تعليم دشمني ۽ سنڌ حڪومت!

23 آگسٽ 2021ع تي سنڌ جا تعليمي ادارا کلڻا هئا پر سنڌ حڪومت انهن کي اڻڄاتل وقت تائين تالا هڻي ڇڏيا آهن ۽ اهو منطق پيش ڪيو پيو وڃي ته ويڪسين ناهي ٿيل. جڏهن کان ڪورونا وبا آئي آهي تڏهن کان تعليمي سرگرميون بند ڪيون ويون آهن، ڄڻ ڪورونا صرف تعليمي ادارن ۾ ئي ٿئي ٿي ۽ باقي مارڪيٽ، شادي هال، هوٽل، پارڪ، جلوس، ڌرڻا، احتجاجن ۾ ڪورونا وائرس جي داخلا تي بندش آهي، سنڌ ۾ اڳ ئي تعليم تباهه ٿيل آهي. 60 سيڪڙو اسڪول ڀوتارن جي رحم ڪرم تي آهن، جتي نالي ۾ اسڪول ته آهن پر اهي ڀوتارن جون اوطاقون، واڙا يا گودام بڻيل آهن، ڇو ته جيڪڏهن ڳوٺ جو ٻار پڙهيو ته ڀوتار جي سلامتي ۽ نوڙت ڪيئن ڪندو؟ اسان جي سنڌ حڪومت، ڀوتارن سان ڀريل آهي، جن جا تعليم لاءِ نرالا فيصلا روز ٻڌڻ ۾ اچن ٿا، ڀوتار روز ڪورونا وائرس جي ليبارٽري ۾ ويٺا آهن ۽ ٻڌائين ٿا ته ڪورونا وائرس تعليمي اسڪولن ۾ هاڻي تباهي مچائي ڇڏيندو. ان لاءِ اسڪولن کي اڻڄاتل مدي تائين تالا هوندا. سڄي پاڪستان ۾ خاص طور تي پنجاب، سرحد ۽ بلوچستان ۾ تعليمي پاليسيون الڳ ۽ فيصلا به الڳ ۽ سنڌ ۾ ڀوتارن جي رحم ڪرم تي سنڌ جي تعليم آهي، ان لاءِ سنڌ حڪومت کي گھرجي ته تعليمي ادارن کي کولين ۽ ٻار جيڪي اڳ ۾ تباهه ٿي ويا آهن انهن کي وڌيڪ برباديءَ کان بچايو وڃي ۽ سنڌ جي ترقي تعليم ۾ ئي آهي نڪي تعليمي ادارن جي تالا بنديءَ ۾.

