نيٺ ٿيندو ڇا ؟….. سوال/سروي چونڊيل نمائندن جي ڪاوڙ ڏيکاءُ قرار: سنڌ ۾ ٻوڏ واري تباهي جو ذميوار آبپاشي کاتو آهي: عوام

0
352

 ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته سنڌ ۾ ٻوڏ جي صورتحال، چونڊيل نمائندا به سرڪار تي ڪاوڙيل، ٻوڏ دوران آبپاشي کاتي سوڌو لاڳاپيل ادارن جي ڪارڪردگي کي اوھان ڪيئن ٿا ڏسو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته آبپاشي کاتو سنڌ ۾ آيل ٻوڏ واري تباهي جو مڪمل طور ذميوار آهي، آبپاشي کاتي هن وقت تائين ڪا به رٿابندي ڇو ناهي ڪئي؟ باقي چونڊيل نمائندن جي سنڌ سرڪار مٿان ڪاوڙ صرف ڏيکاءُ آهي ۽ ايندڙ اليڪشن جي تياري آهي، ڪاوڙ جو ڏيکاءُ ڪري عوام کي بيوقوف بڻايو پيو وڃي، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي گلزار ملاح لکيو ته وزيراعليٰ وري ڊي سي ڄامشور تي ڪاوڙيل، سنڌ سرڪار جي مشڪري ڏسو، باقي آبپاشي کاتو، ڪڏھن به ايتري پاڻيءَ کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار ناهي رهيو، گل حسن شر لکيو ته چونڊيل نمائندن جي ڪاوڙ حصي پتي تي آھي باقي آبپاشي کاتي جو ڪم پاڻي وڪڻڻ ھوندو آھي، محرم چانڊيو لکيو ته آبپاشي عملدارن جي ڪارگردگي اها آهي جو هو هر هفتي پنهنجي آفيسن ۾ اچن ٿا، ڪاغذن جو پورائو ڪندي بل ٺاهين ٿا ۽ ڪروڙن جي بجيٽ هڙپ ڪن ٿا، بلاول نثار ٻرڙو لکيو ته ڪارڪردگي زيرو آهي، فضل ابڙو لکيو ته ٽوپي ڊرامو آهي، حبيب مرکنڊ لکيو ته چونڊيل نمائندا هن وقت جيڪا ڪاوڙ ظاهر ڪن ٿا اها صرف ئي صرف 2023ع جي اليڪشن لاءِ آهي، جيڪڏهن اها ڪاوڙ برسات کان پهريان ظاهر ڪن ها ته سمجهون ها ته واقعي عوام جو درد اٿن، امر راءِ سنگهه راجپوت لکيو ته ڪارڪردگي صفا زيرو آھي. جٿي ڪٿي مڙئي عوام کي بي وقوف بڻائي امداد ڏيڻ جو ڍونگ رچايو ويٺا آھن. راءِ عابد ڀٽي لکيو ته ڪارڪردگي زيرو آهي، ارباب بچواڻي لکيو ته اسان وٽ چونڊيل نمائندا غائب ٿي ويا آهن اسين پاڻ ڳولا ۾ آھيون، حاڪم ڪٽوهر لکيو ته ڳڙهي خيرو ۾ ڪو به چونڊيل نمائندو متاثرن جي مدد لاءِ ناهي آيو، امتياز لغاري لکيو ته سڀ ادارا ڪرپشن حوالي آهن، محمد ابراهيم لکيو ته پٿوري ۾ چونڊيل نمائندا ۽ انتظاميا اگهور ننڊ ستل آهن، ساگر امير حيدر لکيو ته سڀ مليل آهن بس عوام جو ردعمل گهٽ ڪرڻ لاءِ حربا استعمال ڪن ٿا ، نوشاد خاصخيلي لکيو ته چونڊيل نمائندا