حيدرآبادجي سول لائين جي ڊفينس پلازه واري علائقي ۾ گهر مان سماجي اڳواڻ فاطمه جتوئي جو لاش هٿ آيو، پوليس دعويٰ ڪئي آهي ته فاطمه جتوئي ڦاهو کائي آپگهات ڪيو. ڊاڪٽر جو چوڻ آهي ته فاطمه جتوئي جي ڳلي تي رسي يا رئي جي نشانن جي تصديق ٿي آهي، عورت جو موت ڦاهو اچڻ ڪري ٿيو آهي جسم تي تشدد جا نشان ناهن، معاملو آپگهات لڳي ٿو، اهڙي واقعي کانپوءِ سوشل ميڊيا تي پوسٽون شيئر ڪري معاملي جي جاچ جو مطالبو ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ غزالا چنڙ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته فاطمه جتوئي فيس بوڪ تي ڪيترن ئي عورتن جي گروپس ۾تمام گهڻي سرگرم ميمبر ۽ ايڊمن هئي جنهن جو لاش گهر مان هٿ آيو آهي، جيڪڏهن هن آپگهات به ڪيو آهي ته به معاملي جي جاچ ٿيڻ گهرجي. جنهن تي شوڪت علي سريوال لکيو ته تحقيق ڪرڻ لاءِ همٿ ڪرڻي پوندي، پوسٽ مارٽم جي شروعاتي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته تشدد جا نشان نه آهن ڳلي تي ڦاهي واري رسي جا نشان آهن، راشد رولاڪ لکيو ته شروعاتي جاچ موجب خودڪشي آهي.سانول ٿيٻو لکيو ته معاملي جي جاچ ڪرڻ گهرجي، مشتاق راڄپر، تاج سروهي، منير ڀرڳڙي، سردار نديم سرور، اي بي راٺوڙ، نذهت شيرين، فرحين مغل، عالم خان انڙ، شازيه آرائين، زيب سنڌي، عظما نوراني، عبيد صدر، ارسلان احمد عباسي، ڪامريڊ نظير قريشي، زاهد راڄر، غوث لغاري، سبين ميمڻ، اختيار علي گهمرو، نگهت لاکير، ڊاڪٽر بابر سومرو، حسين مسرت، عرض منگي، تنوير جوڻيجو، ملڪ جهانزيب، فرزانه ٻرڙو،شهناز لاکو، زاهد عباسي، فوزيه محسن، روبينه چانڊيو، آصف بالادي ۽ ٻين واقعي تي افسوس جو اظهار ڪندي جاچ ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو.انجنيئر ثانيه ميمڻ لکيو ته اسان جي معاشري ۾ سدائين عورتون خودڪشي ڇو ڪنديون آهن؟ امر سنڌو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته هن واقعي جي لازمي جاچ ٿيڻ گهرجي. جنهن تي انيلا ناز سومرو لکيو ته فاطمه جتوئي ڪامياب بيوٽي بلاگر هئي، مون کي حيرت آهي ته هوءَ ڪيئن خودڪشي ڪري سگهي ٿي.شميم بشير، سيما شيخ، سرور سيف، عتيه اسماعيل، ناهيد اختر واقعي تي افسوس جو اظهار ڪيو.