عابد پنهل بليدي/ڪراچي

سنڌ يونيورسٽي جي شاگرد دشمن پاليسي!‎‎

هن وبائي صورتحال ۾ جتي تعليم جهڙي زيور کي تالن مٿان تالا لڳائڻ جي سازش هلي رهي آهي، اتي بک، بدحالي ۽ بيروزگاري ڏينهون ڏينهن گهر ڪندي پئي وڃي. سنڌ جو نوجوان ۽ ٻارڙا تعليم کان پري ٿيندا پيا وڃن، اتي انتظاميا به گهٽ نه پئي ڪري، سنڌ يونيورسٽي انتظاميا به پنهنجي حصي جون ناجائزيون هر وقت ڪندي رهي ٿي. تازو يونيورسٽي جي ايفليئٽيڊ ڪاليجن ۾ هلندڙ ٻئين سال جي امتحانن جا چالان جاري ڪيا ويا آهن جنهن ۾ ڳاٽي ٽوڙ فيس ۾ اضافو ڪيو ويو آهي، ان ڪري ڪافي شاگرد پريشانيءَ جو شڪار آهن ته ايتري ڳري فيس جو بندوبست ڪيئن ڪجي ۽ پنهنجي تعليم جاري رکي ڊگري ڪيئن  حاصل ڪجي. سنڌ جا لکين شاگرد جيڪي ٻهراڙي ۽ ڳوٺن سان واسطو رکن ٿا جيڪي يونيورسٽي جون ڳريون فيسون ۽ هاسٽل وغيره جي خرچ جي ڪري يونيورسٽي وڃڻ بجاءِ ڪاليجن ۾ ئي پنهنجي تعليم جاري رکڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، اتي يونيورسٽين جي ڪرپٽ انتظاميا انهن کي ڪنهن نه ڪنهن سازش طور پڙهائي کان محروم رکڻ لاءِ وسان نٿي گهٽائي. ڪاليج سائيڊ جي ڊگري جيڪا ٻن سالن جي آهي، اها يونيورسٽي 4 سالن ۾ شاگردن جي هٿن ۾ ڏي ٿي ۽ مٿان وري تازو 6 هزار کان 7 هزار تائين جو اضافو ڪري پنهنجي نااهليت ڏيکاري رهي آهي. پوئين سال 5 هزار رپيا فيس هئي ۽ هاڻي فيس ٻيڻ تي وڌائي 11 هزار ڪري شاگردن سان ناجائزي وارو سلوڪ ڪري رهي آهي، جڏهن ته شاگردن جي احتجاجن ۽ انهن جي چوڻ باوجود فيسن ۾ ڪا گهٽتائي نه ٿي آهي. اسين يونيورسٽي انتظاميا ۽ اعليٰ اختيارين کي گذارش ٿا ڪريون ته فيسن ۾ گهٽتائي آڻي شاگردن کي سڪون سان پڙهڻ ڏنو وڃي.

احمد ڪنڀار/کپرو

سلور  جوبلي ٿي وئي!

نصرپور علم جو مرڪز رهيو آهي، هتان وڏا وڏا نالي وارا ماڻهو پيدا ٿيا آهن، جن کي تاريخ اڄ به ياد ڪري ٿي، هتي پري پري کان شاگرد اچي علم پرائيندا هئا، هتي شروع ۾ پرائمري اسڪول 1858ع ۾ قائم ٿيو، جتي پرائمري تائين تعليم هوندي هئي، وڌيڪ تعليم لاءِ هتان جي ماڻهن کي ٽنڊو الهيار يا حيدرآباد وڃڻو پوندو هو، هتي ديوانن جي به اڪثريت هوندي هئي، چون ٿا ته ديوان قيمت راءِ پنهنجو پلاٽ اسڪول جي لاءِ ڏنو جتي مڊل اسڪول قائم ٿيو، جيڪو لوڪل باڊيز جي هٿ هيٺ هو، جڏهن هن اسڪول ۾ شاگردن جو تعداد وڌي ويو ته هن اسڪول کي 1931ع ۾ هاءِ اسڪول جو درجو ڏنو ويو، هن جو پهريون هيڊ ماستر سيد غلام قادر شاهه بخاري ٿيو، هن اسڪول ۾ ڪيترائي نالي وارا ماڻهو پڙهيا جن مان ڪي استاد ٿيا ته انهن هن اسڪول ۾ تعليمي خدمتون انجام ڏنيون، هن وقت به تعليمي لحاظ کان هي اسڪول پنهنجو مٽ پاڻ آهي. هتي محنتي استاد تعليم جو وکر ورهائي رهيا آهن، هن اسڪول کي هاءِ اسڪول  ٿيندي هن وقت 60 سال ٿيا آهن، هتان جي ماڻهن ڪنهن وقت ۾ اهو مطالبو ڪيو ته هن اسڪول جو درجو هائير سيڪنڊري ڪيو وڃي، تڏهن هتي ڪاليج نه هو، هاڻي ڪاليج آهي، جنهن کي ڊگري ڪاليج ڪيو ويو آهي. هن اسڪول جي هڪ تاريخ آهي، جنهن کي گڏ ڪيو وڃي جيئن جيڪي هن وقت هن اسڪول ۾ پڙهي رهيا آهن يا پڙهي ويا آهن، انهن کي هن اسڪول جي تاريخ جي خبر پوي، جيڪي هن اسڪول ۾ علم پرائي رهيا آهن اهي اڄ وڏن عهدن تي آهن، انهن مان ڪي شاعر آهن، ڪي ڪهاڻيڪار آهن، ڪي ناول نويس آهن مطلب ته جيڪي به هن اسڪول پڙهيا هئا اهي اڄ وڏن عهدن تي آهن. آئون به هن اسڪول پڙهيو آهيان، جنهن منزل تي اڄ آهيون اهو هن اسڪول ۽ هن اسڪول جي استاد جي شفقت ۽ مهرباني آهي. اسان کي فخر آهي ته اسان جو اسڪول قديم آهي، جنهن ڪيترائي املهه ماڻڪ پيدا ڪيا هوندا، جيڪي به هن اسڪول ۾ پڙهيا آهيون، انهن تي اها ذميواري آهي ته هن اسڪول جي ترقي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪريون، هن اسڪول تي تاريخ مرتب ڪريون.

