انقلاب فرانس، اسان جو سماج ۽ گلاب لوهر

0
282
انقلاب فرانس، اسان جو سماج ۽ گلاب لوهر

 سر جان جيڪب جي نالي سان منسوب شهر جيڪب آباد ۾ ڪاٺين جو ٽال هلائي روزي ڪندڙ گلاب لوهر منهنجو دوست آهي. اڪثر فون تي ملڪ جي سياسي، سماجي ۽ معاشي حالتن بابت هن سان ڪچهريون ٿينديون رهنديون آهن. ڪجهه ڏينهن اڳ هن سان فرانس جي انقلاب بابت ڳالهايون ٿيون. اهو پڻ ته دليپوٽا جي ساجد پنهور جيان گلاب پڻ نوجوان ۽ گهڻ پڙهيو شخص آهي. هن جي آڱر سدائين معاشري جي نبض تي رهي آهي. هو ان لاءِ اڪثر ڳنڀير پڻ ٿي ويندو آهي. اسان جي گفتگو، آخر ۾ ان سوال تي ختم ٿيندي آهي ته ’آخر ڇا ٿيندو؟‘ ’انقلاب ِ فرانس ۽ اسان جو سماج‘ بابت ڳالهين ۾ ڪافي ڪمائتا نڪتا بحث هيٺ آيا. جيئن: آمريڪا سال 1776ع ڌاري فرانس جي مدد سان برطانيه کان آزادي حاصل ڪئي. برطانيه جي دشمنيءَ ۾ فرانس کي اها مدد مهانگي پلئه پئي. نتيجي ۾ فرانس اندر بک بدحالي وڌي وئي. هن سڄي لقاءَ ۾ ملڪ جو امير طبقو متاثر نه ٿيو، سڄو وزن مسڪين ماڻهن جي مٿان اچي ويو. فرانس جي اميرن ڪليسا سان گڏجي، ملڪ جي زمينن تي پنهجي قبضي کي وڌائي ڇڏيو.حالتون ڪجهه هن ريت جڙيون ته اميرن پاڻ کي ٽيڪس کان ڇوٽ ڏياري، ٻئي طرف غريبن جي مٿان هر روز نوان ٽيڪس لاڳو ٿيندا رهيا. قانون جي صورتحال هي هئي ته جيڪو ماڻهو امير طبقي خلاف ٻڙڪ به ٻاهر ڪڍندو ته ان جي گرفتاري وارنٽ تي ئي سزا جو تعين ڪيو ويندو. يعني گرفتاريءَ کان اڳ ئي هن کي سزا ڏني ويندي هئي. نتيجي ۾ ڏينهن به ڏينهن وڌندڙ مهانگائيءَ ۾ امير وڌيڪ امير جڏهن ته غريب وڌيڪ غريب ٿيندو ويو. مهانگائيءَ ۾ جتي مسڪين ماڻهو پيڙهبا آهن، اتي ان جو سڌو فائدو ملڪ جي مراعتون حاصل ڪندڙ طبقو ئي ماڻيندو آهي. روز جي بنياد تي نوان ٽيڪس لڳائڻ لاءِ پارليامينٽ جا اجلاس به معمول بڻيل هئا. سال 1789ع جي مئي مهيني جي پنجين تاريخ تي پڻ اهڙي قسم جو اجلاس سڏايو ويو، جنهن ۾ ملڪ جي اشرافيه کي ڇوٽ ۽ عام ماڻهن مٿان نوان ٽيڪس لڳائڻا هئا. پارليامنيٽ جا ٽي حصا هئا. پهريون، اميرن جو ٻيو ڪليسا يا مذهبي ٽيون حصو عام ماڻهن جي نمائندگي ڪندو هو، جن وٽ اختيار نه هئڻ جي برابر ۽ هميشه پيا پهرين ٻن طبقن کان ڊڄندا هئا.

فرانسيسي انقلاب جي تاريخ ۾ پنج مئي جي تاريخ ان ڪري به ياد ڪئي ويندي، جو ان ڏينهن پارليامينٽ ۾ عام ماڻهن جي نمائندگي ڪندڙن جا آواز باقي ٻن ڌرين جي مٿان حاوي ٿي رهيا هئا. اهي دانهون ڪري پنهنجي دردن جو بيان ڪري رهيا هئا. هو چئي رهيا هئا ته “نوان ٽيڪس رڳو غريبن لاءِ ڇو آهن؟” ان دؤران بادشاهه جي پوليس سڀني کي پارليامينٽ کان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو. هنن  اتي ٻاهر ئي پنهنجو اجلاس شروع ڪري ڏنو. انقلاب ِ فرانس جي تاريخ ٻڌائي ٿي ته اهو اجلاس پورو ڏيڍ مهينو جاري رهيو. ان وچ ۾ بادشاهه ڪوشش ڪئي ته ڪنهن ريت پوليس ۽ فوج جي مدد سان انهن کي هٽايو وڃي، پر مقامي پوليس ۽ ملٽري پڻ انڪار ڪري ڇڏيو. آخرڪار بادشاهه کي غير ملڪي ڀاڙيتي سپاهين جي مدد سان وڏو آپريشن ڪرڻو پيو. ڪيترائي ماڻهو مري ويا، باقين کي بسٽيل جي بدنامه زمانه قيد خاني ۾ رکيو ويو. ٺيڪ ٻئي ڏينهن تي عام ماڻهن پيرس جي بسٽيل جيل تي حملو ڪري، اتي موجود سڀني قيدين کي آزاد ڪرائي ورتو، جيل ۾ موجود هٿيار پڻ پاڻ سان گڏ کڻي ويا. بعد ازان ان انقلاب ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو، اهو دنيا جي اتهاس جو اڻ مٽ حصو آهي. هن آرٽيڪل ۾ فقط انهن حالتن جي ڀيٽا ڪرڻي هئي، جيڪي انقلاب کان اڳ فرانس ۾ هيون ۽ هاڻي اسان جي ملڪ ۾ آهن. مثال: مهانگائي، جنهن عام ماڻهوءَ جو ته ڳاٽو ٽوڙي ڇڏيو آهي. اتي امير ۽ خاص ڪري ڪاروباري ماڻهو تمام گهڻا خوش آهن. توهان ڀلا، گورڪن (قبرون کوٽيندڙ) مان اها توقع ڇو ڪندا ته هو توهان جي زندگيءَ لاءِ دعا گهري! جيڪڏهن ماڻهو مرندا نه ته هنن جي روزي روٽي ڪيئن ٿيندي؟ يا شهر ۾ ڪفن کپائيندڙن جي ڪهڙي تمنا ٿي سگهي ٿي!؟ اهو ئي ته ماڻهو مرن ته هنن جو ڪاروبار چالو رهي. هتي به بلڪل ساڳي صورتحال آهي. ڇاڪاڻ ته ڀلي معاشي ماهر، مهانگائيءَ کي ’ڊمانڊ سپلائي‘ جي اصطلاح سان جوڙيندا هجن، پر سوال هي آهي ته راتو رات ڪهڙي ڪهڙي ڊمانڊ وڌي وڃي ٿي. هتي فقط رسد جي زنجير کي ڪٽي، شين کي ذخيرو ڪري، مهانگائيءَ جي صورت ۾ ماڻهن جي مٿان بم ڪيرايا وڃن پيا!

هڪ طرف سرڪار جي مراعت يافته طبقي جو اهو حال ته ٻئي طرف حڪومت پاڻ ڇا پئي ڪري؟ توهان کي اندازو آهي ته هڪ مزدور کان سرڪاري نوڪري ڪندڙ ڪيترو ٽيڪس ڀري ٿو. هن ملڪ ۾ انڪم ٽيڪس، جنرل سيلز ٽيڪس، ڪيپٽل ويليو ٽيڪس، ويليو ايڊيڊ ٽيڪس، سينٽرل سيلز ٽيڪس، سروس ٽيڪس، فيول ايڊجسمنٽ چارجز، پيٽرول ليوي، ايڪسائز ٽيڪس، ڪسٽم ڊيوٽي، آڪٽراءِ ٽيڪس، پراپرٽي ٽيڪس، گورنمينٽ اسٽيمپ ڊيوٽي، آبيانو، عشر، زڪوات جي بينڪ معرفت ڪٽوتي، روڊ ٽيڪس، ٽال ٽيڪس، سيڪيورٽي ٽرانزڪشن ٽيڪس، ويلٿ ٽيڪس، وڌ هولڊنگ ٽيڪس، سرچارج، سپر ٽيڪس، اسڪولن ۽ ٽيوشن جون ڳريون فيون، هر روز نون نالن سان نوان چندا، شهرن توڻي ٻهراڙيءَ جي چؤنڪن تي فقيرن جون خيرات جي نالي تي اسان کان ادائگيون به انهن ئي ٽيڪسن ۾ شامل آهن. توهان کي يقين نه ٿو اچي ته هڪ ڀيرو رڳو بجليءَ يا سوئي گيس جي بل کي غور سان پڙهو، توهان کي اندازو ٿي ويندو.

انهن سڀني منظرن ۾ عام ماڻهو جي سڄي موڙي ٽيڪسن جي کوهه ۾ برد ٿي وڃي ٿي. انهن عام ماڻهن ۾ سرڪاري ملازم پڻ شامل آهن، جن جي نوڪريءَ ڏانهن بي حس روين تي الڳ سان لکيو ويندو، هتي فقط اهو لکي اڳتي وڌون ٿا ته جن ملازمن جو گذر سفر فقط پگهار جي پئسن تي آهي، اهي سڀ جو سڀ مهيني جي آخري تاريخن ۾ توهان کي قرضي ملندا. ان جو اندازو پهرين تاريخ بينڪ جي ٻاهران لڳل ڀيڙِ مان لڳائي سگهجي ٿو. ڪجهه سالن کان ته انهن لاءِ صورتحال تهائين خطرناڪ ٿيندي پئي وڃي.

سرڪاري ملازمن سان گڏ ملڪ جو مزدور ۽ هاري طبقو جهڙي ريت جنڊ جي ٻن پڙن ۾ پيڙهجي پيو، ويجهي ماضيءَ ۾ ته ان جو مثال ئي نه ٿو ملي. ڪنهن خوب لکيو ته ’ڪڪڙ نه کائڻ، بائيڪاٽ ڪرڻ جا مشورا ته ٺيڪ پر اٽي ماني لاءِ ڪهڙا بائيڪاٽ ڪجن؟‘ ايئن سمجهجي ته پاڻي، تار ٿي ويو آهي؛ جيڪڏهن لڳاتار اها خراب صورتحال برقرار رهي ته هتان جون حالتون انقلاب ِ فرانس کان ڳنڀير صورت اختيار ڪري سگهن ٿيون ۽ اهو پڻ ته بد کان بدترين ڏانهن ويندڙ حالتون ڪڏهن به ’خيرات‘ جي ذريعي ٺيڪ نه ٿينديون، سماج ۾ ڏکي صورتحال کي فقط ’انصاف‘ ئي درست ڪري سگهي ٿو، جيڪو هن سماج جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ نظر نه ٿو اچي. اهڙين حالتن ۾ جيڪب آباد جو گلاب لوهر،سوچي ٿو ته آخر هن ملڪ جو ڇا ٿيندو؟ ملڪ ڇا هن سماج جو ڇا ٿيندو؟