ڪراچي سوڌو سنڌ جي مختلف شهرن ۾ اڄ به برسات جو امڪان

0
241
ڪراچي سميت سنڌ جي

ڪراچي(م ڊ) موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ڪراچي سوڌو سنڌ جي مختلف شهرن ۾ اڄ به برسات جو امڪان آهي.

موسميات کاتي موجب ٿرپارڪر،عمر ڪوٽ، بدين، ٺٽو ۽ مٺي ۾ گجگوڙ سان گڏ برسات جو امڪان آهي، جڏهن ته ڪراچي ۾ به هلڪي ڦلڪي برسات پوندي ۽ ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم گرم رهندي.

موسميات کاتي موجب ڪراچي شهر جو گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 30،5 سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو آهي، جڏهن ته وڌ کان وڌ 38 کان 40 سيٽي گريڊ جي وچ ۾ رهڻ جو امڪان آهي.

موسميات کاتي جي ڊائريڪٽر سردار سرفراز جو چوڻ آهي ته سامونڊي هوائون بند آهن، ڪراچي ۾ گذريل ڏهاڙي جي ڀيٽ ۾ اڄ برسات جو امڪان به گهٽ آهن، سامونڊي هوائون بند هجڻ ڪري ايندڙ ٽن ڏينهن تائين موسم گرم رهڻ جو امڪان آهي.

هن کان علاوه ڪشمير ۽ ان جي ڀرپاسي وارن علائق ۾ تيز هوا سان گڏ برسات ٿي سگهي ٿي.