حيدرآباد ۾ فائزا علي ۽ عبدالحميد ابڙو جو وليمو، ماڻهو وڏي انگ ۾ شريڪ

0
1467

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) فنڪاره فائزا علي ۽ ايف بي آر جي ڪمشنر عبدالحميد ابڙو شادي جي ٻڌڻن ۾ ٻڌجي ويا آهن. سندن وليمو به ٿيو جنهن ۾ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي

فنڪاره فائزا علي ۽ ايف بي آر جي ڪمشنر عبدالحميد ابڙو جي شادي جو وليمو حيدرآباد جي مهانگي بئنڪوئٽ هال ۾ ٿيو جنهن ۾ بدين سان تعلق رکندڙ عبدالحميد ابڙو جي تر ۽ راڄ جي ماڻهن به شرڪت ڪئي

عبدالحميد ابڙو جو تعلق بدين جي ڳوٺ جمعون خان ابڙو سان آهي. سوشل ميڊيا تي ٻنهي ڄڻن جي شادي جو چرچو لڳل آهي. ٻڌايو پيو وڃي ته عبدالحميد ابڙو جي اڳ ۾ به پنهنجي ماسات سان شادي ٿيل آهي جنهن مان کيس ڪو اولاد ڪونهي

فائزا علي جي شادي ۽ سوشل ميڊيا

سوشل ميڊيا تي پوسٽون شيئر ڪيون ويون ته مشهور سنگر فائزا علي شادي ڪري ڇڏي آهي، اهو به چيو ويو ته ايف بي آر ڪمشنر عبدالحميد ابڙو سان فائزا شادي ڪري پئي، جنهن بحريا ٽائون ۾ پنج ڪروڙ جو گهر، هڪ ڪروڙ جي گاڏي ۽ آءِ فون جو تحفو ڏنو آهي، سوشل ميڊيا تي اهو به چيو ويو ته فائزا علي ۽ حميد ابڙو شادي ناهي ڪئي، شادي جون ڳالهيون ڪوڙ آهن، تصويرن بعد فائزا علي ۽ حميد ابڙو جي هڪ وڊيو به وائرل ٿي آهي جنهن ۾ فائزا علي شادي واري وڳي ۾ آهي ۽ حميد ابڙو کي منڊي پارائي رهي آهي ۽ اها وڊيو فائزا علي جي شادي جي ڄاڻائي وئي آهي

فائزا علي جي شادي جي حوالي سان پوسٽون شيئر ڪيون ويون جن ۾ اهو به چيو ويو ته ڪنهن به معاملي جي پهريان تصديق لازمي ڪئي وڃي. مير مرتضيٰ ٻرڙو هڪ نجي ٽي وي چينل جي خبر شيئر ڪندي لکيو ته فائزا علي جي شادي جي تصديق ٿي وئي. برڪت جهنڊير پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته  هن رپورٽر ظلم ڪيو آهي،ڪاموري کان تصديق ته ڪري ها. عزيز راج پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته فائزا علي ڪنھن سان به شادي ڪري، اھا ان جي مرضي، ڇو اچي فيس بوڪ تي ھرڀرو جو ٻارڻ ٻاريو اٿو، اوھان مان گھڻن شادي کان اڳ فائزا علي کان اجازت ورتي ھئي جو فائزا علي پھرين اوھان کان اجازت وٺي ان بعد شادي ڪري. برڪت نوناري پوسٽ شيئر ڪئي ته فائزا علي کي شادي جون مبارڪون هجن. پر مون کي ڪنهن جي به پهرين شاديء تي گهڻي خوشي ناهي ٿيندي. جنهن تي سيد سردار شاهه لکيو ته ٻڌون پيا ته فائزا علي ان همراهه جي ٽئين گهرواري بڻبي، احسان ملاح پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته هر ماڻهوءَ کي پنهنجي مرضيءَ موجب زندگي گُذارڻ جو پُورو پُورو حق آهي اُن تي ڪنهن کي ڪو اعتراض نه هجڻ گُهرجي پر ٻين تان ڇا گُذريو هوندو. هيءُ معاملو ڇا حقيقت آهي ڪير دوست رهنمائي ڪري. جنهن تي حنيف لاکٽيو لکيو ته خبر پوي نٿي ڇا معاملو آهي، علي محمد شاهاڻي لکيو ته ڪجهه ڏينهن کانپوءِ وري نئون البم مارڪيٽ ۾ اچي ويندو، علي ساحر گبول ۽ يار محمد به فائزا جي شادي جون پوسٽون شيئر ڪيون. نظر پياسي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سنڌ جي نياڻي فائزا علي کي شادي جون مبارڪون، پنج ڪروڙ جو بنگلو، ھڪ ڪروڙ جي گاڏي ڪير به ايتري رقم فائزا تي قربان نه ڪري سگھي ھا ان ڪري مبارڪون ڏيو ساڙ نه ڪيو.جنهن تي عاشق علي سولنگي لکيو ته توھان سنڌ جا سٺا شاعر به ايئن ڪيو ته ، ٻين تي ڪھڙي ميار آ، فائزا علي ترديد ڪري چڪي آھي ته ، مون ڪو به اھڙو فيصلو ناھي ڪيو، ھي مخالف پيا افواھ پکيڙين، ان ھوندي به توھانجي رکيل پوسٽ ،توھان تي نيگيٽو اثر ڇڏي سگھي ٿي.. ماجد سومرو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته اسان جي قوم جو وس نٿو هلي نه ته شادي ڪرڻ واري خوبصورت ڇوڪري کي ڪاوڙ ۾ رتورت ڪري ڇڏين ها، توهين آميز جملن سان عزت تي حملا ڪري رهيا آهن پوءِ چون ٿا ته اسان پنج هزار سال پراڻي تهذيب يافته قوم آهيون

