کوسڪي (ن پ ا) کوسڪي ويجهو ڳوٺ وڊڙي چڪ ۾ گھريلو پريشانين سبب نوجوان ناري زھريلي دوا پي ڇڏي، ڳڻتي جوڳي حالت ۾ بدين منتقل. خبر موجب کوسڪي ويجھو ڳوٺ وڊڙي چڪ ۾ گھريلو اڻبڻت سبب 22 سالن جي نوجوان ناري مارئي زال ڪرشن ڀيل جيت مار زھريلي دوا پِي خودڪشي جي ڪوشش ڪئي. واقعي بعد ناريءَ کي رورل ھيلٿ سينٽر کوسڪي منتقل ڪيو ويو، خودڪشي جي ڪوشش ڪندڙ ناريءَ کي ابتدائي طبي امداد کان پوءِ ڳڻتي جوڳي حالت ۾بدين جي انڊس اسپتال ريفر ڪيو ويو آهي.