پيرجوڳوٺ/ پريالوءِ (نمائندا) پريالوءِ ڀرسان هلندڙ ناريجا جتوئي تڪرار جو نبيرو، جتوئي برادري ساک ڏيڻ بعد ناريجا برادري جي  چئن قتلن ۾ مان آجا، جتوئي برادريءَ جي عورت کي زخمي  ڪرڻ بابت ساک ڏيڻ تي ناريجا ڌر الزام کان آجي، ڌريون کير کنڊ، علائقي ۾ خوشي جي لهر. رپورٽ موجب پريالوءِ جي ڪچي واري علائقي ۾ هلندڙ ناريجا- جتوئي خوني تڪرار جو نبيرو مدئجي ۾ اظهر خان ڪماريو، عابد خان جتوئي، حاجي ميرل خان ناريجو، ظفر علي خان مستوئي جي سرپئنچي ٿي گذريو، جنهن ۾ حاجي ڪريم ڏنو ٻڊاڻي جتوئي برادري ۽ حاجي مشتاق مهر ناريجا برادري جي مشير طور شرڪت ڪئي. جڏهن ته گلاب جتوئي. الهرکيو جتوئي. جان محمد ناريجو ۽ حاجي الهرکيو ناريجو جي ڌرين وچ ۾ هلندڙ خوني تڪرار جو نبيرو ٿيو، جنهن ۾ فيصلي جي سرپئنچ ٻنهي ڌرين جون ڳالهيون ٻڏڻ بعد جتوئي برادري جي الهرکيو جتوئي قرآن پاڪ تي ساک ڏني ته ناريجا برادري جي چئن ماڻهن کي قتل ڪرڻ يا کين قتل ڪرائڻ ۾ ملوث ڪونه آهيون، باقي اوڍا برادريءَ جي ماڻهن کي پاڻ وٽ رهايو هو، جو ناريجا برادري جي ماڻهن پاران ڌمڪيون ملنديون هيون، باقي سندن ماڻهون مارائڻ توڙي مارڻ ۾ ملوث ڪونه آهيون، جنهن بعد فيصلي جي سرپئنچ جتوئي برادري کي ناريجن جي قتل واري معاملي مان آجو قرار ڏنو. ان بعد جتوئي برادري جي عورت کي زخمي ڪرڻ واري معاملي تي ناريجا برادري جان محمد ناريجو ۽ ٻين ساک پت ڌني ته اسان جتوئين تي ڪابه فائرنگ ڪانه ڪئي، نه سندن ڪنهن عورت کي زخمي ڪيو. ان بعد فيصلي جي سرپينچ ناريجن کي پڻ الزام مان آجو قرار ڏئي ٻنهي ڌرين کي ڀاڪر پارائي کيرکنڊ ڪري ڇڏيو. ٻنهي ڌرين وچم هلندڙ تڪرار جو نبيرو ٿيڻ بعد علائقي ۾ خوشي جي لهر پکڙجي وئي آهي.