متاثرن لاءِ حڪومت پاران ڏنل امدادي مال ۽ راشن پيڪيج حاصل ڪري پنهنجا بنگلا ڀري ويٺا آهن، باقي عوام کي بيوقوف بڻائي اجايون دانهون پيا ڪن، قاسم سومرو لکيو ته چونڊيل نمائندن کي جڏهن عوام سوڙو ڪيو تڏهن چون ٿا تي ڊي سي اي سي مختيار ڪار نٿو ٻڌي، ساحل ڪمار لکيو ته چونڊيل نمائندا متاثرن جو سامان پاڻ کائي وڃن ٿا، طارق باجڪاڻي لکيو ته آبپاشي نظام ناڪارا آهي، ممتاز علي سميجو لکيو ته چونڊيل نمائندن جي ڪاوڙ صرف ڏيکاءُ آهي، منٺار علي لغاري لکيو ته 22 ڏينهن گذرڻ بعد به گڙھي خيرو پاڻي جي گهيري ۾ آهي، متاثر کليل آسمان هيٺ آھن ، نه راشن ملي ٿو ، نه ٽينٽ ملي ٿي ، واجد جمالي لکيو ته سڪرنڊ شهر ۾ چونڊيل نمائندا گم آهن، بختيار علي کوسو لکيو ته ڄامشوري ۾ سرڪار ڪٿي به نظر نٿي اچي، اياز گل لغاري لکيو ته سنڌ سورن ۾ آھي ۽ سرڪار جي چونڊيل نمائندن توڙي آبپاشي کاتي جي ڪارڪردگي بلڪل ٻڙي آهي، ايم صديق سمون لکيو ته سڄو ڪم انهن جي ناڪامي جي ڪري ٿيو آھي، علي صفدر لکيو ته جيتري تائين ڪرپٽ حڪمران هوندا ان وقت تائين سنڌ جو نقصان ٿيندو رهندو، جنيد زرين لکيو ته چونڊيل نمائندن جي ڪاوڙ اجائي آهي. اھڙي ڪاوڙ پھريان ڪن ھا. تڪ کي ٻوڙائڻ کان پوءِ ڪھڙي ڪاوڙ..آبپاشي کاتي جي سنڌ ۾ ڪارڪردگي زيرو آهي. جتندر باغي مهراج لکيو ته جھڏو آس پاس ٻوڏ آھي، ارشاد کوسو لکيو ته آبپاشي وارا سنڌ حڪومت ۽ چونڊيل نمائندن جي چوڻ تي سڄي سنڌ کي هٿ سان ٻوڙايو آهي، الياس سمون لکيو ته صرف ڪرپشن ڪئي اٿن، غلام حيدر لاکو لکيو ته برساتن عوامي نمائندن جي پت وائکي ڪري ڇڏي آھي، جوشيلو ٿهيم لکيو ته اسان ايف پي بند جوهي آر ڊي 88 تي ستن ڏينهن کان قائم ڪيمپ تي ڪو به سرڪاري عملدار ناهي آيو، آبپاشي کاتو ناڪام آهي، شهمير جمالي لکيو ته ٻوڏ دوران آبپاشي کاتو ڪٿي به نظر ڪونه آيو لڳو ائين پئي ڄڻ اسان جي صوبي ۾ آبپاشي کاتو آھي ئي ڪونه، اياز علي راهوجو لکيو ته افسوس آهي حڪومت تي ۽چونڊيل نمائندن تي ڪوبه ڪم ڪرڻ لاءِ تيار ناهن، اشفاق چانڊيو لکيو ته عوامي نمائندن جي ڪارڪردگي زيرو آهي، گلفام حسن لکيو ته بندن جي ڪم لاءِ مليل پئسا به کائي ويا، احمد بخش ڀنگر لکيو ته سياستدان ايندڙ اليڪشن لاءِ عوام کي بيوقوف بڻائي رهيا آهن، عرفان سيلرو لکيو ته شهدادڪوٽ جا جيڪي علائقا ٻڏي ويا انهن تائين ٽينٽ راشن يا رليف جو ڪو ذرو به ڪونه پهتو آهي، شبير سهتو لکيو ته ڪارڪردگي زيرو آهي، فيض محمد لکيو ته جنھن حڪومت عوام کي ھٿ سان ٻوڙائي دربدر ڪري بکون ڪاٽڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو ته ڇا ھاڻ اھڙي حڪومت کي حڪمراني ڪرڻ جو حق آھي ؟ وحيد ڄامڙو لکيو ته حڪومت توڙي سرڪار متاثرن جي ڪابه واھر ناھي ڪئي، حاجي خان پنهور لکيو ته حڪومت توڙي چونڊيل نمائندن جي هر هنڌ رستا روڪ ٿي رهي آهي، سنتوش ڪمار لکيو ته چونڊيل نمائندا پنهنجا نمبر پورا ڪرڻ جي ڪوشش ڪن پيا، طارق سهتو لکيو ته ضلعي نوشهروفيروز جي شهر خانواھڻ شهر ۾ مليريا بيماري خطرناڪ صورتحال اختيار ڪري ورتي بخار جي دوائون جي کوٽ ٿي وئي آهي، عبدالر شيد چانڊيو لکيو ته ڪارڪردگيءَ صفا زيرو آهي ان جا ذميوار چونڊيل نمائندا آهن، محمد موسيٰ کٽي لکيو ته سنڌ ۾ ٻوڏ جي صورتحال ڏاڍي خراب آهي چونڊيل نمائندا سرڪار تي ڪاوڙيل آهن ٻوڏ دوران آبپاشي کاتي سوڌو لاڳاپيل ادارن جي ڪارڪردگي زيرو آهي، ايم اسماعيل بلوچ ۽ عبدالستار بلوچ لکيو ته سڀ مليل آهن بس عوام جو ردعمل گهٽ ڪرڻ لاء حربا استعمال ڪن ٿا، محمد اسماعيل لانگاهه لکيو ته ڪارڪردگي خراب رهي اٿن، عاشق ڀٽي لکيو ته حڪومت يا آبپاشي جي ڪارڪردگي زيرو برابر آھي، صدام شر لکيو ته ٺري سئي گئس جو عوام پراڻو وهندڙ هاڪڙي درياءَ منهن وارو پراڻو رستو کولرائڻ لاء گڏجي آواز اٿاري، توفيق احمد سومرو لکيو ته گڏجي سامان لٽڻ ۾ پورا آهن، ھيٺ کان مٿي سڀ برابر جا شريڪ آھن، تيجو مل سوٽھڙ ھنسراجاڻي لکيو ته رڳو ڪوڙا دلاسا ڏين پيا 25000 ھزار به ڊرامو آھي، اسد زرداري لکيو ته تڪ جي چونڊيل نمائندن متاثرن لاءِ مليل امدادي سامان گودامن ۾ لڪائي ڇڏيو، احمد علي ڪهيري لکيو ته سنڌ جي نمائندن کي پندرھن سالن ۾ ڪجھ به نظر نه آيو آخر انھن کاتن کي ڪنٽرول ڪير ٿو ڪري؟، مهراڻ خان بلوچ لکيو ته چونڊيل نمائندا عوام کي ڏيکارڻ لاءِ مڙئي سرڪار تي ڪاوڙ جو ڏيکاءَ ڪري رهيا آهن…جيڪڏهن ايڏي ڪاوڙ ٿي اچين ته استعيفا ڇو نٿا ڏين؟ طاهر مري لکيو ته شازيه مري سانگهڙ ضلعي اندر سڀ کان وڌيڪ سرگرم ۽ برسات متاثرين جي بنا ڪنهن سياسي فرق جي خدمت ۽ پرگهور لڌيءَ آهي، زاهد راهو لکيو ته سڀني جي ڪاڪردگي زيرو آهي، نجيب الرحمان لکيو ته وارھ ۾ آبپاشي کاتي جي ڪامورن لاءِ انگريز دور جا شاندار بنگلا ٺھيل آھن جن تي ھاڻ اڪثر قبضا ٿي ويا آھن. مونکي ياد ناھي ته ڪنھن ڏينھن به ڪو آبپاشي عملدار پنھنجي آفيس ۾ ويٺو ھجي يا آبادگارن جا مسئلا حل ڪيا ھجن، آزاد لال حسين لکيو ته عمرڪوٽ ۾ چونڊيل نمائندا رات جي پيٽ ۾ خيما بستين جا دورا ڪن ٿا جڏهن ته لاڳاپيل ادارن جي ڪارڪردگي نه هئڻ جي برابر آهي، مشتاق ڪنڀر لکيو ته اسان وٽ ته چونڊيل نمائندا ته غائب آھن، بختيار علي لاشاري لکيو ته سنڌ سرڪار متاثرن جي اڃا تائين ڪا به واهر ناهي ڪئي، مظفر لغاري لکيو ته تعلقو چمبڙ اسان چونڊيل نمائيندا ڪڏهن نه ڏٺا آهن، باقي ايريگيشن عملي جي ڪارڪرگي خراب آهي، لياقت نهڙي لکيو ته ٻوڏ ۾ سرڪار جي ڪٿي به رٽ نظر نٿي اچي چونڊيل نمائندا به ڪجهه ڪونه ٿا ڪري سگهن، سڪندر علي لکيو ته ڪارڪردگي اهڙي آهي رڳو عوام وٽ وڃن ته خبر پئي، نه هنن کان پاڻي ٿو نڪري هاڪڙو ڍورو جي يا سم نالا انهن تان قبضا بي ختم نٿا ٿين. اياز چانڊيو لکيو ته هڪ طرف سرڪار اربين روپين جي امداد ڪرڻ جي دعويٰ پئي ڪري ٻئي طرف متاثرين کليل آسمان هيٺ ويٺل آھن، سموري تباهي جي زميوار آبپاشي کاتي کان پڇاڻو ئي معاف آھي جن جي ڪري سموري سنڌ ٻڏي وئي آھي، رضوان احمد منگي لکيو ته ڪارڪردگي ڪنهن جي به ناهي چونڊيل نمائندن کان وٺي سرڪاري توڙي اي سي ڊي سي ايريگيشن سميت سڀ اداره نااهل آهن، ذوالفقار علي لکيو ته اسان جي ڳوٺ لقمان بروهي تعلقو سجاول جوڻيجو جي ڪا به سار نه لڌي آهي، شاهنواز خشڪ، ڊاڪٽر عبدالڪريم ڪولاچي، راجا رميش، شنڪر لال، گل منير، محبوب، حبدار علي وارث، آصف علي ملڪ، راجا غلام اسحاق ڀٽي، آدم ڀٽي، وزير پنهور، وزير علي پنهور، جمال الدين چنا، خيرمحمد گولو،اشرف لغاري، محمد موسيٰ لغاري، حفيظ شيخ، فيض سهتو، حافظ اياز احمد، عبدالرشيد سومرو، شيراز احمد، عبدالستار کوسو، سرفراز، احسان علي چانڊيو، اعجاز خاصخيلي، امر لال ڀيل، ناظم علي، مير محمد نهڙي، بلاول سنڌي، جنيد جبار دائودپوٽو، بلال نهڙيو، نعام الاهي، ڀورل بلوچ، احمد جوڻيجو، عبدالسبحان سنڌي، آس بلوچ، ظفر علي راشدي، ڪامران رند، خان محمد بنگلاڻي، نديم خان ڏهر، انجنيئر فريد علي، مظفر لغاري، محمد رحيم چوهاڻ، طارق کوسو، آڪاش پنهور، ميانداد مري، محبوب علي لغاري، عبدالله درس درس، نماڻو نوناري، نسيم منظور احمد کوسو، وجيش ڪمار، عزيز ڏاهاڻي، ماڪا سجاد، حاڪم علي جت ۽ ٻين به سروي ۾ حصو ورو.