سنڌڙي (ن پ ا) سنڌڙي جي کپرو ڪواٽر ڪالوني واسي 6 ورهين جو نينگر کپرو اهه ۾ ٻڏي فوت. کپرو جي ڪواٽر ڪالوني جو رهواسي 6 ورهين جو نينگر عبدالرحمان ولد عبدالستار کپرو واهه ۾ وهنجندي ٻڏي ويو، گڏ وهجندڙ ٻارن پاران اطلاع تي سندس وارثن کي اطلاع ڏنو، اڌ ڪلاڪ پاڻي ۾ ڳولا بعد نينگر جو لاش هٿ ڪيو، جنهن کي اسپتال کڻائي آيا جتي ڊاڪٽر نينگر جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي. لاش گهر پهچڻ تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو.