اسلام آباد، پنجاب ۽ ڪي پي ۾ ڪورونا سبب بند پيل اسڪولز کُلي ويا

0
190

اسلام آباد: اسلام آباد، پنجاب ۽ ڪي پي ۾ ڪورونا سبب بند پيل اسڪولز کُلي ويا، تعليمي ادارن ۾ 50 سيڪڙو حاضري هوندي، سنڌ ۾ اڄ کان مارڪيٽس رات 10 وڳي تائين کُليل رهنديون، آچر تي ڪاروبار مڪمل طور بند ڪيو ويندو.

انڊور ۽ آئوٽ ڊور ڊائيننگ جي رات ٻارهين وڳي تائين اجازت، ڪي پي ۾ 16 کان 22 سيپٽمبر تائين سخت پابنديون، سموريون واپاري سرگرميون ۽ بازارون رات 8 وڳي بند ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آھي.