ٽنڊوغلام حيدر(ن پ ا)اڳوڻي تعلقي ناظم ٽنڊوغلام حيدر مرتضيٰ چانڊيو ٽنڊوغلام حيدر ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو تہ پيپلزپارٽي مخالفن ۾  منهنجي حوالي سان جيڪي پينا فليڪس سوشل ميڊيا تي وائرل ڪيا آھن انهن سان منهنجو ڪو تعلق ناهي غلط  افواه هلائي اسانجي خاندان ۾ وڇوٽيون پيدا ڪرڻ جي ڪوششون ڪيون پيون وڃن ٽائون ڪميٽي جي وارڊ نمبر چار بيٺل پ پ  اميدوار اميرسلطان چانڊيو منهنجو ڀاڻيجو آھي منهنجيون سڀ همدرديون ان سان گڏ آھن جن غلط عمل ڪيو آھي انهن خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي ويندي ان موقعي تي اميدوار وارڊ نمبر 4 امير سلطان چانڊيو  چيو تہ پ پ مخالف پنهنجي هار ڏسي وائڙائپ جو شڪار ٿي ويا آھن هٿ ٺوڪيا پينا فليڪس ٺھرائي جيڪو عمل ڪيو پيو وڃي اهئا ڪريل حرڪت آھي 24 جولاء تي سڀني کي خبر پئجي ويندي  عوام اسان سان گڏ آھي باقي ڪوڙيون افواهون ڦهلائيندڙن کي شڪست نصيب ٿيندي ان موقعي تي پ پ اڳواڻ ڊاڪٽر سجاد چانڊيو ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.