سنڌ اسپرنگ!‎‎

انقلاب نه ڪنهن جي فرمائش تي ايندو آهي ۽ نه ئي انقلاب ٻاهر کان ايندو آهي پر انقلاب ته ڪنهن به سماج ۾ صدين جي اذيتن، جٺين ۽ لاڳيتو ٿيندڙ استحصالن جو نتيجو هوندو آهي، جيڪو انقلاب برپا ٿيڻ جو وقت مقرر ڪندو آهي. سنڌ ۾ ايندڙ انقلاب (سنڌ اسپرنگ) جي پٺيان سرداري ۽ جاگيرداري نظام جا اهي وحشتناڪ ظلم ۽ اذيتون سمايل آهن جيڪي سنڌي سماج ۾ سنڌي ماڻهن سان صدين کان وٺي ٿينديون پيون اچن، سردارن جا خانگي جيل، ڪارين جا ڪوٽ (جنهن ۾ وحشي سردار ۽ جاگيردار سنڌين جي کير جهڙين اڇين نياڻين مٿان بي بنياد تهمتون هڻائي انهن کي پنهنجن هنن ڪوٽن ۾ قيد ڪندا آهن) ۽ انهن جا عقوبت خانا جن ۾ سنڌ جي ڳڀرو نوجوانن کي پنهنجن واٺن جي مدد سان اذيتون ڏئي چچلائي ماريندا آهن، جنهن جا ڪيترائي مثال موجود آهن پر تازو سنڌ جي مهان پٽ شهيد ڄام ناظم جوکيو آهي، جنهن کي ڌارين جي هشيءَ تي سنڌ جي نمڪ حرام سردار ۽ جاگيردارن بيدرديءَ سان قتل ڪيو پر انهن ڄٽن سردارن ۽ جاگيردارن کي ڪهڙي خبر ته شهيد ڄام ناظم جوکيو جو رت سنڌ ۾ انقلاب جي فصل کي آخري ريج آهي ۽ هاڻي سنڌ ۾ انقلاب جو فصل تيار ٿي چڪو آهي، جيڪو سنڌ جي هن فرسوده ۽ دقيانوسي نظام جا پرزا پرزا ڪري ڇڏيندو، تنهن ڪري اي سنڌ جا نوجوانو! سڀ گڏ ٿي شهيد ڄام نظام جوکيو سان هي وچن ڪريون ته اي فطرت ۽ سنڌ سان محبت ڪندڙ! تنهنجي ناحق خون جو حساب سنڌ ۾ سرداري ۽ جاگيرداري نظام جو خاتمو ڪري وٺنداسين، هاڻي، تنهنجو خون ان عرب نوجوان جيان آهي جنهن عرب اسپرنگ جو بنياد وجهي عرب بادشاهتن کي ڌوڏي ڇڏيو هو ۽ ايئن ئي تنهنجو ناحق خون سنڌ ۾ سرداري ۽ جاگيرداري نظام جو وجود ئي ختم ڪري ڇڏيندو. تنهنجو ناحق خون شاهه لطيف، شاهه عنايت ۽ جي. ايم سيد واري خواب واري سنڌ جو بنياد وجهندو، جنهن ۾ ڪير به ناحق عمر جي ڪوٽن ۾ قيد نه هوندو، جتي “جو کيڙي سو کائي” واري اصول هلندو، جتي سيد جو “عدم تشدد” وارو اصول هوندو، جتي انس و جيت جڻ سان صرف پيار و محبت هوندي، جتي ٻيو ٻيو نه هوندو، جتي صرف اسان سڀ هونداسين .

