ٺٽو (رپورٽر) سڄي سنڌ سميت ٺٽي ۾ لُڪ ۽ شديد گرمي باوجود حيسڪو ٺٽو جي عملدارن بجليءَ جي 16 کان 18ڪلاڪن اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو سلسلو شروع ڪري شهرين جي زندگي عذاب ۾ وجھي ڇڏي. ٺٽي جي حسيڪو انتظاميا 8 ڪلاڪن واري مقرر لوڊشيڊنگ باوجود غيرقانوني طور 16 کان 18 ڪلاڪن تائين اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ کي روز جو معمول بڻائي ڇڏيو آهي. گرميءَ ۾ اضافي بعد ٺٽي شهر، مڪلي ۽ ان جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ طويل اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ سبب عام وهنوار سخت متاثر ٿيو آهي. بجليءَ جي ڊگھي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ سبب شهرين جي گھرن ۾ پڻ پيئڻ جي پاڻي جو بحران بيدا ٿي ويو آهي. ساڳئي وقت شهر جي ڪاروبار کي پڻ ڪاپاري ڌڪ رسيو آهي. ٺٽي ۽ مڪليءَ جي شهرين نياز احمد، سليمان، وسيم، اعجاز احمد ۽ ٻين سخت گرميءَ باوجود 16 کان 18 ڪلاڪن تائين اڻ اعلانيل لوڊشيڊينگ تي شديد رد عمل ظاهر ڪندي چيو ته گرمين ۾ شدت ايندي ئي حيسڪو انتظاميا عوام کي رليف ڏيڻ بدران بجلي لوڊشيڊنگ ۾ اضافو ڪري جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي. هنن چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن غيرقانوني لوڊشيڊنگ وارو سلسلو جاري رهيو ته حسيڪو انتظاميا خلاف سخت احتجاج ڪيو ويندو.