ٽي ملڪي ڪرڪيٽ سيريز:پاڪستان بنگلاديش کي پھرين ميچ ۾ شڪست ڏئي ڇڏي

0
264
ٽي ملڪي ڪرڪيٽ سيريز

ڪرائسٽ چرچ (اسپورٽس نيوز) پاڪستان 3 ملڪي ٽي ٽوينٽي سيريز جي پهرين دنگل ۾ بنگلاديش کي 21 رنس تان شڪست ڏئي ڇڏي آھي

ڪرائسٽ چرچ ۾ کيڏيل مئچ ۾ بنگلاديش ٽاس کٽي پھرين فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو، پاڪستان پهرين بيٽنگ ڪندي 167 رنس ٺاھيون ۽ بنگلاديش جي ٽيم کي ڪاميابي جي لاءِ 168 رنس جو ھدف ڏنو، اسڪور جي پٺيان ڀڄندي بنگلاديش 146 رنس ٺاھي سگھي

پاڪستان جي طرفان وڪيٽ ڪيپر بيٽر محمد رضوان 78 رنس ٺاھي نمايان رھيو، جڏھن تھ شان مسعود 31 رنز جي اننگز کيڏي، قومي ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم 22 رنس ٺاھي مستفيض الرحمان جي بال تي مھدي حسن جي ھٿان کيچ آئوٽ ٿيو، جڏھن تھ افتخار احمد 13، حيدر علي 6 ۽ آصف علي صرف 4 رنز ٺاھيون

 محمد وسيم 3، محمد نواز 2 ۽ شاهنواز ڏاهاڻي هڪ وڪيٽ ورتي، پاڪستان سڀاڻي نيوزيلينڊ سان مهاڏو اٽڪائيندو