ٺٽو (رپورٽر) سول اسپتال ٺٽي جو ڊيوٽي ڊاڪٽر عورت جي قينچي ۽ ڇريءَ سان ڪيل مبينا طور حملي ۾ معجزاڻي طور بچي ويو، اطلاع تي پوليس پهچي ڊاڪٽر تي حملي ۽ اسپتال ۾ ڀڃ ڊاھ الزام عورت کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ٿاڻي تي ويهاري ڇڏيو آهي، ان ڏس ۾ سول اسپتال ٺٽو جي ڊيوٽي ڊاڪٽر گلزار احمد ٻڌايو ته هو مريضن کي ڏسي رهيو هو ته مٿس هڪ عورت ڇري ۽ قينچيءَ سان حملو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، اسپتال جي گارڊز عورت کي پڪڙي ورتو، هن چيو ته ساڳئي عورت هڪ سال اڳ اسپتال ۾ اچي ڊاڪٽر تي حملو ڪيو هو، ٻئي پاسي مڪلي ٿاڻي جي ايس ايچ او حسن پتافي ٻڌايو ته اسپتال جي ڊاڪٽر تي حملي ڪندڙ عورت جو ذهني توازن درست نه لڳي رهيو آهي، جاچ ڪيون پيا.