ٽنڊوآدم (ن پ ا) ٽنڊوآدم تعلقي اسپتال ۾ فوت ٿيل پيرسن جي وارثي تان خاصخيلي ۽ چانڊين ۾ تڪرار، فوتي جي سڃاڻپ ممون چانڊيو طور ٿي لاش پٽ حوالي. ٽنڊوآدم جي تعلقي اسپتال ۾ ٽن ڏينهن کان بيھوشي جي حالت ۾ داخل ٿيل لاوارث پيرسن رات دير سان فوت ٿي ويو، جنھن جي سڃاڻپ لاءِ سوشل ميڊيا تي پوسٽ ھلڻ کانپوءِ ڳوٺ باقر نظاماڻي جي خاصخيلي برادري جي ماڻهن سندس سڃاڻپ گل محمد عرف گلو خاصخيلي طور ڪري ۽ سندس ڀاڻيجي غلام فريد لاش وصول ڪيو ته ڳوٺ ٻڊو چانڊيو واسي چانڊيا برادري جا ماڻھو به پهچي ويا جن وري فوتي پيرسن جي سڃاڻپ محمد بخش عرف ممون چانڊيو طور ڪئي، ڌرين ۾ پيرسن جي وارثي تان ٿيل تڪرار نيڪ مردن جي مداخلت تي ختم ٿيو، فوتي جي سڃاڻپ ڳوٺ ٻڍو چانڊيو واسي الهوڌايو چانڊيو پنهنجي پيءُ ممون چانڊيو طور سڃاڻپ ڪئي، جنهن بعد پوليس لاش سندس پٽ حوالي ڪري ڇڏيو. پوليس پنھنجي پاران ايمولينس ڪرائي ڏني جنهن بعد وارث فوتي پيرسن جو لاش اباڻي ڳوٺ ٻڍو چانڊيو کڻائي ويا. وارثن موجب پيرسن پني گذرسفر ڪندو ھو جيڪو اڪثر گھر کان ٻاھر ھوندو ھو ٻئي طرف غلام فريد خاصخيلي ٻڌايو ته منھنجو مامو گل محمد عرف گلو خاصخيلي پڻ عيد کان وٺي گم آھي سندس شڪل ھوبھو فوتي جھڙي آھي ھن اختيارين کان مامي جي ڳولا ڪرڻ ۾ مدد جي اپيل ڪئي آھي.