غلام الله گاڏهي/نصيرآباد

وڏيرن ھٿان قتل ٿيندڙ معصوم شھري!‎‎

  سڄي ملڪ جيان سنڌ ۾ به روز بااثر وڏيرن ھٿان معصوم ۽ بيڏوھي بيدردي سان قتل ٿي رھيا آھن، جنھن جو تازو مثال ڄام ناظم جوکيو ۽ فھميده سيال جو بيدرديءَ سان قتل آھي، ناظم جوکيو کي رڳو عرب شھزادن جي شڪار جي ويڊيو ٺاھڻ جي ڏوھ ۾ اويس ۽ عبدالڪريم جوکيو  بنگلي تي گھرائي سخت تشدد ڪري قتل ڪيو، جنھن جو ھڪ جوابدار اويس ۽ سندس گارڊ گرفتار ٿيل آھن پر عبدالڪريم اڃا آزاد آھي ۽ شھيد ڄام ناظم جوکيو جي وارثن دانھيو آھي ته عبدالڪريم کين ٺاهه لاءِ دٻاءُ پيو وڃي، تنھن ڪري ان کي به گرفتار ڪيو وڃي پر افسوس جو سنڌ حڪومت ھن قتل ۾ ملوث جوابدارن خلاف ڳالھائي به نٿي، خيرپور جوسو ۾ زميني تڪرار تان پ پ پ ايم پي اي اويس گھنور  جي پيءُ ھٿياربند وٺي فھميده سيال جي گھر تي حملو ڪيو ته فھميده اويس گھنور جي پيءُ کي قرآن شريف کڻي ان جو واسطو ڏئي چيو ته مھرباني ڪري اسان جي جند ڇڏيو پر ان ظالم شخص قرآن پاڪ جو به ڪو خيال نه ڪيو ۽ فھميده تي سڌي فائرنگ ڪئي، جنھن ۾ نه رڳو ھو قتل ٿي وئي پر گولي قرآن شريف کي به لڳي، تصور ڪيو ته ھڪ مسلمان زمين جي ڪجھ ايڪڙن خاطر قرآن پاڪ جي بيحرمتي ڪئي ۽ اھو ظالم اڃا تائين پوليس جي پڪڙ کان آجو آھي ۽ سنڌ حڪومت ناظم جوکيو ۽ فھميده سيال جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪرائڻ يا رڳو تسلي ڏيڻ جي به ضرورت محسوس ناھي ڪئي. ڇا اھڙو ڪو واقعو پنجاب يا ڪي پي ڪي ۾ ٿئي ھا ته ڇا بلاول سميت ان جا وزير انھن جوابدارن کي سخت سزا ڏيڻ جو مطالبو ڪن ھا، اھڙي سستي ۽ خودغرضيءَ تي سنڌ حڪومت کي شرم اچڻ گھرجي، ڪجھ غريب جو ڏک پنھنجي اندر محسوس ڪريو، ھڪ گھڙي جي تصور ڪيو ته جي ڪو واقعو انھن سان ٿئي ھا ته ڇا ٿئي ها، ھو چپ رھن ھا؟ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان کي گذارش آهي ته ھن معاملي جي صحيح جاچ ڪري معصوم شھرين جي قتل ۾ ملوث جوبدارن کي سخت سزا ڏئي عبرت جو نشان بڻايو وڃي.

مجاھد لغاري/ مسڻ وڏي، ٽنڊوالھيار

ڪاڇي جي ڏتڙيل علائقي ۾ به عرب شهزدا پهچي ويا!‎‎

  ظلم جي انتها ٿي وئي آهي، هٿ سان علائقي جا چونڊيل نمائندا ۽ ڀوتار عرب شهزادن کي وٺي اچي تلور جو شڪار ڪرائيندا آهن، ظالم شڪاري عرب عياش دادو پهچي ويا آهن، دادو ضلعي جي تعلقي جوھي جي واهي پانڌي، کيرٿر جبل، ڳوٺ پريو جمالي، ڳوٺ فضل جمالي، ڳوٺ لعل خان جمالي، ڳوٺ مراد جمالي ۾ مهمان پکين تلور جي شڪار لاءِ وائيلڊ لائيف کاتي جي وفاقي حڪومت جي پرمنٽ سان ٿڌن علائقن سائيبريا مان هجرت ڪري سنڌ جي سرزمين تي سام ۽ مهمان ٿي آيل پرڏيهي پکين جا قاتل عرب شھزادا پهچي ويا آهن. قريشي واري زمين ڀرسان بااثر وڏيرن وٽ ترسيل عربن جي گاڏي بيٺل ڏٺي وئي آھي ۽ شھر ۾ پڻ نظر آئي آهي جڏهن ته تڪ جي چونڊيل نمائندن وٽ عرب شهزدا ترسيل آهن آھي. جڏھن ته ان گاڏي ۾ چڙھيل وڏيرن جا خاص خادم عربن لاءِ کاڌي پيتي جو سامان، ڀاڄيون، فروٽ مرغيون ۽ ٻيو سامان خريد ڪري رهيا آهن. ڪاڇي جي سڄاڻ حلقن ۾ ڪاوڙ جي لهر ڇانئنجي وئي آهي. علائقي جا ڀوتار وڏيرا عربن، کي وٺي اچي واهي پانڌي ڳوٺ پريو جمالي کيرٿر جبل ٽنڊورحيم خان ۽ ٻين علائقن ۾ شڪار ڪرائيندا آهن.

