روٽرڊيم(اسپورٽس نيوز) پاڪستان نيڌرلينڊ کي ٻي ون ڊي ۾ شڪست ڏئي سيريز ۾ 0-2 جي فيصلائتي برتري حاصل ڪري ورتي. ان سلسلي ۾ نيڌرلينڊ ٻي ون ڊي ۾ ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو. نيڌرلينڊ پهريان بيٽنگ ڪندي 44.1 اوورن ۾ 186 رنز تي ڍير ٿي وئي. بيس ڊي ليڊ 89 ۽ ٽوم ڪوپر 66 رنز ٺاهي نمايان رهيا. پاڪستان طرفان حارث رئوف ۽ محمد نواز 3-3، نسيم شاهه 2، محمد وسيم ۽ شاداب خان هڪ هڪ وڪيٽ ورتي. پاڪستان 33.4 اوورن ۾ 3 وڪيٽن جي نقصان تي هدف پورو ڪري ورتو. بابراعظم 57 رنز ٺاهي آئوٽ ٿيو. محمد رضوان 69 ۽ آغا اسلم 50 رنز جي ناقابل شڪست اننگ کيڏي. محمد نواز کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو. اهڙي طرح پاڪستان 3 ميچن تي ٻڌل ون ڊي سيريز ۾ 0-2 تان فيصلائتي برتري حاصل ڪري ورتي. پاڪستان ۽ نيڌرلينڊ وچ ۾ ون ڊي سيريز جي ٽئين ۽ آخري ميچ 21 آگسٽ تي روٽرڊيم ۾ منجهند جو 2:00 وڳي کيڏي ويندي.