جاتي(ن پ ا) جاتي ۾ پ پ ۽ آزاد اميدوار آمهون سامهون آهن، جن پنهنجي ورڪ تيز ڪري ڇڏي آهي. ان ڏس ۾ پ پ تعلقي صدر ۽ ٽائون جاتي جي وارڊ نمبر ٻه جي اميدوار حاجي محمد قريشي پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته آئون پارٽي جو ذميوار تعلقي صدر آهيان مونکي پارٽي قيادت ٽڪيٽ ڏني آهي ۽ انشاءُ الله ڪاميابي ماڻي شهرين جي خدمت ڪندس،  ٻئي پاسي  وارڊ نمبر  2 جي آزاد اميدوار سيد علي اڪبر شاه  پنهنجي خبار سان ڳالهائيندي چيو ته آزمايلن کي وري نه آزمايو وڌيڪ پنهنجو قيمتي وقت ۽ ووٽ نه وڃايو نوجوان قيادت ۽ نوان چھرا اڳتي آڻي انهن نوجوانن جا حوصلا بلند ڪيو نوجوان اميدوارن کي پنهنجي خدمت ڪرڻ جو موقعو ڏيو نوجوان  توھان جي ضرور خدمت ڪرڻ ۾ ڪا به ڪثر ڪونه ڇڏينداوارڊ 2 جي عوام هميشا ڏکن سورن ۽ مشڪلاتن کي مونهن ڏنو آهي هن وارڊ جا ماڻهون بنيادي سهولتن ڊرنيج سي سي گٽيون توڙي پيئڻ جي پاڻي لاءِ سخت پريشان رهيا آهن هن وقت برسات پوڻ سان وارڊ 2 جي رهواسين جي گهرن ۾ گوڏي جيڏو پاڻي بيٺل آهي سالن کان گليون نه ٺهڻ ڪري هن علائقي جا ماڻهون ٻن کان ٽن فوٽن جي برسات جي گندي پاڻي مان گذرڻ تي مجبور آهن.