پاڪستان جي سياست ۽ جوڙجڪ !

0
228
پاڪستان جي سياست ۽ جوڙجڪ !

 پروفيسر حمزہ علوي پاڪستان جي تاريخ ۽ سياست تي گهرائي سان لکندڙ دانشور آهي. هن هندستان جي تاريخ، ورهاڱي ۽ پاڪستان جي قيام جو طبقاتي پسمنظر کان جائزو ورتو آهي. سندس مقالا مختلف انگريزي ڪتابن ۾ شامل آھن. پاڪستان جي قيام بابت سندس تجزيو مختلف نوعيت جو آھي جيڪو ھُن پنھنجي مختلف مقالن ۾ پيش ڪيو آھي. “تخليق پاڪستان” (تاريخي، سماجي مباحث) ۾ تخليق پاڪستان تي ھن پنھنجو موقف پيش ڪيو آھي. جيڪو دراصل سندس انگريزي مقالن جو ڊاڪٽر رياض احمد شيخ طرفان اردو ترجمن جو مجموعو آھي. هندستان جي اتر پرديش علائقن جي مسلمانن جنهن کي هو“پگهاردار”جي اصطلاح سان لکي ٿو طرفان پنهنجي ذاتي مفادن، نوڪري وغيرہ ۾ پنهنجي مستقبل کي تحفظ ڏيڻ لاءِ تحريڪ هلائڻ کي پروفيسر حمزہ علوي تخليق پاڪستان جي پسمنظر تائين کڻي اچي ٿو. ڪتاب ۾ شامل Misreading partition road signs  نالي پنهنجي مقالي ۾ پروفيسر حمزہ علوي پنهنجي ان موقف تي وڌيڪ دليل ڏنا آهن. هن موجب اها تحريڪ جيڪا آخر تخليق پاڪستان تي ختم ٿي ان جا بنياد اتر هندستان جي مسلمان اشرافيه جي اوڻويهين صدي جي بحرانن ۾ تلاش ڪرڻ کپن. ان بحران جي پٺيان هڪ اهم سبب ڪالونيل سرڪار جو اهو فيصلو هو جنهن ۾ برطانوي حڪومت فارسي زبان جي سرڪاري حيثيت ختم ڪري ان جي جاءِ تي انگريزي زبان کي متعارف ڪرايو. واضح رهي ته فارسي زبان ان وقت جي اشرافيه جي زبان هئي.