سمير احمد بروهي/ واهي، پانڌي ڪاڇو

سجاول ضلعي جون شگرملون هلايون وڃن!

                 ڪمند جي سيزن شروع ٿيڻ باوجود سجاول ضلعي جون ٽئي شگرملون اڃا تائين نه ھلي سگھيون آهن جنهن جي ڪري لکين ايڪڙ زمينن ۾ بيٺل ڪمند اتر لڳڻ سبب سڪڻ لڳو آهي، ڪمند جي ڪٽائي نه ٿيڻ ڪري زمينون به وانديون نه ٿيون آهن جنهن ڪري ڪڻڪ جي پوکائي نه ٿي سگھي آهي، آبادگار ٻٽي نقصان جو شڪار ٿيڻ لڳا آھن. آبادگارن سنڌ حڪومت کان شگر ملون ھلائڻ جو مطالبو ڪيو آھي. سجاول ضلعي جي ٽنھي شگر ملن لاڙ شگرمل، ديوان شگر مل ۽ جھوڪ شگرمل ڪمند جي پيڙائي اڃا تائين شروع نه ڪئي آھي، آڪٽوبر کان ڪرشنگ سيزن شروع ٿيڻ باوجود ملن جون اڃا تائين چمنيون به نه ٻري سگھيون آھن ۽ نه ئي وري ڪا تياري وغيرہ ٿي سگھي آھي. شگر ملن جي نه ھلڻ سبب ڪمند جو فصل زمينن ۾ پنھنجي وقت کان وڌيڪ بيھڻ ڪري سڪي پنھنجو وزن گھٽائي رھيو آھي، جنھن جي ڪري مل مالڪن کي وڌيڪ نفعو ۽ آبادگارن کي ڏينهون ڏينهن نقصان ٿي رھيو آھي. ان کان سواءِ ڪمند جي ڪٽائي نه ٿيڻ سبب زمينون خالي نه ٿيڻ ڪري ڪڻڪ ۽ ٻئي فصل جي لاءِ زمين تيار نه ٿيڻ ڪري زميندارن جا مٿي تي ھٿ اچي ويا آھن ۽ اھي ٻه طرفي نقصان کي منھن ڏئي رهيا آهن.

وفابابو پٺاڻ/ سجاول

ڏس سنگَ ھو سارين جا ڪيئن ڪنڌ نمائين ٿا!‎‎

  ڪنھن وقت ۾ سنڌ جي زرخيز زمينن ۾ سارين جي ايوريج ايتري وڌيڪ لھندي ھئي جو زميندار توڙي ھارين جون اميدن طور اکيون سارين ۾ ئي کتل ھونديون ھيون، مرڻي يا پرڻي کان ويندي گھر ۾ 12 مھينن جو اٽو به رکيل سارين مان ئي ڪڍيو ويندو هو، ھڪ ته سنڌ جي ڌرتي ذرخيز آهي ٻيو ته سنڌ جو ھاري تمام گھڻو محنتي ھجڻ ڪري سڀئي ضرورتون سارين جي فصل مان پوري ٿي وينديون ھيون پر بدقسمتي اھا آهي جو اھي ساڳيون زمينون ساڳيا محنتي ھاري آهن پر پوءِ به ڪٿي ڪنھن ھاري زميندار کي روزي ملي ٿي ته، ڪٿي وري زمينون خرچ ئي نٿيون ڇڏائين، جنھن جو سبب ھڪ ته وياجي واپارين پاران غريب ھارين يا ننڍڙن زميندارن کي اڻھوند جي آڙ ۽ مجبوري ۾ نفعو ايترو ڪمايو وڃي ٿو جو ھاري ۽ زميندارن جي سڀني اميدن تي پاڻي ڦري وڃي ٿو، حساب مھل ڪمائي واپاري جي باقي ھاري زميندار ڀلي ٽوال ڪلھي تي ڇنڊي خالي هٿ لوڏي 12 مھينن جي ڪمائي مان نااميد ٿي وڃي. ٻيو ته زراعت بابت سنڌ ۾ ڪيترن ئي سالن کان ڀاڻن ۽ دوائن تي رجسٽرڊ ڪمپنين جا لوگا لڳائي واپارين پاران به پاڻ انھن لوڪل ڪمپنين جون جعلي دوائون ۽ ڀاڻ ۽ اگھه وري ھڪ نمبر ڪمپني وارا ھئڻ به سبب آهي. مھانگائي ۾ جيتري قدر اٽي جو اگھ آھي يا وري زراعت کي گھربل شيون مھانگيون آھن اوتري قدر سارين جو اگھه 28000 کان 30000 ھزار ڪو خاص وڏو اگھ ناھي. انڪري سرڪار سڳوري کي عرض آھي ته سنڌ جي ننڍن ھارين سميت سنڌ جي غريب پورھيت ھارين جو خاص خيال رکي سارين جو سرڪاري اگھ وڌايو وڃي.

