هراري: پاڪستان پهرين ٽي 20 ۾ زمبابوي کي 11 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي. پاڪستان زمبابوي کي پهرين ٽي 20 ميچ ۾ ڪاميابي لاءِ 150 رنسن جو هدف ڏنو هو پر زمبابوي مقرر ڪيل اوورز ۾ 7 وڪيٽن تي 138 رنسون ٺاهي سگهي. پاڪستان کي ٽي ميچن جي ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ 1-0 جي برتري حاصل ٿي وئي. ان کان پهريان زمبابوي ٽاس کٽڻ بعد بالنگ جو فيصلو ڪيو ، جڏهن ته پاڪستان جي ڪپتان بابر اعظم ۽ محمد رضوان اننگز جي شروعات ڪئي. بابر اعظم رڳو 2 رنس ٺاهي آئوٽ ٿي ويو. زمبابوين بالرز حالتن جو سٺو استعمال ڪيو ۽ وڪيٽون وٺندا رهيا پر محمد رضوان ڄمي کيڏيو. محمد رضوان هڪ ڇڪي ۽ 10 چوڪن جي مدد سان 82 رنسن جي اننگ کيڏي ۽ ناٽ آئوٽ رهيو. پاڪستان طرفان فخرزمان ۽ دانش عزيز 15 رنسون ٺاهيون. پاڪستان مقرر 20 اوورز ۾ 7 وڪيٽن تي 149 اسڪور ڪيو.