اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اڳوڻي گهرو وزير رحمان ملڪ چيو آهي ته منهنجي نئين ڪتاب ۾ بينظير ڀٽو شهيد  جي قتل بابت ٿيل جاچ جا تفصيل شامل آهن، بينظير ڀٽو جا قاتل گرفتار ٿي چڪا آهن، ان جا قاتل ڪٿان کان ڪٿي ويا، ڪنهن سان مليا سڀ معلوم ڪري ورتو هو، آمريڪي اخبار ۾ لکيو ويو آهي ته بينظير ڀٽو کي آمريڪا جي ايجنسي قتل ڪرايو، مون وفاقي حڪومت کي خط لکي مطالبو ڪيو آهي ته آمريڪا جي وڏي اخبار ۾ شايع ٿيل ان خبر کي نظر انداز نه ڪيو وڃي، منهنجي ڪتاب ۾ ذوالفقار علي ڀٽو، مرتضيٰ ڀٽو، شاهنواز ڀٽو، لياقت علي خان جي قتل جي جاچ جا تفصيل به شامل آهن، ڪالهه  گهرو مامرن جي اڳوڻي وفاقي وزير رحمان ملڪ جي ڪتاب “ٽاپ 100 انويسٽيگيشنس” جي مهورتي تقريب ٿي، تقريب کي خطاب رحمان ملڪ چيو ته هن وقت سرحدن تي حالتون غير معمولي آهن، آمريڪا 20 سالن کان پوءِ افغانستان مان نڪري رهيو آهي، سڄي دنيا ۾ گولي ڪنهن به مسئلي جو حل نه رهي آهي، افغانستان جي مسئلي جو حل به گولي نه هو، آمريڪا جيئن افغانستان مان فوج واپس ڪئي آهي تيئن پنهنجي دماغ ۽ سسٽم مان به دشمنيون ڪڍي ڇڏي. هن چيو ته مون 4 سال پهريان ٻڌايو هو ته پاڪستان ۾ داعش موجود آهي، پنجابي طالبان ڏکڻ پنجاب کان افغانستان ويا آهن مون اها جڏهن ڳالهه ڪئي هئي ته ان کي رد ڪيو ويو هو، رحمان ملڪ چيو ته منهنجي ڪتاب ۾ 100 وڏن ڪيسن جي جاچ جا تفصيل آهن هن چيو ته بينظير ڀٽو جو قاتل اڪرام الله ڪهڙي ريت افغانستان ۾ ماريو ويو ان جو به ڪتاب ۾ ذڪر آهي،  هن انڪشاف ڪندي چيو ته ايف آءِ اي جو سينيئر عملدار هجڻ باوجود مون کي آمريڪا ۾ حراست ۾ ورتو ويو هو، افغانستان بابت ڳالهائيندي هن چيو ته ملا عبدالغني برادر آمريڪا سان ڊيل ڪري چڪو هو، باجوا ڊاڪٽرائن ڪامياب ٿي چڪي آهي، جنهن مطابق بارڊر تي خاردار تارون لڳايون ويون آهن، هن تقريب کي جماعت اسلامي جي سربراهه سراج الحق ۽ ٻين به خطاب ڪيو.