ٽوئيٽر ٽاپ ٽرينڊ #جسٽس فار غلام عباس چانڊيو

0
386

ميهڙ ڀرسان قاضي عارف شهر ۾ 21 رمضان واري ڏينهن غلام عباس چانڊيو ۽ اڪبر ميرجت کي قتل ڪيو ويو هو، قاتلن جي گرفتاري ۽ انهن کي سزائن لاءِ سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جسٽس فار غلام عباس چانڊيو هيش ٽيگ ٽرينڊ هلايو ويو، جڏهن ته صائمه اصغر چانڊيو جي وڊيو پڻ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي جنهن ۾ صائمه سائين جي ايم سيد جي مزار تي دانهيندي چوي ٿي ته 21 رمضان واري ڏينهن ميهڙ ڀرسان قاضي عارف شهر ۾ منهنجي چاچي غلام عباس چانڊيو ۽ سندس دوست کي ڏينهن ڏٺي ناحق قتل ڪيو ويو، 6 ماڻهن تي ايف آءِ آر داخل آهي پر هن وقت تائين ڪا به گرفتاري عمل نه اچي سگهي آهي. ٽرينڊ ۾ مطالبو ڪيو ويو ته غلام عباس چانڊيو جي خون سان انصاف ڪيو وڃي، قاتلن کي گرفتار ڪيو وڃي.