ڪراچي (م ڊ) پنجاب ۽ ڪي پي ڪي  جي مختلف شهرن ۾ وسڪارو، ڪراچي سوڌو سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ اڄ کان برسات جي اڳڪٿي ڪئي وئي. پشاور ۾ وسڪاري سان موسم خوشگوار ٿي وئي، ضلعي خيبر،  سوات،  باجوڙ، دير بالا ۾ به ڪڪر وسي پيا، نندين ۽ نالن ۾ ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿي وئي، فيصل آباد ۾ طوفاني برسات ٿي، سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ اڄ کان 3 سيپٽمبر تائين برسات جو امڪان آهي، موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ساوڻي جي وسڪاري جو هوائون اڄ کان سنڌ ۾ داخل ٿينديون، ڪراچي، ٿرپارڪر، عمرڪوٽ ۽ سانگڙ سميت ٻين ضلعن ۾ برسات جو امڪان آهي.