خادم گھراڻو/نصرپور

اڻ توريو ئي اگھائيو!

اڄ آئون صبح جو جلدي ننڊ مان بيدار ٿي ويس ڇو جو مون کي اسٽرين ڪلينڪ قرشي جي انچارج حڪيم خالد شاهه صاحب کي 09:00 وڳي چيڪ اپ ڪرائڻو هو،. جيل جي وڏي وڏي ڊاڪٽرن جو چوڻ هو  ته مون کي ڪا به تڪليف ناهي، انهن منهنجو گھڻيون ٽيسٽون وعيره به ڪيون پر انهن کي منهنجي مرض جي ڪا به خبر ڪيئن پئي؟ مون ڪجھه عرصو اڳ ڀوڳن ڀوڳن ۾ ون ٽو فاءِ اسڪوٽر پنهنجي ڪلهي تي کنيو هو، جنهن کان پوءِ مون کي ڪلهن ۾ سور ٿي پيو هو، ان کان پوءِ منهنجو ڪلهو به سُن ٿي ويندو هو، آئون گھڻي دير لکي به سگھندو هئس، ڪنهن به مون کتي ڪو خاص ڌيان نه ڏنو، آئون اهو سوچڻ لڳس ته هاڻ آزاديءَ کان پوءِ ئي ڪلهي جو علاج ممڪن آهي، جي آئون جيئرو بچي ويس، پر اهڙي وقت ۾ قرشي اسٽرين ڪلينڪ اسان جي جيل ۾ کُلي وئي ۽ ان جو رحمدل انچارج حڪيم خالد شاهه معالج مون تائين رسي ويو ۽ آئون رڳو ٻن ڏينهن ۾ مفت جون دوائون کائي تيار ٿي ويس. حڪيم خالد شاهه صاحب جي اچڻ سان جيل جي سمورن قيدين ۾ خوشيءَ جي لهر نظر اچي رهي آهي. هر ڪو مريض تندرستي طرف وڌي رهيو آهي، آئون ٿورائتو آهيان پياري حڪيم خالد شاهه صاحب جو جنهن مون کي ٻيهر لکڻ ۽ ورزش ڪرڻ جي لائق بڻايو ۽ جيل جا سمورا قيدي سندس ٿورائتا آهن، قرشيءَ جي پوري ٽيم جا جنهن جي ٿورن سان حڪيم صاحب اسان جي جيل ۾ شفٽ ٿي آيو آهي، مون کي شاهه سائين جو هي بيت ياد ٿو اچي ته:

محبت پائي مَن ۾ رندا روڙيا جن،

تن جو صرافن، اڻ توريو ئي اگھائيو.

آصف غلام رسول ڇلگري/ سينٽرل جيل حيدرآباد

مالهي ڪالوني جو بااثر شخص ۽ غريب عوام!

