پاڪ افغان ون ڊي سيريز رد ٿيڻ جو امڪان، اڄ فيصلو ٿيندو

0
207

لاهور(اسپورٽس نيوز) سريلنڪا ۾ ڪورونا سبب 10 ڏينهن لاڪ ڊائون لڳي ويو، جنهن سبب پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ ون ڊي سيريز رد ٿيڻ جو امڪان وڌي ويو آهي، جڏهن ته پي سي بي سيريز جَي حوالي سان اڄ فيصلو ڪندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان افغانستان ون ڊي سيريز جا امڪان گهٽجي ويا آهن، حتمي فيصلي لاءِ اڄ پي سي بي جو اجلاس طلب ڪيو ويو آهي.  ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ون ڊي ميچز جي سيريز سيپٽمبر جي پهرين هفتي رٿيل هئي. ذريعن موجب پاڪستان سيريز جي ميزباني جي آڇ ڪئي هئي، جنهن کي افغانستان قبول ناهي ڪيو.