پروفيسر موجب ته اهڙو سماج جيڪو اڃان مڪمل طور صنعتڪاري واري مرحلي مان نه گذريو هجي ان ۾ روزگار جا موقعا تمام گهٽ ٿين ٿا ۽ ماڻهو لازمي طور نوڪرين ۽ ٻين معاشي ذريعن ڏانهن واجھائن ٿا. اوڻويهين صديءَ جو مسلمان پگهاردار طبقو جيڪو عربي ۽ فارسي پڙهي اڳتي وڌي آيو هو اهو ان تبديلي سان سخت متاثر ٿيو ۽ برطانوي ڪالونيل سسٽم جي رياستي ڍانچي ۾ مسلمانن جي ڇڏيل جڳهين تي آهستي آهستي هندو قابض ٿيندا ويا جن انگريزي زبان تي اڳ ۾ ئي عبور حاصل ڪري ورتو هو. ان صورتحال سبب مسلمان اشرافيه مسلمانن لاءِ ڪوٽا سسٽم جي گهر ڪرڻ شروع ڪئي ۽ مزي جي ڳالهه ته ان سموري پسمنظر ۾ مذهب جو ڪٿي به عمل دخل نه رهيو. انگريزي زبان کان اڻ واقف ۽ فقط عربي فارسي پڙهيل ۽ شرعي قانون تي مهارت رکندڙ مسلمان اشرافيه جو هڪ ٻيو گروهه مسلمانن جي پهرين گروهه سان جيتوڻيڪ ڪافي هڪجهڙائي رکندڙ هو پر وري به سندن مفادن ۾ گهڻي حد تائين فرق ۽ تضاد هو. خاص ڪري انگريزن جي آندل نون قانون جن موجب کين لازمي طور انگريزي زبان سکڻي ٿي پئي نه ته ان کان اڳ مسلمان اشرافيه عربي، فارسي زبان سکڻ لاءِ مدرسن جو رخ ڪندي هئي جيڪو انگريزي زبان اچڻ بعد بند ٿي ويو. انگريزن طرفان متعارف ڪرايل نئين قانون سبب مسلمان اشرافيه جي مذهبي گروهه کي پنهنجي ان ڪردار جنهن ۾ سندن معاشري ۾ عزت ۽ مان مرتبو هو تنهن کان محروم ٿيڻو پيو. نتيجي ۾ انگريزي تعيلم، زبان کان ويندي حڪومت نظام تائين سندن بيزاري ۽ مخالفت اڻٽر هئي. انهن وڏي شدت سان مسلمانن جي بيوروڪريسي ۽ انگريزي زبان ڏانهن رجحان رکندڙ ماڻهن جي مخالفت پڻ شروع ڪئي. انهن مسلمانن جي educationalists جي به مخالفت ڪئي جن انگريزي زبان ۽ ثقافت کي پنهنجو ڪرڻ شروع ڪيو هو ته جيئن مسلمانن اندر جديديت آڻي کين جهالت جي اونداهي غار مان ڪڍي سگهجي. پروفيسر حمزہ علوي موجب انهن مذهبي ماڻهن کي پروان چاڙهڻ ۽ هندستاني سياست ۾ مذهب جي گھري ۽ اڻ مٽجندڙ شموليت 1918ع ڌاري گانڌي طرفان خلافت تحريڪ ۾ وڌي چڙهي حصو وٺڻ ۽ ان تحريڪ جي قيادت ڪرڻ سان ٿي. سر سيد احمد خان مسلمانن ۾ انگريزي زبان ۽ سائنسي تعليم ڏانهن رجحان جو بنياد وڌو. اهي مذهبي اڳواڻ جيڪي انگريزي زبان جي متعارف ٿيڻ سان پنهنجي پراڻي مان مرتبي جو خاتمو ڏسڻ لڳا انهن سر سيد احمد خان جي به مخالفت شروع ڪئي. توڻي جو سر سيد به پنهنجي ڪن رجعت پسند خيالن جهڙوڪ عورتن جي تعيلم بابت اونداهي دور جي روايتن ۽ اڻ برابري تي ٻڌل پنهجي طبقي class جي پيدوار هجڻ سبب تنقيد کان بالاتر ناهي پر مسلمانن ۾ تعليمي روشني ۽ انگريزي زبان کي متعارف ڪرائي مسلمانن کي پسماندگي مان ڪڍڻ جي ڪوششن جي ڪري هو هندستاني تاريخ ۾ هڪ منفرد حيثيت رکي ٿو. پروفيسر حمزہ علوي موجب مسلم ليگ جو قيام 1906ع ۾ ٿيو پر ان ۾ واضح تبديليون 1910ع کان بعد ڏسڻ ۾ آيون جنهن ۾ مسلم ليگ جي سماجي ساخت ۾ منتقلي shift نظر آئي. هاڻي پگهاردار طبقي بدران جاگيردار حاوي ٿيندا ويا. جاگيردار گهراڻن سان تعلق رکندڙ ماڻهو شامل ٿيندا رهيا. پروفيسر موجب پاڪستان جي بنيادن ۾ مذهب بجاءِ مسلمانن جي ان پگهاردار طبقي جا مفاد شامل هيا جن ۾ سندن نوڪرين جي حصي، قانون ساز ادارن ۾ نمائندگي وغيرہ شامل هيا. مذهب جو ان سموري عمل ۾ ڪردار نه رهيو. اهو ته قائد اعظم محمد علي جناح جي وفات بعد 1952ع ڌاري بنگال ۾ بنگالي زبان جي حقن لاءِ بنگالي ماڻهن طرفان شروع ڪيل جدوجھد جي نتيجي ۾ “اسلام خطري ۾ آهي” ۽ اهو ته سڀ ڀائر آهيون ڪو فرق ناهي جون ڳالهيون ڪري بنگالي ماڻهن جي جائز مطالبي کي ڌڪ رسائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. (پڙهو پروفيسر حمزہ علوي جو مقالو the social forces and ideology in the making of Pakistanپروفيسر حمزہ علوي لکي ٿو ته: پهرين جنگ عظيم بعد گانڌي طرفان خلافت تحريڪ ۾ اڳواڻي جو ڪردار ادا ڪري مسلمانن ۾ مذهبي جوش پيدا ڪري سياست ۾ مذهب کي استعمال ڪيو  ويو جنهن کي اڳتي هلي ملڪ جي حڪمرانن به پنهنجي اقتدار کي واڌ ڏيڻ لاءِ وسيلي طور ڪتب آندو (پڙهو تخليق پاڪستان صفحو 22,23) پروفيسر حمزہ علوي جي تخليق پاڪستان بابت ان موقف جي قطئه نظر اھا ڳالهھ درست آھي ته پاڪستان جو قيام مذھبي بنيادن نه پر سياسي بنيادن تي ٿيو ۽ ملڪ جي باني محمد علي جناح طرفان 11 آگسٽ 1947ع ڌاري ملڪ جي پھرين آئين ساز اسيمبلي ۾ ڪيل تقرير پاڪستان جي سيڪيولر بنيادن جي عڪاسي ڪري ٿي.