پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ  وچ ۾ پهرين ون ڊي ميچ سڀاڻي کيڏي ويندي

0
305

ڪراچي(م ڊ) پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ ٽي ون ڊي ميچز تي ٻڌل سيريز جو پهريون ميچ سڀاڻي راولپنڊي ۾ کيڏيو ويندو.

پنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو پريڪٽس سيشن ٿيو، جڏهن ته مهمان ٽيم به ٽريننگ ۾ مصروف آهي.

قومي ٽيم جو فاسٽ بالر حسن علي جو چوڻ آهي ته نيوزي لينڊ جي ٽيم ۾ ايتري صلاحيت آهي جو هو اسان کي ٽف ٽائيم ڏئي سگهي ٿي.

حسن علي جو چوڻ آهي ته هاڻي کان ئي تياري شروع ڪنداسين ته ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ به ٻين ٽيمن سان مقابلو ڪري سگهداسين.