چوھڙجمالي (ن پ ا) چوھڙجمالي لڳ درگاهه شاهه يقيق ۽ جلالي بابا جي درگاھن اڳيان حددخليون وڌي ويون. اوقاف چيف پاران ايس ايس پي سجاول کي والار جي خاتمي لاءِ ليٽر جاري ڪرڻ باجود قبضاگيرن خلاف ڪارروائي نه ٿي سگهي. خبر موجب چوھڙ جمالي ڀرسان حضرت شاهه يقيق ۽ جلالي بابا جون درگاهون ڪورونا ايمرجنسي سبب بند هجڻ جو فائدو وٺندي ڪجهه ماڻهن درگاهه جلالي بابا اڳيان دڪان ٺاهي ڇڏيا آهن. اوقاف مئنيجر بھاول خان لغاري ان حوالي سان رابطو ڪرڻ تي درگاھ جلالي بابا جي پلاٽ تي قبضي جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته ضلعي انتظاميا ۽ حد جي پوليس کي لکت ۾ آگاھ ڪري ڇڏيو آهي۽ اوقاف چيف کي پڻ ليٽر لکيو آهي جنهن ايس ايس پي سجاول کي قبضو خالي ڪرڻ لاءِ ليٽر لکيو آهي.