ضلعي ميرپورخاص جي تعلقي حسين بخش مري جي ديھ 110 ۾ مالهي ڪالوني تقريبن 5 هزار گهرن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ فيز هڪ کي ڇڏي فيز ٻه ۽ ٽي جي حالت تمام گهڻي خراب آهي، اتي بنيادي ڪا به سهولت ميسر ناهي، هتان جو عوام تمام غريب، مسڪين ۽ ڏتڙيل حال آهي، ڏهاڙي ڪمائڻ وارا هن لاڪ ڊائون ۾ ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آهن، مٿان وري بااثر شخص هن غريب عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، فيز ٽي جو منظور ٿيل ٽرانسفارمر فقط پنهنجي بنگلن لاءِ لڳايو ويو آهي، فيز ٽو جي منظور ٿيل واٽر سپلاءِ جي لائين، سي سي رستا ۽ اسٽريٽ لائيٽون به پنهنجي بنگلي تي لڳايون آهن. هتان جي غريب مسڪين اٻوجھ عوام کان چوڪي جي بهاني في گهر کان 300 رپيا مهينو ورتا ٿا وڃن، غريب مسڪينن کي ھيسائي ڌمڪائي چپ ڪرايو ويندو آهي. جيڪڏهن ڪو غريب ماڻهو پنهنجي حقن جي لاءِ آواز اٿاري ٿو ته هن کي ڌمڪيون ڏنيون ٿيون وڃن ۽ هن غريب جي چوري ڪرائي ٿي وڃي. هن حد جي پوليس به بااثر جي ڌر بڻيل آهي، هتان جي عوام وڏي سورن ۽ تڪليفن ۾ زندگيءَ گذاري رهي آهي. اسان جو سنڌ جي اعليٰ اختيارين کي عرض آهي ته مالھي ڪالوني جا ھي معاملا اوليت جي بنياد تي جلد کان جلد حل ڪيان وڃن.

امتياز علي ڪنڀر/ميرپورخاص

ڪجهه ڌيان ڪيو!

سنڌ سرڪار پاران تعليم جي بهترين دعوا کي سنڌ ٽيڪسٽ بورڊ ڌوڙ ڪري ڇڏي آهي، دادو تعلقي جي 580 پرائمري اسڪولن جي 75 هزار شاگردن مان 29 هزار ٻارن کي درسي ڪتاب نه مليا آهن، گذريل ٻن سالن جي ڪري متاثر ٿيل سنڌ جي تعليم سان سنڌ ٽيڪسٽ بورڊ به نه گهٽايو آهي، دادو تعلقي جي پرائمري ۾ پٽي پڙهندڙ شاگردن لاءِ 16 هزار ڪتاب گهربل هئا ته سنڌ ٽيڪسٽ بورڊ 4 هزار ڪتاب ڏنا، پهرين ڪلاس جي 6 هزار، ٻئين ڪلاس جي 5 هزار، ٽئين ڪلاس جي 5 هزار، چوٿين ڪلاس جي 6 هزار، پنجين ڪلاس جي 5 هزار شاگردن جا ڪتاب گهٽ ڏنا ويا آهن، جنهن سبب انهن شاگردن جو جولاءِ ۾ پيپر ڏيڻ ۽ پاس ٿيڻ جو ڄڻ ڪو فائدو ئي نه ٿيو، دادو ضلعي جي ٻين تعلقن جوهي، ڪي اين شاهه ۽ ميهڙ جي 30 هزار کان وڌيڪ شاگردن کي درسي ڪتاب نه ملي سگهيا آهن، جيڪا ڳالهه انتهائي پريشان ڪندڙ آهي پر سنڌ ٽيڪسٽ بورڊ جي ڪن تي جونءِ نٿي سُري. سنڌ جي وڏي وزير ۽ تعليم کاتي جي صوبائي وزير کان مطالبو ٿو ڪجي ته خدارا ڪجهه ڌيان ڪيو! دادو جي پرائمري جي شاگردن کي درسي ڪتاب ڏيو ۽ سنڌ ٽيڪسٽ بورڊ جي نااهلي جو نوٽيس وٺو.

