ميهڙ(ن پ ا) ميھڙ لڳ ڳوٺ ٺارو ڏيپر ۾ سڱاوتي معاملي تان ڏيپر برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو جھيڙي دوران ڏنڊا ۽ ڪھاڙيون لڳڻ سبب ھڪ ئي ڌر جا پنج ڄڻا زخمي ٿي پيا جن زخمين ۾ غلام قادر ڏيپر ،اوشاق علي ڏيپر ،محمد خان ڏيپر ،نبيداد ڏيپر ۽ وھاب ڏيپر شامل آھن زخمين کي تعلقه اسپتال ميھڙ ۾ علاج لاء داخل ڪيو ويو آهي جتي زخمين ۽ سندس جي وارثن ٻڌايو ته جوابدار دلدار ڏيپر ، عاشق ڏيپر، رستم ڏيپر،محبوب ،جاويد ڏيپر ۽ ٻين سڱاوتي معاملي تان اسان مٿان حملو ڪري ڏنڊا ۽ ڪھاڙيون ھڻي زخمي ڪيو آھي اسان سان ظلم ٿيو آھي جوابدار گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي جڏھن ته ٻئي ڌريون ويجھا عزيز ھجڻ ڪري ڇڪتاڻ وڌي وئي آھي پوليس پاران ڪا به ڪارروائي نه ڪئي وئي آھي.