ٽوئيٽر ٽاپ ٽرينڊ

0
147
ٽوئيٽر ٽاپ ٽرينڊ

 سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ڪالهه روائيز اينڊ پاس مينارٽيز بل هيش ٽيگ ٽرينڊ هلايو ويو، جنهن ۾ مطالبو ڪيو ويو ته جبري مذهب جي تبديلي کي روڪيو وڃي، مذهب تبديلي لاءِ عمر مقرر ڪئي وڃي، رميش ڪمار ميگهواڙ لکيو ته جبري مذهب جي تبديلي روڪي وڃي، جبري مذهب جي تبديلي خلاف بل منظور ڪيو وڃي،

مولچند ڪمار ڪولهي لکيو ته اسان وٽ بنا سڃاڻپ ڪارڊ جي نڪاح نامو قبول ناهي ڪيو ويندو اتي ئي وري هندو نياڻين جو بنا سڃاڻپ ڪارڊ جي نڪاح نامو قبول ڪري نڪاح ڪندڙ کي نياڻي ڏني وڃي ٿي؟ بل پاس ڪيو وڃي، حق ابڙو لکيو ته جبري مذهبي تبديلي سان ملڪي ساک به متاثر ٿي رهي آهي، صوبائي ۽ وفاقي حڪومت کي اهڙو عمل روڪڻ لاءِ قانونسازي ڪرڻ گهرجي، هالار ياسين لکيو ته سنڌ اسيمبلي اسان کي انصاف فراهم ڇو نٿي ڪري؟ايڊووڪيٽ ڀڳوان داس ڪولهي لکيو ته جبري مذهبي تبديلي خلاف بل نظرثاني ڪري منظور ڪيو وڃي، اقصيٰ ڪينجهر جمالي لکيو ته جبري مذهب جي تبديلي انساني حقن جي ڀڃڪڙي آهي،

فقير شيوا، امر چند ڪولهي، سراج مزاري، راجا گووند ڪولهي، انيتا ڪماري، مولچند ڪمار ڪولهي، آڪاش مالهي، ايش ڀورياڻي، وشنداس ڪڇي، پرڪاش ميگهواڙ، راجڪمار وڻجارا، پون ڪمار، رميش ڪولهي، رميش ڪمار ميگهواڙ، ڪشور گجر، سردار رميش ساگر، فقير شيوا ڪڇي، دليپ ڪمار ڪولهي،جئي ڪمار، ونود راماڻي، گووند شرما ۽ ٻين ٽرينڊ ۾ حصو ورتو، ٽرينڊ ۾ چيو ويو ته جبري مذهبي تبديلي نامنظور، قانون ٺاهيو وڃي، اقليتن کي بچايو وڃي، هندو نياڻين کي تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪيو وڃي، اقليتن کي برابر شهري تسليم ڪيو وڃي، اغوا ٿيل ٻارڙي پريا ڪماري جي آزادي جو به مطالبو ڪيو ويو.