انو سولنگي پوسٽ شيئر ڪندي لکيوته فائزا علي ڪا شادي ناھي ڪئي، ساڻس رابطو آھي، گذريل ٻن ٽن ڏينھن کان ڪراچي ۾ نئين البم جي رڪارڊنگ ۾ مصروف آھي،فائزا اسان جي سنڌ ڌرتي خوبصورت ننڍڙي فنڪارا آھي، ھڪ يتيم نياڻي آھي، مان پھريان به  سندس باري ۾ تفصيل سان لکي چڪو آھيان، حميد ابڙو سندس سالگرھ  جو ڪيڪ کڻي ڪٽڻ ويو، اسان ھن مريض سماج ۾ ڪنهن جي به  عزت نٿا رکي سگھون ۽ ان ۾ گھڻائي اسان پڙھيل لکيل ماڻھن جي آھي، ساڻس ان اجائي سوشل ٽرائل تي ڳالھايم ڪافي دير ھو روئندي رھي، ڇا اسين سنڌي بس اھڙا وڃي رھيا آھيون جيڪي پنهنجي نياڻين جيڏي ڀيڻن جيڏي معصوم يتيم آرٽسٽ باري ۾ ڳالھائيندي بغير تصديق جي ڪيترو ڪري ٿا پئون… ۽ ڀلا جي شادي ڪري به  ڪنهن سان ته ان جو حق آھي، تمام گھڻو افسوس ٿيو.جنهن تي رباب سومرو لکيو ته فائزا اگر شادي ڪري به ته سندس ذاتي زندگي آهي، صبح کان وٺي ماڻهن پوسٽن جا انبار لاٿا آهن، رحمت الله ماڃوٺي لکيو ته افسوس جهڙي ڳالهه آهي. باقي اسان ته بحريا ۾ بنگلا ۽ ڪروڙ رپين جي گادي ۽ الاءِ ڇا ڇا ٻڌو ۽ پڙهيو پر مون ڪو به ڪمينٽ ڪونه ڪيو. ڊاڪٽر مشتاق ڦل لکيو ته پر جي شادي ڪري به ته ان ۾ سندس ڪو قصور، الله سندس بهتري ڪري آمين، اھڙي سماج تي افسوس ڪري سگهجي ٿو، گل حسن ابوپوٽو لکيو ته جيڪڏهن شادي ڪري به ته ان ۾ غلط ڇا آهي، سائل پيرزادو لکيو ته اسان جو سڄو سماج نفسياتي مريض ٿيندو ٿو وڃي يار ڪنهن کي سک سان جيئڻ به نٿا ڏيون، رفيه سلطانه لکيو ته اسان جي سنڌين جي تباهيءَ جو ڪارڻ گلا آ جيڪا اسان خوش ٿي ڪندا آھيو پر ھر سوشل عورت کي مظبوط ھجڻ کپي روئڻ نه مقابلو ڪرڻ کپي تڏھن ئي سوچ چينج ٿيندي، سائين بخش لغاري لکيو ته افسوس ادا اسان جي ميڊيا به غير تصديق خبر ھلائي ڇڏي ڇا اسان جا ادارا ايترا غير زميدار آھن

