ٽنڊي محمد خان ۾ اغوا ڄاڻايل نينگر جو لاش هٿ

0
230

ٽنڊومحمد خان (ن پ ا) ٽنڊو محمد خان ۾ اغوا ڄاڻايل نينگر جو لاش هٿ، اٺين ڪلاس جي شاگرد بچو ڪولهي جو لاش گهر اڳيان موجود ڍنڍ مان هٿ ڪيو ويو، اطلاع تي پوليس پهچي لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو، نينگر جي وارثن طرفان کيس اجتماعي بدفعلي جو نشانو بڻائڻ بعد قتل ڪرڻ جو شڪ ظاهر ڪيو ويو آهي، پوليس کان واقعي جي جاچ ڪري ذميوارن کي گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي.