ڪراچي(اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي بيٽر شان مسعود چيو آهي ته جيڪڏهن نتيجا ٽيم جي حق ۾ نه هجن ته ڪجهه به سٺو ناهي لڳندو. شان مسعود چيو ته پاڪستان ٽيم سيريز ۾ بائونس بيڪ ڪري سگهي ٿي، سيريز ۾ چار ميچون اڃا رهن ٿيون، نتيجو سٺو ئي نڪرندو. ميچ ۾ پاڪستان جي ناڪامي جي سبب بابت سوال تي شان مسعود چيو ته انگلينڊ کي ڪريڊٽ ڏيڻو پوندو ته هنن ڪوالٽي بيٽنگ ڪئي.گڏوگڏ مارڪ ووڊ ۽ ٽوپلي شروع ۾ بهترين بالنگ ڪئي ۽ پاڪستان جي ٽاپ بيٽسمينن کي آئوٽ ڪيو. هن چيو ته تسليم ڪرڻو پوندو ته انگلينڊ هڪ ٽاپ ٽيم آهي، انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ۾ ٽاپ ٽيمز پنهنجي بهترين راند پيش ڪنديون آهن، اوهان کي ڪوشش ڪرڻي گهرجي ته پنهنجي غلطين مان سبق سکو ۽ اڳتي اهي غلطيون نه دهرايو. شان مسعود چيو ته ڪوشش ڪنداسين ته غلطيون نه دهرايون ۽ سٺي رزلٽ پيش ڪريون.