مڪاڻي شريف (ن پ ا) ملڪاڻي شريف خيرپور گنبوه وايا خانشاهه روڊ ٽن ڏهاڪن کان تعمير نه ٿي سگهيو، مسئلو حل نه ٿيڻ تي ڳوٺاڻن جو احتجاجي مظاهرو. خيرپور گنبوه وايا خانشاهه روڊ گذريل ٽيهن سالن کان ناڪاره بڻيل هجڻ خلاف گذريل ڏينهن علائقي واسين خانشاهه روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو. علائقي واسين منظور چانڊيو، اميد علي چانڊيو، نور پنهور، ارباب پنهور ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته گذريل ڪيترن ئي سالن کان خيرپور گنبوه وايا خانشاهه روڊ نه ٺھڻ سبب هر روز ڪيترائي حادثا پيش اچن ٿا. برساتن دوران بيمار مريضن کي اسپتال پهچائڻ وڏو مسئلو هوندو آهي. چونڊيل نمائندن ۽ لاڳاپيل عملدارن اڳيان بار بار احتجاج باوجود بنيادي مسئلو حل نه ٿي سگهيو آهي. هنن مطالبو ڪيو ته ملڪاڻي خانشاهه روڊ هنگامي بنيادن تي تعمير ڪرايو وڃي.