درياءُ خان جهتيال/ دادو

سنڌ جي سب انجنيئرز سان به انصاف ڪريو!‎‎

مختلف کاتن ۾ ڪم ڪندڙ سب انجنيئرز ڪيترن ئي سالن کان پنهنجن جائز مطالبن لاءِ سراپا احتجاج بڻيل آهن پر سندن مطالبن جو تدارڪ نٿو ڪيو وڃي، جڏھن ته ان جي ابتڙ سنڌ جي تعليم، صحت، بهبود آبادي ۽ پوليس سميت سنڌ جي مختلف کاتن جا ملازم وقت بوقت اپ گريڊ ٿيندا رهيا آهن پر افسوس ته سنڌجي مختلف کاتن ۾ ڪم ڪندڙ سب انجنيئرز تي سنڌ حڪومت جي اک ئي نٿي ٻڏي، جيڪي ڀرتي به 11 اسڪيل ۾ ٿا ٿين ته رٽائرڊ به ان 11 اسڪيل ۾ پيا ٿين، پنج ست اسڪيل ۾ ڀرتي ٿيل ملازم 16 ۽ 17 اسڪيل ۾ رٽائرمنٽ تي پڄي ٿا وڃن پر ساڳي وقت تي سب انجنيئرز جيڪي ڏينهن رات مختلف فيلڊن ۾ ڪم ڪندا ٿا رهن انهن کي نه ڪو ٽائيم اسڪيل نه ٽي اي، ڊي اي نه ڪو پروجيڪٽ الائونس ٿو ڏنو وڃي. سنڌ جا سب انجنيئرز پنهنجن مطالبن لاءِ ڪافي عرصي کان احتجاج ۽ درخواستون ڪندا رهيا آهن پر سندن مسئلا حل نه پيا ڪيا وڃن، جن جي حل ڪرڻ جو آرڊر سنڌ هاءِ ڪورٽ پڻ پاس ڪري چڪي آهي، پاڪستان جي ٻين صوبن ۾ سب انجنيئرز جي اپگريڊشن، ٽائيم اسڪيل، سن ڪوٽا سميت جائز مسئلن کي حل ڪيو پيو وڃي پر خبر ناهي ڇو سنڌ حڪومت سب انجنيئرز جي جائز مطالبن کي سنجيدگي سان حل ڪرڻ لاءِ ڪو به تحرڪ نٿي وٺي. وزيراعليٰ سنڌ کي ان مطالبي جي حل لاءِ عرض آهي ته مهرباني ڪري سنڌ جي سب انجنيئرز جا جائز مسئلا حل ڪرڻ جو حڪم ڏئي انهن مان ملازمن مان بيچيني ختم ڪئي وڃي.

