پاڪستان ۾ پرڏيهي سيڙپ جا واعدا: عمل ڪرائڻ گهرجي

0
204
پاڪستان ۾ پرڏيهي سيڙپ جا واعدا: عمل ڪرائڻ گهرجي

دنيا جو ڪو به ملڪ هن عالمي برادري ۾ اڪيلو نه ته رهي سگهي ٿو ۽ نه ئي وري گذارو ڪري سگهي ٿو. سڄي دنيا جي براداري سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي هلڻو پوندو آهي. دنيا سان لاڳاپا بهتر هوندا ته ان جا فائدا به عوام کي ئي ملندا. ان جو ثبوت ٻه ڏينهن اڳ جنيوا ۾ ٿيل ٻوڏ متاثرن جي امداد لاءِ ڪرايل ڪانفرنس آهي جنهن ۾ عالمي برادري ۽ گڏيل قومن جو ادارو به شريڪ ٿيا. گڏيل قومن ان ۾ 16 ارب ڊالرن جي امداد جي اپيل ڪئي. ان جي جواب ۾ دنيا جي مختلف دوست ملڪن، عالمي ادارن 11 ارب ڊالرن کان وڌيڪ امداد جا واعدا ڪيا آهن. ان سان اميد پيدا ٿي آهي ته هي ملڪ دنيا جي گولي تي اڪيلو نه آهي خاص طور تي جڏهن ڪا مصيبت ايندي آهي ته دنيا جا سمورا ماڻهو مدد لاءِ ايندا آهن. اها حڪومت جي ته ڪاميابي آهي يا نه آهي ان مان سياسي فائدو کڻڻ جي ڪوشش ڀلي ڪئي وڃي پر اها عالمي ضمير جي فتح آهي جيڪو ڪنهن به ڏکئي وقت ۾ ڪنهن به متاثر کي نه ڇڏيندو آهي. اسان کي اميد آهي ته دنيا پنهنجي ڪيل واعدن کي پاڻي ڏيندي ۽ پاڪستان جي متاثرن جي مدد ڪئي ويندي. ان سان گڏ حڪومت مان به اميد ڪري سگهجي ٿي ته اها ٻوڏمتاثر ماڻهن جي مدد ضرور ڪندي ۽ انهن کي هن تباهي کي بهتر ڪرڻ جو موقعو بڻائيندي ۽ عام ماڻهن کي اڳ کان به بهترزندگي ڏني ويندي.

ان سان گڏ ئي هاڻ خبر آئي آهي ته سعودي عرب پاران به پاڪستان ۾ وڏي سيڙپڪاري ڪئي پئي وڃي.  سعودي عرب جي وزيراعظم ۽ ولي عهد پاڪستان جي وزيراعظم سان ڳالهه ٻولهه جي فريم ورڪ تحت پاڪستان ۾ 10 ارب ڊالر سرمائيڪاري جو اعلان ڪيو آهي. اهو اعلان 25 آگسٽ 2022ع تي ٿيو هو. سعودي ولي عهد اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان ۾ رکيل ڊيپازٽ جي رقم ۾ پڻ 2 ارب واڌ جو اعلان ڪيو آهي، سعودي ارب جا اڳ ۾ 3 ارب رکيل آهن 2 ارب وڌائڻ سان اها رقم 5 ارب ڊالر ٿي ويندي. سعودي ولي عهد ڊپازٽ جي رقم جي مدت وڌائڻ لاءِ جائزي جي به هدايت ڪئي آهي. اسان سمجهون ٿا ته اهو پاڪستان لاءِ هڪ موقعو آهي جنهن تحت ملڪ جون بهتر پاليسيون جوڙيون وڃن ته جيئن ان سيڙپڪاري جو ۽ عالمي امداد جو ملڪ جي سمورن ماڻهن کي فائدو ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي. اها سيڙپ به جلد ٿيڻ گهرجي حڪومت ان جي جلد آمد جا قدم کڻي جنهن سان ملڪ جي ماڻهن کي هن معاشي بحران جي دور ۾ ڪو فائدو ملي. عوام به بک ۽ بيروزگاري مان جان ڇڏائي. جڏهن ته عالمي برادري جي امداد به جيڪا ملڻي آهي ان لاءِ به پهرين اهو ممڪن بڻايو وڃي ته جن دوست ملڪن واعدا ڪيا آهن انهن کان واعدا پورا ڪرايا وڃن. پوءِ ملندڙ رقم مان اهڙي ريت ٻوڏ متاثرن کي مدد کي فراهم ڪئي وڃي جو سموري رقم درست ماڻهن تائين پهچي ۽ ان جو آڊٽ به ڪرايو وڃي . امداد اهڙي نموني فراهم ڪئي وڃي جو ڪو به حقدار ان کان رهجي نه وڃي ۽ هڪ ٽڪو به ڪنهن اهڙي ماڻهو کي نه ملي جيڪو حقدار نه هجي. حڪومت کي اهو سوچڻ گهرجي ته هي امداد هجي يا سعودي عرب جي سيڙپڪاري ان جو فائدو رڳو تڏهن ٿيندو جڏهن اها درست نموني استعمال ٿئي. جيڪڏهن ان امداد جو غلط فائدو کنيو ويو ته پوءِ اهو ياد رکڻ گهرجي ته هي آخري ڀيرو آهي جيڪڏهن عالمي برادري کي دوکو ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته پوءِ وري ڪو به ملڪ امداد نه ڪندو. ان لاءِ شفافيت کي اوليت ڏيڻي پوندي.