ٺري ميرواھ (ن پ ا ) ٺري ميرواھ جي ڳوٺ محمد پريل شر ۾ جوابدار جنسار شر 7 ورهين جي ثمرين ڌيءُ عبدالرزاق شر سان زيادتي ڪوشش ڪئي. پوليس چيڪ اپ لاءِ ليٽر جاري ڪري ميڊيڪل لاءِ ٻارڙي کي ٺري ميرواھ اسپتال اماڻي ڇڏيو. پوليس سوئي گئس لڳ هڪ جڳهه تي ڇاپو هڻي جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو. ٺري ميرواھ ٿاڻي تي ٻارڙي جي امڙ نجيب خاتون جي فرياد تي جوابدار جنسار شر خلاف زيادتي ڪوشش جو ڪيس داخل ڪيو ويو آھي.