ٺٽو (رپورٽر) ٺٽي ويجھو درگاھ ستيون ۽ حضرت شاھ جھنڊو جو 2 ڏينھن وارو ساليانو ميلو پنھنجي پڄاڻي تي پھتو، ميلي جي ٻئي ڏينھن تي پڻ صبح ۽ شام جو 2 ڀيرا ملاکڙو ٿيو، ملاهه پهوانن ھڪ ٻئي کي ملھون دسي خوب داد ۽ انعام حاصل ڪيو. ڪامياب ٿيل ملهه پھلوانن سارنگ موسيٰ ملاح، شھباز حنيف ملاح، نور محمد، علي اصغر، واحد ملاح، محمد موسي ملاح، نواز ملاح، شيدو خليفو، حاجي ملاح، اختر بروھي ۽ ٻين کي انعامن سان نوازي سندن حوصلاافزائي ڪئي وئي.