انهن طرفان ڪرپشن جي ناسور جي خاتمي لاءِ پنهنجي جاءِ تي اڃا به جنگ جاري آهي. معزز ۽ اعلى عدالتون ته خاص ڪري ڪرپشن ڪيسن جي درخواست تي ٻڌڻي نهايت ئي شفاف ۽ ايمانداراڻي طريقي سان ڪنديون رهن ٿيون ۽ ملوث جوابدارن خلاف سخت ايڪشن کڻن ٿيون ته جيئن ادارن مان ڪرپشن ختم ٿئي ۽ ڪرپٽ عنصرن کي پنهنجي ڪئي ڪرتي جي سزا ملي. هن وقت ڳالهه اها آهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان پهرين کان ڏهين درجي جي تدريسي ڪتابن جي ڇپائي لاءِ هڪ ارب رپين جي ڪرپشن ڪرڻ جي ڪوشش تي سيڪريٽري تعليم سنڌ، چيئرمين، سيڪريٽري ريڪرومينٽ آفيسر، سنڌ بوڪ بورڊ ڄامشورو کي نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن. جيڪا ڪارروائي سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ حيدرآباد جي جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙو ۽ جسٽس عدنان ڪريم تي ٻڌل بئنچ جي حڪم تي عمل ۾ آئي آهي. درخواست گذار غلام حسين ساند جنهن آئيني درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ ساليانو بنا ڪنهن نفعي نقصان جي اهي ڪتاب شاگردن لاءِ ڇپرائيندو آهي. بورڊ قانون ۽ طئي ٿيل ضابطن موجب پبليشر ساڍا 13 سيڪڙو رائلٽي بورڊ کي ادا ڪندو آهي. 14 سيڪڙو پبليشر پرنٽر کان 13.5 سيڪڙو رائلٽي خريدار کي جڏهن ته 17.5 سيڪڙو رعايت ۽ 13.5 سيڪڙو گورنمنٽ فنڊ نه ورتو ويندو جنهن سان قومي خزاني ۾ ڪروڙين رپين جو نقصان هوندو.

 

 

محمد اسلم ماڪو/پنوعاقل