ٺل (ن پ ا) ٺل جا 5 مغوي نه موٽيا،وارثن پاران   پاڪ ڪتاب جو ورد جاري، ان ڏس ۾  ٺل مان هڪ هفتي اغوا ٿيل 5 مغوي نوجوانن خان محمد جمالي، عبدالرشيد جمالي، اصغر ڀنگر عبدالسميع کوسو ۽ سراج کوسو بازياب نه ٿي سگهيا آهن، جنهن ڪري مغوين جي گهرن ۾ ڪهرام متل آهي،سراج کوسو ۽ عبدالسميع کوسو جي وارثن کان ڌاڙيلن پاران 30 لک ڀنگ طلب ڪيو هو، جڏهن ته خان محمد جمالي،عبدالرشيد جمالي،اصغر ڀنگر جي وارثن کان 50 لک ڀنگ طلب ڪرڻ بعد مغوين جا وارث پريشاني ۾ ورتل آهن،  ان حوالي سان  مغوين جي وارثن امان الله ڀنگر،مريد جمالي ۽ ٻين چيو ته اسان جي نوجوانن جي بازيابي لاءِ  پوليس ڪجهه ناهي ڪيو،  ايترا پئسا ڪٿان آڻيون جو ڀنگ ڏئي نوجوانن کي بازياب ڪرايون، هنن مطالبو ڪيو ته مغوي نوجوان بازياب ڪرايا وڃن، ٻي طرف  ايس ايچ او اي سيڪشن ٺل ٻڌايو ته مغوين جي موبائيل نمبر ٽيس ڪرڻ  لاءِ جاچ ڪئي پئي وڃي.