پاڪستان ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ جي واقعن ۾ ڀارت ملوث هجڻ جو انڪشاف

0
48

پاڪستان ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ جي واقعن ۾ ڀارت ملوث هجڻ جو انڪشاف، پرڏيهي سيڪريٽري ثبوت پيش ڪري ڇڏيا، پرڏيهي سيڪريٽري سائرس سجاد چيو آهي ته سيالڪوٽ ۾ شاهد لطيف ۽ راولا ڪوٽ ۾ محمد رياض کي قتل ڪيو ويو، شاهد لطيف کي قتل ڪرڻ لاءِ مقامي ماڻهن جي مدد ورتي وئي، محمد رياض کي اجرتي قاتل وسيلي قتل ڪرايو ويو، جنهن گرفتاري بعد ڏوهه جو اعتراف ڪيو آهي، ڀارتي ايجنٽس به اسان جي تحويل ۾ موجود آهن، جِن ڏوهه جو اعتراف ڪيو آهي، اشوڪ ۽ يوگيش ڪمار ڀارتي ايجنٽن وسيلي وارداتون ڪرائيندا هئا، پاڪستاني سرزمين ۾ ڀارتي ڪارروائيون ملڪي خودمختياري جي ڀڃڪڙي آهن، عالمي سطح تي ڀارت جو گهيراءُ ٿيڻ گهرجي