ڪراچي(انٽرسٽنگ نيوز) ٽيسلا، ايپيس ايڪس ۽ ٽوئٽر جي مالڪ ايلون مسڪ هڪ اهڙو گنيز ورلڊ رڪارڊ پنهنجي نالي ڪيو آهي جيڪو ڪير به قائم ڪرڻ پسند نه ڪندو. ايلون مسڪ جي ذاتي دولت ۾ 182 کان 200 ارب ڊالرن جي گهٽتائي اچڻ تي گنيز ورلڊ رڪارڊ قرار ڏنو آهي. ايلون مسڪ جي ذاتي دولت ۾ 182 کان 200 ارب ڊالرن جي گهٽتائي کي گينيز ورلڊ رڪارڊ پاران عالمي رڪارڊ قرار ڏنو ويو آهي. ان کان اڳ اهڙو رڪارڊ جاپاني ارب پتي ماسوشي سن وٽ هو جيڪو 2000 ۾ 58.6 ارب ڊالرن کان محروم ٿيو هو. گنيز ورلڊ رڪارڊ هڪ بلاگ پوسٽ ۾ ايلون مسڪ جي حصي ۾ ايندڙ عالمي رڪارڊ بابت ٻڌايو. 2021ع جي آخر ۾ ايلون مسڪ جي دولت 320 ارب ڊالرن تائين پهچي وئي هئي پر 2023ع جي شروع ٿيڻ سان ئي ان جي دوت گهٽجي 134 ارب ڊالر تائين ٿي وئي آهي.