حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد جي ڀٽي ڳوٺ واري علائقي ۾ ٻن ڌرين وچ ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿي پئي جنهن سبب پوليس اٽالن کي طلب ڪيو ويو. ٻڌايو پيو وڃي ته اهو واقعو سوشل ميڊيا تي غيراخلاقي مواد شايع ڪرڻ تان پيش آيو. ان دوران ڌرين ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي ۽ علائقي ۾ فائرنگ سبب ڏهڪاءُ به پکڙجي ويو. فائرنگ سبب ماڻهو پنهنجا دڪان ڇڏي ڀڄي ويا. بعد ۾ اطلاع تي پوليس پهتي ۽ ڇڪتاڻ کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي. واقعو پڃاري ٿاڻي جي حد ۾ پيش آيو جنهن کانپوءِ ڦليلي، ٽنڊو يوسف ۽ ٻين ٿاڻن جي موبائيلن کي طلب ڪيو ويو. ڪجهه ڌريون پوليس جي موجودگي ۾ به نعريبازي ڪنديون رهيون. ڪنهن جاني نقصان جو ڪو اطلاع نه مليو آهي البته واقعي سبب ماڻهن ۾ خوف ۽ حراس ڦهليل هو ۽ پوليس اٽالا رات دير تائين علائقي ۾ گشت ڪندا رهيا ته جيئن وڌيڪ تڪرار کي روڪي سگهجي. رينجرز کي به علائقي ۾ طلب ڪيو ويو هو ۽ رينجرز جون ڪجهه گاڏيون اهلڪارن سان گڏ رات دير تائين بيٺل رهيون. واقعي سبب علائقي ۾ ٽريفڪ جو نظام به سخت متاثر ٿيو.