رياض امر ٻجورو/سجاول

لاکڙا ڪوئلز مائين ۾ ڪم ڪندڙ مقامي ملازمن سان انصاف ڪيو!‎‎

  ڄامشورو ضلعي تعلقي مانجهند ۾ موجود لاکڙا ڪوئلز مائين جتي ڪم ڪندڙ ڪمپنيون جن ۾ حبيب الله ڪوئلز مائين، امين برادز ڪوئلز مائين، سنڌ حڪومت جي نگرانيءَ هيٺ هلندڙ سنڌ لاکڙا ڪوئلز مائين سميت هڪ سئو کان وڌيڪ ڪمپنيون جن ۾ هڪ هزار کان وڌيڪ ڪم ڪندڙ مقامي ڪپن ۽ ڪچن ملازمن کي گذريل 20 سالن کان 8 کان 12 هزار پگهار ته 10 کان 12 ڪلاڪ ڪم ورتو وڃي پيو، جيڪو هن جديد دور ۾ ڪنهن به صورت ۾ قابل قبول ناهي، جتي هلندڙ سال سنڌ حڪومت طرفان مزدورن جو گهٽ ۾ گهٽ اجورو 25 هزار رپيا مقرر ڪيو ويو آھي، اتي لاکڙا ڪوئلز مائين ۾ ڪم ڪندڙ خانگي ڪمپنيون پنهنجا قانون ٺاهي مقامي ماڻهن کي گهٽ اجوري ته ڪم وٺن پيون ٻئي طرف ڪو ملازم ڪمپني انتظاميا کي اجورو وڌائڻ جو چئي ٿو ته انهن کي هتي مقامي وڏير ذريعي ڌمڪائي ڪمپنيءَ مان هٽايو ٿو وڃي، جيڪو سراسر ظلم آھي. اسان سنڌ حڪومت جي اعليٰ اختيارين ۽ وزير محنت سعيد غني صاحب کان مطالبو ٿا ڪريون ته لاکڙا ڪوئلز مائين ۾ مقامي ملازمن سان ٿيندڙ ظالماڻي رويي ۽ گهٽ اجورو ڏيندڙ ڪمپنين خلاف فوري طور قانوني ڪارروائي ڪري کين پابند بڻايو وڃي ته هو گهٽ ۾ گهٽ اجورو 25 هزار مقرر ڪن ته جيئن هن مهانگائيءَ واري دور ۾ غريب ماڻهو پنهنجو گذر سفر سٺي نموني ڪري سگهن.

دلاور کوسو/ علي آباد

تيزيءَ سان ترقي ڪندڙ دنيا بابت ڄاڻ!