سوچڻ جو مقام آهي. حزب الله ٻگهيو لکيو ته توھان دوست ھڪ ننڍڙي ڳالھه سمجھي نه پيا سگھو ته جڏھن انسان سيليبرٽي ٿي ويندو آھي ته اھو ھڪ پبلڪ فگر ۽ پبلڪ پراپرٽي ھوندو آھي، جنھن جي سٺي ۽خراب ڪم تي ان جا فين فالوئرس تنقيد ۽ تعريف ڪندا آھن، سڄي دنيا ۾ ائين ٿيندو آھي، باقي ان ذريعي ڪنھنجي به ڪردار ڪشي قابل قبول نه آھي. عابد آزاد جهتيال لکيو ته هر معاملي ۾ سنڌيت کي ڳنڍ ڏئي نه ويهو ڪجھه بيوقوفن جي غلطين جي ڳالھه کي سنڌيت سان جوڙڻ نه گهرجي سنڌيت اهو نٿي سيکاري، ماسٽر الهداد خاصخيلي لکيو ته وڏي افسوس ۾ آھيان ت اسان جي سنڌي قوم وڃي ڪھڙي پاسي ٿي ڏاڍو ڏک سان ٿو چوڻو ٿو پوي اسان سنڌي قوم جو مستقبل م الھائي ڪھڙو حال ٿيندو، ڀاون سنڌي لکيو ته شادي ھر ڪنھن جو نجي معاملو آھي ان۾ ٻين جو ڇا وڃي. وزير لغاري لکيو ته اصل ۾ ٻوڏ جي پاڻي جي نيڪالي ۽ زيرو ڪٽ کان عوام جو ڌيان ھٽائڻو ھو، ساجده ميمڻ لکيو ته ھن سماج ۾ فيس بوڪ تي سيٽيل بدمست ڪني ذھنيت جي فردن کي اھڙين بيواجبين کان نٿو روڪي سگھجي ليڪن نياڻيون لائق احترام آھن ھر باعزت فرد لاءِ، محمد علي ميرجت لکيو ته جنهن به لکيو انهي کي معذرت به ڪرڻ کپي ايترو ٿو ڪوڙ تي سندرو ٻڌجي جو ڪوڙ به سچ ٿيو وڃي، درشن سچديو لکيو ته ڇا ڪيون فيسبوڪي دانشور وڌي جو ويا آھن سنڌ سورن ۾ اچي وئي آهي. گلشن لغاري، وسيم شر، ممتاز علي چانڊيو، فقير ڪامران ٿيٻو، محمد نديم چانڊيو ۽ ٻين فائزا علي ۽ حميد ابڙو جي شادي جي وڊيو شيئر ڪئي. نديم مهر لکيو ته فائزا علي کي زندگي جي نيئن سفر جون واڌايون پر منهنجي نظر ۾ ھي تڪڙو فيصلو آهي ھو سنڌي گيتن ۾ نوجوانن جي وڌيڪ پسنديدا نظر اچي پئي پر مستقبل ۾ شادي سبب فيلڊ تي خاصو اثر پوندو ممڪن آهي ھو پنهنجي فيصلي تي پڇتاو به ڪري سگهي ٿي فيلڊ ڇڏي به سگهي ٿي، شھرت جا ڏينهن اڄ کانپوءِ گھٽجڻ شروع ٿي ويندا ۽ اسان وٽ پيسي کان وڌ پروٽوڪول ۽ پرستارن جي ڊگھي قطار وڏي ڪاميابيَ سمجهي وڃي ٿي جيڪا ھاڻ شايد فائزا جي نصيب ۾ نه ھوندي