عبدالحميد لغاري/ دادو

ظالم ڊاڪٽر ۽ عوام!‎‎

ڊاڪٽر مسيحا ھوندا آھن، سڄي دنيا ۾ ڪورونا سبب پنھنجيون حياتيون وڄائي ۽ مريضن جي زندگي بچائين ٿا پر سنڌ جي تقريبن ھر شھر ۽ ڳوٺن ۾ ڪاروبار کان سواءِ ڪجھ نٿا ڪن جي ڪو بيمار مريض انھن ڏانھن ويندو آھي ته سڀ کان پھريائين چوندا ته رت جون ٽيسٽون ڪرايو، الٽراساونڊ ڪرايو ته پوءِ دوا ڏينداسين، جيڪي نارمل مريض ھوندا آھن انھن کي به ھزارن رپين جو چونو هنيو ويندو آھي ۽ پوءِ اڇي پني کي مختلف اينٽي بايوٽڪ دوائن سان ڀري ڇڏيندا ۽ ھٿ ۾ مختلف قسمن جون رنگين گوريون وٺرائيندا جيڪي کائڻ کان پوءِ دوا اندر، دم ٻاھر هوندو آهي، ان ميڊيڪل ڪمپني جي ڪاروبار ۾ مافيائون ملوث ھونديون آھن، جنھن جا پٽي ڀائي اسان جا ظالم ڊاڪٽر آھن، جيڪي چند پئسن ۽ ڪميشن عيوض ماڻھن جي زندگين سان کيڏي رھيا آھن ۽ دوائون به جعلي وڪرو ڪيون ٿيون وڃن، جتي ڊاڪٽر جي ڪلينڪ ھوندي دوا به اتان وٺڻي پوندي ۽ رت جون ٽيسٽون به ان ميڊيڪل سينٽر تان ڪراڻيون پونديون  آهن، انھن دوائن لکڻ عيوض ڊاڪٽرن کي مختلف دواساز ڪمپينن پاران بونس ۽ مختلف ملڪن جا ٽوئر ڪرائيندا آھن، ٿوري تڪليف ٿيندي ته اسان ان وقت ڪاسائي ڊاڪٽرن ڏانهن حلال ٿيڻ پھچي ويندا آھيون ۽ اھي وري مڏي ڇري سان مريض کي حلال ڪندا آھن، سڄي زمين ۾ 70 سيڪڙو پاڻي آھي ۽ عجيب اتفاق آھي ته انسان جو دماغ جيڪو بلڪل زمين جيان گول آھي ان ۾ به پاڻي جو مقدار 70 سيڪڙو ئي آھي، صحتمند انسان کي ھرروز 5 ليٽر پاڻي پئيڻ گھرجي پر اسين ڏينھن ۾ پاڻي جا پنج گلاس به ناهيون پيئندا، ھوٽلن ۾ فاسٽ فوڊ کائي اسين سڀ پنھنجي صحت جا پاڻ دشمن بڻجندا آھيون، قدرت واري انسان جي جسم ۾ ھڪ بيمارين جي بچاءَ ۽ ڪا به جسم ۾ تڪليف ٿئي ڪروڙن جي تعدا ۾ محافظ ٺاھيا آھن، جن کي اميون سسٽم چيو ويندو آھي، جيڪو جسم ۾ ڪجھ به تڪليف ٿئي ته اهو متحرڪ ٿي ويندو آھي ۽ انھن بيمار جراثيمن کي ماريندا آھن پر اسين صبر نه ڪري سگھندا آھيون ۽ تڪليف برداشت نه ڪندا آھيون، جي توھان ٽن ڏينھن تائين درد کي برداشت ڪندو ته توھان کي ڊاڪٽر وٽ وڃڻ جي ضرورت ئي نه پوندي ۽ صحتمند رھڻ لاءِ توھان کي صاف کاڌا کائڻا پوندا ۽ روز ورزش کي پنھنجي زندگي جو حصو بڻائڻو پوندو.

فرخ حسين جمالي/ لاڙڪاڻو

هڪ درد منداڻي اپيل!‎‎

ٽنڊو غلام حيدر جي يونين ڪائونسل نظر پور جو قديمي ڳوٺ قالو خان مگسي اٽڪل 5 ھزار گھرن تي ٻڌل آبادي وارو ڳوٺ آهي پر ھن ترقي يافتا دور ۾ به جتي انسان چنڊ تي وڃي پھتا آھن پر ھن ڳوٺ جا رهواسي ماروڙا انساني بنيادي سھولتن جھڙوڪ صحت، گئس، بجلي، تعليم، روڊ، رستا ۽ پئيڻ جي صاف پاڻي جھڙي سھولتن کان محروم آهن ۽ پٿرن جي دور واري زندگيءَ گذارڻ تي مجبور آھن، ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته ھر ڀيري چونڊيل نمائندا اليڪشن دوران واعدا ڪري ووٽ وٺي وڃن ٿا پر ان کان پوءِ اھائي ساڳئي ڳالھ ته اھو واعدو ئي ڪھڙو جو وفا ٿي پوي، جي مثال وري نظر ئي نٿا اچن. انهن سمورن چونڊيل نمائندن کي اپيل ٿي ڪجي ته اسان جي ڳوٺ قالو خان مگسي کي بنيادي سهولتون جھڙوڪ روڊ رستا، بجلي، گئس، اسپتال ۽ پئيڻ جو صاف پاڻي مھيا ڪري پٿرن واري دور واري زندگي گذارڻ کان بچايو وڃي.

