کورواھ ( ڳالهه ٻولهه: ابراهيم مخدوم)  سيکڙو ملھ پهلوانن سنڌ جي ناليوارن پهلوانن جو مان ڪيرائي ڇڏيو آهي اهڙي خيالن جو اظهار سنڌ جي ناليواري ملھ پهلوان مراد پهنور پهنجي اخبار سان ڳالهائيندي ڪيو هن چيو ته آئون سنڌ ۽ بلوچستان جي مختلف شهرن ۾ ملھ وڙهندو رهندو آهيان سنڌ ۽ بلوچستان جا ماڻهون ڏاڍي محبت ڏين ٿا پر اسان وٺ ثقافت کاتو ملھ پهلوانن جي سار نٿو لهي هن چيو ته ڪرڪيٽ راند کي حڪومت انٽرنيشنل ليول تي کڻي وئي پر ملھ راند کي گهربل جڳھ نه ملي آهي، نه ئي  پهلوانن کي نوڪريون ٿيون ڏنيون وڃن ۽ بيمار ملھ پهلوانن جو سرڪاري خرچ تي ڪو علاج به نٿو ٿئي هن چيو ته ملھ سنڌ جي مشهور راند رهي آهي سنڌ حڪومت کي کپي ته ملھ راند کي هٿي وٺرائي پهلوانن کي سهولتون ڏياريون وڃن.