سردار شاهه جي اديبن بابت بيان ۽ فائزا علي جي شادي واري معاملي کي ٻوڏ متاثرن جي مسئلي تان ڌيان هٽائڻ جي ڪوشش قرار ڏنو ويو، عالم سنڌي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڌيان ھٽايو ڪاميٽي جون سرگرميون تيز، سومرا سيد آھن، فائزه جي شادي، سردار شاھ جو اديبن خلاف بيان مطلب هن خلق کي فيسبڪ لاءِ اھڙو اِشو ڏئي ڇڏيو جو ٻڏل علائقن مان پاڻي جي نيڪالي ۽ متاثرن جي بحالي جي ڪير ڳالھه ئي نه ڪري. انيلا رفيق ملاح پوسٽ شيئر ڪئي ته سوشل ميڊيا گندگي جو ڍير ٿي وئي آھي، جنهن تي علي لکيو ته ڳالھه اھا ايئن ناھي ڳالھه آھي اسان جي….شھر ۾ ويندا ته توھان کي ھر ھڪ شيءِ جا مختلف دڪان ۽ مختلف شيون ملنديون ھاڻي ڪھڙي دڪان تان ڪھڙي شيءِ خريد ڪيو ٿا اھو توھان تي ئي آھي جيڪڏھن ھلڪي شيءِ وٺڻي آھي ته ان لاءِ پئسا به گھٽ لڳندا شيءِ به ملي ويندي سٺي وٺندا ته ان جا پئسا الڳ آھن سوشل ميڊيا به ايئن ئي آھي جھڙا فرينڊ ھوندا تھڙيون پوسٽون توھان کي ڏسڻ لاءِ ملنديون. عرفان عالماڻي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته هڪڙن کي فائزه علي جي شادي جي ڳڻتي کائي وئي آهي ٻين کي سردار شاهه جي بيان رلائي ڇڏيو آهي، سنڌ جا ٻوڏ متاثر دربدر آهن حڪومت اگھور ننڊ آهي ٽينٽ سٽي ۾ ڪا سھولت موجود ناهي پر! رونش

May be a closeup of 1 person and standing

جنهن تي ڊاڪٽر ذيشان سومرو لکيو ته اسان وارا ماڻھون به صرف ٻن ڏينھن وارا جزباتي ھمدرد آھن پوء ساڳا رونشي ڪوڏا وري ڪنھن ٻي پوسٽ تي تبصرو ڪندا آھن.مصطفيٰ ميراڻي لکيو ته بس ڇا ڪجي اصل مسئلن کي ڇڏي نان اشوز تي لڳي ويا آھن، افروز ڪٽپر لکيو ته اهڙي خبر نه هئي ته هئين ماروئڙن کي رولي ڇڏيندا رڻ ۾ ٽينٽ سٽي جي نالي..اسدالله تنيو لکيو ته اسان کي ٽينٽ سٽي وڃي ڪري ماروئڙن جي مدد ۽ سار لھڻ کپي، جاويد مهر لکيو ته هر ڪو پنهنجي حساب سان هر معاملي تي ڳالهائي پيو، زندگي جو ونهوار هلڻو آهي ھر ڪنهن جو پنهنجو ذھن آهي سڀني کي آزادي سان ڳالهائڻ ڏيو. اياز بروهي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سردار شاهه اديبن جي پٺيان، اعجاز منگي سردار شاھ خلاف، اسان وارا ڇوڪرا فائزا جي شادي پٺيان ۽ اسان جا ماروئڙا ويچارا ماني ڳڀي لاءِ پيا ڊڪن! وڌيڪ سوچيو ته ڪھڙو معاملي تي گھڻو فوڪس ڪرڻ جي ضرورت آھي؟.جنهن تي مجيب سنديلو لکيو ته ماروئڙن جي سھائتا واري معاملي تي ڌيان ڏيڻ گهرجي، دودو چانڊيو لکيو ته قومن جي شعور جي عمارت ان قوم جا اديب، شاعر ۽ دانشور تعمير ڪندا آهن بدقسمتي سان آهي خود وظيفي تي وڙهيا ويٺا آهن جڏهن قوم جي اديبن جو قومي مسئلو وظيفو هجي ته باقي ماڻهن تي ڪهڙي ميار… شاهد خاصخيلي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته “ناليوارن” اديبن صحافين ۽ سياستدانن کي مبارڪون، جن ٻوڏ جھڙي اھم اشو کي “ادبي فنڊن” واري اشو ۾ الجھائي سڀني جو ڌيان پنھنجي “اھڙين” خدمتن طرف ڇڪائي ورتو آھي.