سکر(بيورو رپورٽ) باگڙجي جي ڪچي ۾ 3 ڏينھن اڳ شفيق جتوئي ۽ ڪشمير جتوئي جي ڌرين ۾ جهيڙي وران فائرنگ ۾ شفيق جتوئي ڌر جو نوجوان ممتاز جتوئي مارجي ويو ھو، جڏهن ته ٻنهي ڌرين جا در محمد جتوئي، سجاد جتوئي، رانجهڻ عرف رانجهو، در محمد سميت ٻيا زخمي ٿي پيا ھئا، جھيڙي ۾ زخمي ٿيل ڪشمير جتوئي ڌر جو 30 ورھين جو نوجوان در محمد جتوئي زخمن جا تاب نه سھندي فوت ٿي ويو آھي.لاش پوسٽ مارٽم لاءِ باگڙجي اسپتال آندو ويو، جتان وارثن حوالي ڪيو ويو، ڌرين مورچا قائم ڪري ورتا آھن. پوليس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ڪيس داخل ڪرائڻ ڪو به ناهي پهتو، پوليس ذريعن موجب ڌرين ۾ سرڪاري ٻيلي کاتي جي وڻن جي واڍي تان جهيڙو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا فائرنگ ۾ مارجي چڪا آھن.