ٽي ٽي پي سان امن ڳالهيون، اهم قيدين جي آزادي ملتوي

0
1136
ٽي ٽي پي سان امن

ڪراچي(م ڊ) پابندي مڙهيل تنظيم تحريڪ طالبان پاڪستان سان امن ڳالهيون جاري آهن، جنهن جي نتيجي ۾ درجنين عام طالبان کي آزاد ڪيو ويو آهي

هڪ سينيئر اهلڪار تصديق ڪئي آهي ته آزاد ڪيل پاڪستاني حڪومت جي وائيٽ ۽ گري لسٽ ۾ شامل هئا، پر اهم طالبان قيدين کي آزاد نه ڪيو ويو آهي

ذريعن جو چوڻ آهي ته اهم قيدين جي آزادي ملتوي ڪئي وئي آهي ته جيئن فيصلو ڪيو وڃي ته کين پاڪستان ۾ پنهنجي علائقن ڏانهن واپس وڃڻ ڏجي يا افغانستان موڪليو وڃي

پاڪستاني ڳالهيون ڪندڙ طالبان کان هي خاطري چاهين ٿا ته اهي پنهنجي گروپ سان  شدت پسندن جي ڪاررواين جي ذميواري قبول ڪندا جيڪي سندن گروپ سان لاڳاپيل نه آهن پر هڪجهڙا خيال رکن ٿا ۽ اميد آهي ته طالبان پاران ڳالهين جي عمل کي مضبوط ڪرڻ لاءِ جنگ بندي ۾ واڌ ڪندا

واضح رهي ته پاڪستان هن وقت تائين 42 طالبان قيدين کي آزاد ڪري چڪو آهي ۽ خميس تائين وڌيڪ 96  قيدين کي آزاد ڪيو ويندو، ٻنهي ڌرين هڪ ٻئي کي نشانو نه بڻائڻ تي اتفاق ڪيو آهي