ٽنڊو ڄام: رولو ڪتن جو ٻارڙي تي حملو، اک ضايع ٿيڻ جو خدشو

0
378

ٽنڊو ڄام (ن پ ا) ٽنڊو ڄام ويجهو رولو ڪتن ٻارڙيءَ کي ڏاڙهي وڌو، جنهن جو اک ضايع ٿيڻ جو خدشو آهي، ڳوٺ ابو طالب سپيو ۾ رولو ڪتن ستن ورهين جي رخسار خاصخيلي کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو، جنهن کي اسپتال نيو ويو، جتان کيس حيدرآباد منتقل ڪيو ويو آهي، ٻارڙيءَ جي امڙ جو چوڻ آهي ته رخسار جي اک ضايع ٿيڻ جو خدشو آهي، هن مطالبو ڪيو ته رولو ڪتن جي آزار مان جان ڇڏائي وڃي.