  اسين خوش نصيب آھيون جو اسان جا نوجوان سنڌ کي ترقي يافتا ڏسڻ چاهن ٿا، هو دنيا جي ڪهڙي به ڪنڊ ۾ رهن  پر پيار وري به پنهنجي ساڻيھ سان ڪن ٿا، مير ٽالپر به هڪ اهڙو ئي سنڌي نوجوان آھي جيڪو برطانيه ۾ رهي ٿو،  مير پنهنجي مصروفيتن مان وقت ڪڍي به اسان کي هميشه سيکاريندو آھي ته لنڊن دنيا ۾ ڪيئن تيزيءَ سان ترقي ڪري رهيو آھي، ايندڙ وقت ۾ لنڊن جو معيار ڪٿي هوندو، سندس چوڻ ته جيڪڏهن اسان سنڌي به پنهنجي شهرن جي ترقي بابت سوچون ته اسان جا شهر به ايئن ترقي ڪري سگهن ٿا پر اسان کي سوچڻ جو وقت ناهي ملندو، مير سوشل ميڊيا تي هميشه اتي جي قانون جي به ڄاڻ ڏيندو رهي ٿو، برطانيا ڏانهن ويندڙن لاءِ مير جون ويڊيوز ڪافي ڪارآمد ثابت ٿينديون جن ۾ ڪافي ڄاڻ آھي. لنڊن جي صاف سٿري ماحول بابت ٺاهيل بلاگ ۾ مير ٻڌايو ته هتي شهر جي روڊ جي پاسن کان گهڻي آبادي تي وڻ بيٺل آھن ۽ شهري پڻ صفائي سٿرائي جي لحاظ کان انتظاميا سان سٺو سهڪار ڪن ٿا ۽ قانون تي سختيءَ سان عمل ڪيو وڃي ٿو. سچ پڇو ته مير کي پنهنجي سنڌ سان ڏاڍو پيار آھي هو سنڌ جي شهرن کي هميشه لنڊن جيان ترقي يافتا ڏسڻ چاهي ٿو، سو پاڻ کي به مير جهڙن نوجوانن جي حوصلا افزائي ڪرڻ گهرجي، جيڪي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ رهي به پنهنجي سنڌ کي خوشحال ڏسڻ چاهن ٿا.

ايوب شر/سنڌڙي

يورپي طرز جا اوزار خريد ڪري پوليس کي ڏنا وڃن!

  ملڪ ۾ ڏينهون ڏينهن امن امان جي صورتحال خراب ٿي رهي آهي، ان جو انڪار نٿو ڪري سگهجي ته اهو ڪو علائقو ڪونهي جتي امن امان جي صورتحال بهتر هجي. هڪ رپورٽ موجب چيف جسٽس آف پاڪستان جي صدارت هيٺ پوليس ريفارمس ڪاميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سپريم ڪورٽ جي سينئر ججز، صوبن جي آءِ جيز پوليس ۽ ٻين اعلى سطحي عهديدارن شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ امن و امان جي خراب صورتحال ۽ ڏوهن ۾ واڌ تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو ويو. هن وقت ڳالهه پوليس سڌارن ۽ ملڪ ۾ امن و امان برقرار رکڻ جي آهي. حڪومت کي سڄي ملڪ ۾ دهشتگردي جي خاتمي، ڏوهن تي ڪنٽرول ۽ پوليس فورس کي جديد اوزارن سان ليس ڪرڻ جي ضرورت آهي. شروع ۾ يورپي طرز جا اوزار خريد ڪري پوليس کي ڏنا وڃن جيئن ڏوهارين، تخريبڪارن، دهشتگردن جو پوليس فورس مقابلو ڪري سگهي، جنهن لاءِ جديد اوزارن سان ليس تربيت يافتا اهلڪارن جي ضرورت آهي. ڏوهن جي روڪٿام لاءِ بهتر جاچ ۽ فعال انداز اختيار ڪرڻ ضروري آهي. آءِ جي سنڌ صاحب جي اها ڳالهه به پنهنجي جاءِ تي، حقيقت آهي ته پوليس ۾ سياسي مداخلت سبب پوليس کان گهربل نتيجا نه ملي سگهندا آهن. ڪم ڪرڻ ڏکيو ٿي پوندو آهي. جديد ٽيڪنالوجي جو هجڻ ۽ ان جو استعمال ضروري آهي، جنهن موجب پوليس مان گهربل نتيجا حاصل ڪري سگهجن ٿا. پر ڳالهه اها آهي ته پوليس به پنهنجو ڪم ڏيکاري جيڪو معيار موجب هجڻ گھرجي ۽ ان ۾ بهتري آڻڻ ضروري چئبو. پوليس ۾ احتساب ۽ جاچ ۾ جديد ٽيڪنالوجي سميت ٻين قدمن سان گڏ پوليس جو مورال ڪنهن حد تائين ساراهه جهڙو هوندو. حڪومت وٽان پوليس کاتي کي فنڊ ملڻ به پنهنجي جاءِ تي معنى رکي ٿو پر اهي فنڊ استعمال نه ٿا ڪيا وڃن. بهتر ايئن ٿيندو ته اهي فنڊ وڏا آفيسر استعمال ڪرائين جيئن انهن جو صحيح استعمال ممڪن بڻجي. جديد ٽيڪنالوجي ۽ جديد اوزار سان دهشتگردي روڪڻ، سيڪيورٽي چيڪنگ ۽ امن و امان جي صورتحال کي بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملندي، تنهن ڪري پوليس کي جديد ٽيڪنالوجي ۽ سائينٽيفڪ اوزار سان ليس ڪيو وڃي.

محمد اسلم ماڪو/پنوعاقل

ڄامشورو ضلعي جي ٻيلي کاتي جا ڪلور!‎‎

  ملڪ ۾ ھڪڙو ئي ادرو عدالت وڃي بچيو آھي، جنهن ۾ عوام ٿوري گھڻي انصاف جي اميد خاطر ڪورٽ ڪچھري ڏانهن واجھائيندو رھيو آھي، جيڪا ھاڻ ڄامشورو ٻيلي کاتي ملڪ جي اعليٰ عدالت جي ڪيل فيصلن، ٻيلا بحال ڪريو حڪم کي ٿڏي عوام جو عدالتن تان يقين کڻائي ڇڏيو آھي، سپريم ڪورٽ جي حڪم تحت ڊرامائي انداز ۾ ٿيل آپريشن بعد ڄامشورو ضلعي جي مڙني ٻيلن ۾ رڪارڊ ٽوڙ قبضا ٿي ويا آھن، جنهن جو سبب قبضا مافيا سپريم ڪورٽ جي طاقت جو اندازو لڳائي نالي نشان لاءِ رھيل زمين کي گھمري ڏيڻ سان ٻيلي جي زمين تي پوکيل وڻن تي پنهنجو قبضو ڪري مالوند ماڻھن کي روڪن عيوض چوڪڙيون ورھائي ڏنيون آھن، اتي سرڪار طرفان ڪو اپاءُ نه وٺڻ سبب صرف ھڪ ئي تحريڪ ٻيلو بچايو ڪاميٽي ڄامشورو جي سوشل اڪاوئنٽن پيجز، انسٽاگرام، ٽوئٽر، لنڪڊ ان تي زور شور سان ٻيلا بچايو مھم نظر اچي رھي آھي، جڏھن ته وزيراعليٰ جو اباڻو ضلعو ھئڻ باوجود پنهنجا ٻيلا نه بچائي سگھيو آھي، ٻيلا بچايو ڪاميٽي ڄامشورو بار بار وزير اعليٰ جي آفيشل سوشل پيجز کي مينشن ڪرڻ باوجود ڪو کڙتيل نه نڪتو آھي، ڄامشورو ضلعي جي ٻيلن کي تباھ ڪرڻ ۾ ٻيلي کاتي جي آفيسرن سان گڏ حيسڪو چيف ۽ ايريگيشن کاتو ڀاڱي ڀائيوار آھن، جيڪو ڪنداھ شاھ، ڳڙھ ٻيلن ۾ غيرقانوني بجلي جا ڪنيڪشن رائل مياڻ ٻيلي کي ڳري رقم عيوض غيرقانوني واٽر ڪورس ڏئي تباھ ڪري رھيو آھي، ان لاءِ پنهنجي اخبار وسيلي وڏي وزير کي گذارش ٿا ڪريون ته سڄي سنڌ سان گڏ ڄامشورو جا ٻيلا آباد ڪرائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري.

منظور علي زرداري/سڪرنڊ

نادرا آفيس ڪلوئي جي ملازمن جو رويو درست ڪريو!

  ڪلوئي تعلقي ۾ آيل نادرا آفيس ۾ رکيل ملازم اڪيلتي قوم سان لاڳاپيل آهن، ٻن مهينن کان پوءِ هن آفيس پنهنجو ڪم شروع ڪيو آهي ته اتي وري سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرائڻ لاءِ صبح کان وٺي شام تائين ماڻهن جي رش لڳل هوندي آهي پر افسوس ان ڳالھ جو آهي ته هن آفيس ۾ آيل غريب ماڻهو صبح کان شام تائين پيٽ بکئي انتظار ڪن ٿا پر کين ٽوڪن نٿو ملي، هڪ هڪ ماڻهو پنج، ڇهه ڏينهن ذليل ٿئي ٿو، پوءِ وڃي ان کي ٽوڪن ملي ٿو، باقي شفارشي ماڻهن جو ڪلاڪن ۾ ڪم ٿي ٿو وڃي، هتي ويٺل ملازم نوان ۽ مغرور قسم جا ڇوڪرا آهن، جن جو ڪنھن غريب جو سوال نٿا ٻڌن نه ئي انهن جي اک غريبن تي ٿي ٻڏي، ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر کي هن چٺي وسيلي اپيل ٿي ڪجي ته اهڙن ملازمن کي هٽائي نئون اسٽاف مقرر ڪيو وڃي، جيئن غريب ماڻهو سولائيءَ سان سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرائي سگهن.

