ٽنڊوالھيار (رپورٽر) گرمي وڌندي ئي ٽنڊوالھيار شھر جي نصرپور روڊ تي واقع پير ڪالوني جو رھواسي 20 ورهين جو علي رضا ولد شاھنواز شاھ پنهنجن پاڙي وارن دوستن سان گڏ نصير واھ ۾ ويھنجندي ٻڏي ويو، نوجوان جي لاش جي ڳولا لاءِ ٽوٻا گھرايا ويا پر لاش هٿ نه اچي سگهيو، ٻي طرف نوجوان جي ٻڏي وڃڻ تي وارثن ۾ ڪهرام متل آهي.