مسڪين حافظ محمد علي ورڙ/ورڙ موري

ڏڪاريل ڏيهه اڇڙي ٿر ۾ خوشين ڀريو ميلو!

اڇڙو ٿر جتي ھر شخص محبتون ونڍيندو وتي ٿو، اڇڙو ٿر جتي جا رھواسي بک ۽ اڃ ھوندي به ايندڙ مھمانن لاءِ پنھنجون اکيون وڇائي آجيان ڪندا آھن، اڇڙو ٿر جيڪو صحت، تعليم، پاڻي ۽ پڪن رستن جھڙي سھولت کان اڃا تائين محروم رھندو پيو اچي، اڇڙو ٿر سڀاڳي سنڌ جو اھو اڀاڳو حصو آھي، جتي اڄ به گھڻن بيمارين جو علاج پراڻن ٽوٽڪن ذريعي ڪيو وڃي ٿو، ھتان جا مارو جن جي اڪثريت بک بدحالي ۾ جي رھي آھي، جن کي دنيا ۾ لڳندڙ ميلن ملاکڙن جي تمام ٿوري ڄاڻ ھوندي آھي، تقريبن اڇڙي ٿر واسين ته ناران ڪاغان جي مشھور گلئشيئرن جو نالو به نه ٻڌو ھوندو، اتي انھن جي گھرن، ڳوٺن، واھڻن جي ٿوري پنڌ تي ايڏو وڏو ايونٽ ڪرڻ يقينن خوشي جھڙي ڳالھ آھي، ھن ايونٽ ۾ محفل، درود وسلام، مولود، راڳ رھاڻ، ميلي جو سڄو نظام سڀ شريعت محمدي موجب ھلندو آھي، ادب جي حد اھا ھوندي آھي جو 80 سيڪڙو فرد پنھنجو مٿو ڍڪي پيرين اڀراڻا نظر ايندا آھن، ڏڪار، ڏولاون، بيمارين ۽ ٻين انيڪ مسئلن جي ڄار ۾ ورتل ماروئڙا ھن ھڪڙي رات ۾ سموريون تڪليفون وساري کل ڀوڳ ۽ ھڪ ٻئي سان ڪچھري ڪندي نظر اچن ٿا. اھڙو منظر ڏسي دل کي ڏاڍو سڪون ۽ خوشي محسوس ٿي رات جو تقريبن ٽيون حصو مشاھدو ڪرڻ کان پوءِ صبح فجر وقت واپس ورڻ محل دل ۾ ڪي خيال ايندا رھيا ته جيئن ھي ماروئڙا اڄ رات خوش نظر پيا اچن، ڇا زندگي ۾ ھميشه ايئن خوش رھي سگھن ٿا؟ وري پاڻھي جواب ڏنم ڇو نهٿا رھي سگھن. ڪاش ھتي به تعليم ھجي، ڪاش ھتي جا روڊ رستا پڪا ھجن. ڪاش ھتي به صحت جون سھولتون ھجن، ڪاش ھتي جا ٻار پڙھي بھترين مقامن تي پھچن پر اھو سڀ ڏکيو ضرور آھي پر ناممڪن ناهي ان لاءِ ڪجھ رياست کي ٿر جي مٿان مھربان ٿيڻو پوندو، جيڪا ھميشه اڇڙي ٿر کي ڌڪاريندي رھي آھي، ڪجھ ووٽ وٺندڙ وڏيرن کي به ھتان جي ماروئن تي رحم جي نظر ڪرڻ گھرجي جيئن ھنن سون ورني ڌرتي جا اڀاڳا ٻار ڪنھن سڀاڳي روشن خوشحال مستقبل جو صبح ڏسي سگھن.

اسلم ھنڱورجو/ ڍليار

عورتن ۽ ٻارن تي جنسي حراساني جي واقعن ۾ واڌ!

عورتن ۽ ٻاڙن جي ڏاڍ ۽ ظلم جي واقعن ۾ ڏينھون ڏينھن واڌ ايندي پئي وڃي، اھڙن وحشيت جي واقعن جي خبرن سان ميڊيا ڀري پئي آهي، ھاڻي ته اھڙا وحشيت جا واقعا ٿي رھيا آھن جو انسانيت جو شرم کان ڪنڌ جھڪي ويو آھي، چوڻي آھي ته ماڻھو جي مٽي ڳوھڻ وقت چڱائين واري چاڻي ڪو شيطاني قوت رت به رلي ملي ويو ھو، جنھن ڪري انساني فطرت ۾ وحشيت شامل رھندي اچي، جنھن ڪري ھن ڌرتي جي گولي تي ھيڏا ڪلور ڏينھون ڏينھن نون روپن ۾ سامھون ايندا رھن ٿا. مڃون ٿا ته تاريخ تي ٿورڙي نظر ڪبي ته اها وحشيت ۽ واقعن ۽ ڪلورن سان ڀري پئي آھي، اڄ جي دور کان ڏھوڻا ڀيرا وڌيڪ ظلمن ۽ ڪلورن سان ڀري پئي آھي، تاريخ ۾ جبر ۽ ڏاڍ انساني تشدد جا انيڪ مثال رقم ٿيل آھن، ھن وقت جي انساني تشدد ۽ وحشتن جا واقعا نوان اندازن سان سامھون اچي رھيا آھن. تازوئي غلام الله شھر ۾ عورت قبر مان ٻاھر ڪڍي ان جي بيحرمتي وارو واقعو پيش آيو، جنهن جي جيتري مذمت ڪجي سا گھٽ آھي. سنڌ ۾ عورت کي احترام واري نظر سان ڏٺو ويندو آھي، جي عورت ڪنھن ڌر ڏي ميڙ ٿي ايندي آھي ته خون معاف ڪبا آھن، غلام الله واري واقعي جيءُ جھوري ڇڏيو آھي، جنھن اھو عمل ڪيو ان کي حيوان چئجي، اسان جي ملڪ ۾ عورتون وحشين کان محفوظ ناھن، ھاڻي مئا به محفوظ ناھن، وري وحشت جو ٻيو واقعو 14 آگسٽ تي مينارِ پاڪستان تي تفريح لاءِ آيل عورت سان پيش آيو، اوباش ماڻھن عورت جي تذليل ڪئي، جنھن ۾ ان جا ڪپڙا ليڙون ليڙون ٿي ويا، ٽن ڪلاڪن تائين تذليل جو نشانو بڻائيندا رھيا، اھڙو ويڊيو شوشل ميڊيا وائرل ٿيو، ان عورت سان ھن وقت تائين انصاف ناھي ٿي سگھيو، اھڙا واقعا روز جو معمول بڻيل آھن. جنسي زيادتي جا واقعا گھڻا رپورٽ ٿيا آھن، ٻارڙن ۽ عورتن کي تحفظ ڏيڻ ۾ رياست مڪمل ناڪام نظر اچي ٿي، جوابدار ضمانت ڪرائي آزاد گھمندا وتن ٿا، ٻارڙن تي ٿيندڙ جنسي زيادتي ۽ تشدد جي وڌندڙ واقعن جي روڪٿام لاءِ تڪڙا اپاءَ ورتا وڃن.

وحيد علي ڄامڙو/راڻيپور