پرڏيهي مدد سان گڏ پاڪستان کي اندروني طور به قدم کڻڻا پوندا: ورلڊ بئنڪ جو نائب صدر

0
260

پرڏيهي مدد سان گڏ پاڪستان

ڪراچي: ورلڊ بئنڪ جي نائب صدر مارٽن ريزر چيو آهي ته پرڏيهي مدد سان گڏ پاڪستان کي اندروني طور به قدم کڻڻا پوندا، موسمياتي تبديلي سبب پاڪستان وڏو متاثر ٿيو، اهڙين برساتن جو ڪٿي به مثال نه ٿو ملي

نجي ٽي وي سان خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪرڻ دوران مارٽن ريزر جو چوڻ هو ته دنيا کي پاڪستان جي مدد ڪرڻ لاءِ اڳتي اچڻ گهرجي، پاڪستاني عوام بجلي جي وڌيڪ بلز سبب پريشان آهي، اهڙي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪستان کي سڌارا آڻڻ گهرجن

ھن جو چوڻ ھو تھ دنيا کي پاڪستان جي مدد ڪرڻ جي ضرورت آھي، جڏھن تھ پاڪستان کي بھ مالياتي سڌارا آڻڻا پوندا، گڏ ئي ٻوڏ جي بحالي جي لاءِ روڊ ميچ جي ضرورت آھي

ھي به پڙھندا

ٻوڏ متاثرن لاءِ جاري فنڊز جي آڊٽ ڪرائڻ جو حڪم