صوفي محمد حسن نهڙيو/ٿرپارڪر‎‎

سنڌي سماج ۾ عورتن سان ٿيندڙ ناانصافيون!‎‎

  گهر جي ھجڻ جو تصور عورت کان سواءِ ناممڪن آهي، عورت چاهي ڪھڙي به روپ ۾ ھجي، ماءُ ھجي، ڀيڻ ھجي، زال ھجي يا ڌيءُ، ايئن چوڻ ۾ ڪو به وڌاءُ ناهي ته عورت گهر جي سونهن آهي، ھنن سڀني رشتن ۾ سڀ کان پھرين جيڪو رشتو جڙيو اھو حضرت آدم عليه سلام ۽ بيبي حوا جو ھو جيڪو زال ۽ مڙس جي صورت ۾ دنيا ۾ نمودار ٿيا، ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته زال ۽ مڙس جو رشتو سڀني کان وڌيڪ اھميت وارو آهي پر اڄ ڪلهه اسان جي سنڌي سماج ۾ زال جي اھميت اھا ناهي رھي. ان جا انيڪ سبب آهن، جن مان ھڪ اهو به آهي ته گهر جي عورتن جو پاڻ ۾ ٽڪراءُ پڻ آهي، سماج ۾ ڪٽنب جو تصور ھڪ عورت ھڪ مرد نه پر ڪٽنب ۾ ماءُ ڀينرون، ڀائر ۽ ڀاڄائيون سڀ شامل آهن، انهن جو گڏ رھڻ، ھڪ ٻئي کي برداشت ڪرڻ ھڪ ڏکيو مرحلو آهي، انھن مسئلن سبب عورت ذات پھنجو مقام وڃائي رهي آهي، چوندا آهن ته عورت ئي عورت جي دشمن آهي، نئين ايندڙ عورت ننھن جي روپ ۾ اچي ٿي، ان کي ٿورڙي به وٿي نٿي ڏني وڃي ۽ نه ئي اسان جي سنڌي سماج جو مرد ان نئين آندل عورت جي مالڪي ڪرڻ جي سگھ رکي ٿو، ان عورت کي ڪٽنب جي سھاري ڇڏي ٿو ڏئي، پوءِ اھو مرد پنھنجي خاندان کي خوش ڪرڻ لاءِ ھر وقت سوال جواب ڪندي سڀني سامهون ڪٽھڙي ۾ ان کي بيھاريندي نظر ٿو اچي. ماءُ جي عزت پنھنجي جاءِ تي، ان کان انڪار ناهي پر ان زال جو حق به آھي، ان کي ٻئي جي سھاري ڇڏڻ ناانصافي آھي. اڳتي هلي اھا عورت اسان جي نسل وڌائي ٿي ۽ ان جي پرورش ڪري ٿي، ان جا نتيجا به سڀني جي سامهون آھن، عورت ذات ذميوارين کان نٿي ڊڄي ۽ نه ئي ھو ڪنهن به قسم جي ڪم کان ڪيٻائي ٿي پر جڏهن ھن کي مڃتا نٿي ملي ته ھن جي دلي جذبا مري وڃن  ٿا. ٿورڙي به مڃتا ملڻ سان ھو ٻيھر جيئري ٿي پوي ٿي ۽ سڀ ٿڪ وساري ويھي ٿي ۽ ھو پاڻ به جي سگھندي ٻارن جي سٺي تربيت ڪندي، پنھنجو پاڻ کي ڪٽنب جو فرد سمجھندي، ھڪ سگھاري مرد ۽ سگھاري سوچ رکندڙ مرد جي ضرورت ھر عورت کي ھوندي آهي جيڪو عورت جو سماج ۾ گم ٿيل مان ۽ مقام کيس ڏياري سگھي.

سردار خاتون/حيدرآباد