اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي شرعي عدالت ڪراچي ۾ 6 سالن جي نياڻي تجلي سان زيادتي کانپوءِ قتل ڪرڻ واري ڪيس جي جوابدار کي سيشن ڪورٽ پاران ڏنل موت جي سزا برقرار رکندي اپيل خارج ڪري ڇڏي، شرعي عدالت جي چيف جسٽس محمد نور مسڪان زئي تي ٻڌل فل ڪورٽ بينچ جوابدار محمد ارشاد جي اپيل تي ٻڌڻي ڪئي، وفاقي شرعي عدالت سيشن ڪورٽ جو موت جي سزا وارو فيصلو برقرار رکي ڇڏيو، جوابدار مٿان الزام هو ته هن 6 سالن جي نياڻي تجلي کي ورغلائي ان سان زيادتي ۽ کيس بعد ۾ قتل ڪري ڇڏيو.